Sunday 2 April 2017

انٽرويو ڊاڪٽر ظفر عباسي : قرت العين سومرو - Quratul Ain Soomro




سنڌي ليڪک ڊاڪٽر ظفر عباسي سان ڱالھ ٻولھ 
انٽرويو ڪندڙ : قرت العين سومرو

تعارف:  ظفر عباسي ڊاڪٽر هئڻ سان گڏ شاعر ، ڪهاڻيڪار ، ناول نگار ، ڪالم نگار پڻ آھي
 پورو نالو ظفر الدين عباسي ( ڪلهوڙو ) آهي جڏهن ته ظفر عباسي سندس ادبي نالو آهي ، عباسي 2 اپريل 1964ع ۾ آباد تعلقو ڪنڊيارو ۾ جنم ورتو جتان هن ابتدائي تعليم پڻ حاصل ڪئي۔ ان کان پوء 83 ۾  lmc ۾ داخلا ورتي جتان mbbs جي ڊگري حاصل ڪئي
ڊاڪٽر ظفر عباسي محقق ، صحافي ۽ پبلشر طور  به  سڄاتو وڃي ٿو ۽ هڪ ايڊٽر طور پڻ ڪم ڪري چڪو آھي، ادبي ڪرير جي شروعات هن 1978ع کان ڪئي، 2007ع تائين هن جا 10 ڪتاب ڇپيا جنهن ۾ ڪهاڻين جي مجموعن سان گڏ شاعري ۽ تحقيق جا ڪتاب شامل آهن

سوال : اوھان جو بچپن ڪٿي گذريو، ۽ ابتدائي تعليم جو احوال تفصيلن ٻڌايو ؟

ج : مون جو بچپن ڪنڊياري ۾ گذريو، ڪنڊياري جي گهٽين ۾ ئي راند روند ڪئي ۽ پوء محنت مزدوري ڪري اڳتي وڌياسين ، پرائمري کان انٽر تائين جي تعليم گورمينٽ پرائمري سڪول ڪنڊيارو، هائي اسڪول ڪنڊيارو  ۽ گورمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان حاصل ڪئي، ان دور ۾ 6 7 8 ۾ ڪلاس هوندا هئا اي بي ۽ سي سيڪشن انهن ۾ فرسٽ پوزيشن ايندو ھئس ، انٽر کانپوء 1983ع ۾ وڌيڪ پڙھائي آيس ڄامشوري  ھليو  جتي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾  mbbs ۾ داخلا ورتي۔ 

سوال : ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟

ج: ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق نه هو ، ادبي ماڻھو هئس انڪري ادب سان ئي شوق ھو پر والدين ۽ استادن جي خواھش ھئي ته ڊاڪٽر ٿيان انهن جي خواهش اڱيان سمجهوتو ڪيو ۽ هاڻي مون کي لڱندو آھي ته اهو بهتر فيصلو هو

سوال : ادب ۾ دلچسپي ڪئين ٿي ۽ لکڻ جي طرف رجحان  ڪئين  ٿيو ؟  

ج : منهنجو والد صاحب لوڪ ڪهاڻين جا ڪتاب پڙھي بڌائيندو هو  سڀ ڀاتي ٻڌندا هئاسين اتان کان منهنجي ادب ۾دلچسپي ٿي ، ان طرف رجهان ٿيو ته ڪهاڻيون ٻڌجن پوء ڪهاڻيون پڙهڻ جو شوق ٿيو پڙهڻ کان پوء آھسته آهسته لکڻ  جو شوق ٿيو پوء ائين نثري ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون۔

سوال : پهرين لکڻي ڪڏهن  ڇپي؟ 

ج : 8 درجي کان ادب جي پاسي لاڙو ٿيو ته پڙهائي ۾ ٿورو گهٽ ٿيم ، 1979ع ۾ مئٽرڪ ڪلاس ۾ هيم ته منهنجو  پهريون ڪهاڻين جو مجموعو  ٰ گهرا گهرا گهاوٰ  جي نالي سان شايع ٿيو۔
انٽر ۾ ھيم ته ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ٰ تارا تارا هيٽھٰ  جي نالي سان ڇپيو۔ وري 1982ع ۾ ٽيون ڪهاڻين جو مجموعو ڇپيو جنهن جو اعنوان  هو ٰ  سوال چھرا جواب چھرا ٰ  

سوال : شروعات توهان نثر کان ڪئي ۽ جئين ته گهڻي وقت تائين توهان ادب جي ان ئي صنف تي لکيو پوء شاعري ڪرڻ تي ڪهڙي شيء توهان کي اتساھ ڏنو؟ 

ج : شاعري سان منهنجي شروع کان نه پوندي هئي پر جڏهن پبليڪيشن ادارو کوليو ته پوء مجبوري پيدا ٿي ، ماڻھو جڏھن شاعري لکي موڪليندا هئا ته لکندا ھئا غزل پر غزل هوندو نه   هو ، يا لکندا هئا نظم پر هوندو نه هو، پوء مون کي ٿيو ته اها خبر ڪئين پئي ته هي غزل يا نظم واقعي آھي 
يا نه پوء پهرين رھنمائي مون پنهنجي استاد کان ورتيته مونکي شاعري جي صنفن سان تعرف ڪرايو جيڪي شاعري جون مروي صنفون هيون انهن کان اگاهي استاد سکيا خان ۽ ٻين استادن ڏني پر صنفون گهڻيون هيون تنهنڪري ضرورت محسوس ٿي ته هڪ اهڙو ڪتاب هجي جنهن ۾ ان سڀن صنفن جي ڄاڻ هجي۔
ان ضرورت کي محسوس ڪندي مون هڪ ننڍڙو ڪتاب لکيو ٰ ٰشاعري جون صنفونٰ ٰ  پوء اهو فوٽو اسٽيٽ ڪرائي اتي ڪنڊياري ۾ جيڪي دوست شاعري ڪرڻ چاھيندا ھئا انهن کي ڏيندا ھئاسين ۽ مان به ان مان ئي سکندو ھئس ،مون شاعري لکڻ جي شروعات اداري کولڻ کان پوء ڪئي

سوال : پبليڪشن اداري کولڻ جو خيال ڪيئن آيو ؟

ج : 1979ع ۾ جڏهن منهنجو پهريون ڪتاب ڇپيو ته خيال آيو رگو پنهنجو ڪتاب نه ڇپجي ٻين کي به موقعو ڏجي ، پوء ساهتي پبليڪيشن جي نالي سان اداري جي شروعات ڪئي جنهن ۾ مون جو استاد سکيا خان چنا هو جنهن جي سربراهي ۾ مون پبليڪيشن جي شروعات ڪئي جنهن مختلف دوستن ۽ ليکڪن جا ڪتابن جا مجموعه ڪهاڻيون ۽ شاعري ڇپجڻ لاء ايندا هئا

سوال : اداري بند ڪرڻ جا ڪهڙا سبب هئا؟؟

ج : جيئن ته پبليڪيشن ادارو مون پڙهائي جي دوران ئي کوليو هو ، ان وقت ذهن ۾ اهو به هيو ته ڊاڪٽر ٿيڻو آهي جنهن  ڪري اداري  تي ايتري توجهه نه پيو ڏئي سگهان ان زماني ۾ ڪتاب کپائڻ جو ۽ رسائي جو ڪو نيٽ ورڪ نه هو جنهن جي ڪري سال ۾ سرف هڪڙو ڪتاب ڏئي سگهندا هئاسين 1979ع کان 1983ع تائين ادارو هليو پر جڏهن ڪنڊيارو ڇڏي ڄامشورو ڊاڪٽري جي پڙهائي لاء آيس ته اداري کي جاري نه رکي سگهيس

سوال : اسان جي معاشري ۾ هڪ ڊاڪٽر ۽ هڪ اديب جو ڪهڙو ڪردار آهي 

ج : ڊاڪٽر ۽ اديب ٻنهي جو ڪردار مسيحائي آهي ، پر اسان جي بد قسمتي اها آهي ته اهي ٻئي پنهنجو ڪردار وساري ويا آهن نه اديب ٿو پنهنجو اصل ڪردار ادا ڪري نه وري ڊاڪٽر، اديب پنهنجي نالي ۽ واه واه ۾ پورو  آ ته  ڊاڪٽر پنهنجي پئسي ميڙڻ ۾ پورو آ مسيحائي شعبو ڄڻ اسان کان کسجي ويو آ ۽ اهو وڏو سانحوآهي 

سوال : اوهان  ڊاڪٽر بهترين آهيو يا اديب  ؟

ج: اديب واري حيثيت سان ته فيصلو پڙهندڙ ڪندا مون کي خوشي اها آهي ته جيڪي ڪتاب منهنجا ڇپيا انهن مان ڪجهه ڪتاب اهڙا آهن جيڪي 2000 ڇپيا جيڪي اڄ به مارڪيٽ ۾ ملن نه پيا ان مان لڱي ٿو ته پڙهندڙ منهنجي لکڻ کي پسند ڪيو تڏهن مو مون جا ڪتاب مڪمل کپي ويا باقي گهڻي کان گهڻي ڪوشش منهنجي اها ئي هوندي آته شاعر ۽ اديب سان گڎ بهترين ڊاڪٽر هجان۔

سوال : پنهنجي سروس بابت ٻڌايو ؟

ج : هن وقت مان ميمڻ چيرٽي اسپتال لاطيف آباد ۾ پرائيويٽ ڊيوٽي ڪري رهيو آهيان او پي ڊي ۾ ۽ ان کان علاوه پنهنجي ڪلينڪ آھي  

سوال : ڊاڪٽري  واري شعبي ۾ هوندي توهان کي ڪهڙين مشڪلن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو 

ج : هڪ مريض جي ايڪاناميڪل صورتحال ڪڏهن ڪڏهن  ڪو اهڙو مريض اچي ويندو آ جنهن جي مرض جو علاج ان جي وس کان ٻاهر هوندو آ ته ان شيء کي فيس ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آ ، ٻيو مڊيڪل جي ڄاڻ پوري هوندي ۽ مڊيڪل جي ايتري ترقي کان پوء به ڪجه تڪليفون اهڙيون هونديون آهن جن جو علاج اسان وٽ فوري طور تي ناهي هوندو ته اها گاله به ڌاڍي تڪليف ده لگندي آهي

سوال : پڙھندڙن لاء ڪو پيغام ؟

ج : پڙهندڙن لاء پيغام اهو ئي آھي ته جيڪو به جنهن به شعبي ۾ وڃڻ چاھي ٿو ته هو ان شعبي سان انتهائي پر خلوص ٿي ۽ سچائي سان پنهنجون سموريون ڪوششون ان لاء استعمال ڪري ۽ ان ۾ ئي مهارت حاصل ڪري اها ان صلاحيت ٿيندي ۽ ان جي صلاحيت جو هٿيار جڏجن هن وٽ ھوندو ته هن لاء شعبو  انتهائي آسان ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو۔

Qurat-ul-ain Soomro
Bs part : 3 
2k15/mc/119

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi, at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh