Thursday 23 March 2017

سنڌ ۾ لائبررين جو قيام : شيرزمان کوسو - Sher Zaman Khoso


شيرزمان کوسو
آرٽيڪل
BS Part 3
2K15/MC/82  
سنڌ ۾ لائبررين جو قيام
ڪنهن به قوم جي ترقي جو دارومدار ان جي تعليم تي آهي، جيڪڏهن اسان ترقي يافته ۽ ترقي پذير قومن جي ڀيٽ ڪنداسين ته اسان کي ٻنهي ملڪن جي تعليم ۾ هڪ وڏو فرق نظر ايندو. ترقي يافته ملڪ تعليم تي گهڻو ڌيان ڏئي ڪيترائي تعليمي ادارا قائم ڪندي انهن ۾ ٻيون  سوين سهولتون فراهم ڪندا آهن، جن ۾ لائبرري تمام اهم آهي. پنهنجي قوم کي تعليم ڏيڻ ته هر ملڪ جو اهم رجحان رهيو آهي پر ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اتي لائبررين جو قيام تمام اهم آهي. ڇو ته ڪنهن به قوم جون لائبرريون ان قوم جي تاريخ، ثقافت، قيمتي نسخن، ٻولي ۽  سموري ورثي جون محافظ گاه آهن.
هن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ جي ترقي جو دارو مدار تعليم تي آهي، جڏهن ته معياري تعليم جي ضمانت لائبرري آهي. هن وقت سنڌ ۾ ڪيترائي ڳوٺ تعليم کان وانجهيل آهن ته ٻي طرف جتي ٿوري گھڻي تعليم آهي، اتي جا شاگرد لائبرري جي سهولت کان محروم آهن. هڪ پاسي لائبرريون ته موجود آهن، پر اهي بلڪل ناڪاره بڻيل آهن. حڪومت جي گهٽ توجه سبب سنڌ ۾  موجود لائبررين جي انتظاميه به بي حسي جي ور چڙهيل آهي. هن وقت سنڌ جي ڪاليجن ۾ لائبررين 17 گريڊ جون ڪيتريون ئي سيٽون خالي پيل آهن ۽ انهن ۾ پروفيشنل لائبررن جي نه هئڻ ڪري اهي لائبريرون غير فعال ۽ بي لاڀ بڻيل آهن. اتان جا شاگرد ڪتابن جي مطالعي کان محروم آهن. انهن لائبررين ۾ هميشه ڪتابن جي کوٽ رهي آهي. جڏهن ڪتابن جي گهٽتائي بابت اتي جي انتظاميه کان پڇيو وڃي ٿو ته اهي فنڊ نه ملڻ جو سبب ڄاڻائين ٿا ۽ جڏهن شاگردن کان انتظاميه بابت سوال ڪيا وڃن ٿا ته اهي حڪومت سان گڏوگڏ انتظاميه کي قصور وار ٺهرائين ٿا. جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سرڪار لائبررين جي قيام ۾ ڪڏهن به دلچسپي ناهي ورتي.
تعليمي ايمرجنسي سنڌ جي تعليم کي معياري بڻائڻ لاءِ هڪ بهترين قدم آهي. سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي کان پوءِ بايومئٽرڪ ئي اهڙو عمل آهي، جنهن تي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ عمل ٿي رهيو آهي، پر تعليمي ايمرجنسي ۾ لائبررين طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي اسان جي سول سوسائٽي جي ليکڪن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ ٻين سڄڻ ڌرين احتجاجن ۽ ڌرڻن ذريعي حڪومت کان لائبررين جي ڪڏهن گهر ڪئي آهي. جنهن مان اها ثابتي ملي ٿي ته اسان جي معاشري جو سنجيده طبقو به لائبررين جي حوالي سان خاموش آهي. تعليمي ايمرجنسي ۾ لائبرري کي سنڌ جي هر ڪاليج جو حق مڃيو وڃي ۽ ان جي فراهمي لاءِ جلد کان جلد عملي قدم کنيا وڃن.   
 سنڌ جي ننڊن شهرن ۾ لائبررين جو ڪو وجود ئي ناهي، جنهن جا اثر معاشري جي ڪيترن ئي فردن تي پون ٿا، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر غريب شاگرد ٿئي ٿو. ڪتابن جي خريداري هيٺين طبقي جي شاگردن جي وس جي ڳاله ناهي.  آخر اهي شاگرد پنهنجي علمي ضرورتن جي پورائي ڪٿان ڪن؟ لائبرري جي نه هجڻ تي معاشرو ڏينهون ڏينهن ذهني مريض بڻجندو وڃي. هڪ ڪاليج لاءِ هڪڙي لائبرري ته پري جي ڳالهه آهي پر چار کان پنج ڪاليجن کي گڏائي به هڪڙي لائبرري جي سهولت نه ٿي ڏني وڃي. جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو هزارين شاگرد ڪتابن جي مطالعي کان محروم ٿيو وڃن.
ضرورت هن عمل جي آهي ته تعليمي ايمرجنسي ۾ لائبررين کي اهم جاءِ ڏني وڃي. پهرين ته جتي لائبرريون موجود آهن اتي ان لائبررين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ان کان بعد جتي به ڪاليجن ۾ لائبرري جي سهولت ناهي، اتي انهن جو قيام عمل آندو وڃي ته جيئن سنڌ جي نوجوانن کي ادب، تاريخ، فن، ثقافت، ٻولي ۽ قوم جي هر پهلو بابت ڄاڻ ملي سگهي ۽ شاگردن سان گڏ نوجوان طبقو لائبررين ۾ ويهي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ غير اهم سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي بدران معاشري جي سڌاري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. يا ائين نه ٿي جو اسان جي معاشري جا فرد پنهنجي علمي، ادبي، ثقافتي، تاريخي ۽ تهذيبي حيثيت وساري ڇڏين. ان لاءِ سرڪار اڪيديمڪ لائبررين کي قيام ۾ آڻي، جڏهن ته سول سوسائٽي پنهنجي وس آهر پبلڪ لائبررين جي قيام لاءِ عملي قدم کڻي.

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi, at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh


سنڌ جا نوجوان ۽ سي ايس ايس : ياسر سوڍر - Yasir Sodhar


سنڌ جا نوجوان ۽ سي ايس ايس
آرٽيڪل
ان ۾ ڪا شڪ جي ڳالهه نه آهي ته سنڌ جي تعليم ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام پٺ تي پيل آهي غربت، حڪومت جي لاپرواهي ۽ استادن جو سياسي ۽ رشوت جي بنيادن تي غيرقانوني ڀرتيون سنڌ جي تعليم جي تباهي جو اهم سبب آهن. خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ جا علائقا متاثر آهن جتي پهريائين تعليم جي کوٽ آهي ۽ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. انهن جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ انتهائي مشڪل هوندو آهي. ان هوندي به سنڌ جا نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت تعليم پرائين ٿا ۽ سخت محنت ڪري پنهنجو، پنهنجي والدين جي ۽ علائقي جو نالو روشن ڪري مان مٿانهون ڪن ٿا اسان جي معاشري جي هڪ روايت آهي ته جڏهن ڪو شاگرد ڪامياب ٿيندو آهي ۽ ڪنهن مقام تي پهچندو آهي ته اتان جا علائقي واسين انهن مان متاثر ٿي پنهنجي اولاد کي به پڙهائڻ ۾ ڌيان وڌائين ٿا ته جيئن هو پڙهي ڪامياب ٿيو آهي ائين ئي سندن اولاد به پڙهي ۽ ڪنهن مقام تي پهچي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪالهه سنڌ جا نوجوان سي ايس ايس لاءِ جاکوڙي رهيا آهن ۽ هر ممڪن وس ۽ محنت آهر امتحان ۾ ويهن ٿا انهن مان ڪجهه ڪامياب ٿين ٿا ۽ ڪي وري اميد جي ڪرڻن ۾ بيهي پنهنجي قسمت ۽ محنت تي يقين رکي وري نئين سر ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن هو سي ايس ايس جي امتحان ۾ ڪامياب ٿي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪري سگهن.
سي ايس ايس جا امتحان جن کي چٽاڀيٽي جا امتحان به سڏيو ويندو آهي، هي امتحان سڀني تعليمي امتحانن کان با لا اثر حيثيت رکن ٿا ۽ هن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ۽ جذبي جي ضرورت هوندي آهي، جيڪو هن ۾ڪاميابي ماڻي ٿو ته ان کي آفيسر شاهي جو مقام ملي ٿو وڃي، اهو ئي سبب آهي ته هر شاگرد جي خواهش هنن امتحانن ۾ ڪامياب ٿيڻ هوندي آهي. ملڪ جي ٻين صون جيان سنڌ ۾ به سي ايس ايس جو رجحان وڌنڌو پيو وڃي، هر سال وڌنڌو رهي ٿو هر سال شاگرد هن امتحان ۾ حصو وٺن ٿا پر ڪي ڪامياب ٿين ٿا. ته ڪي وري نئين اميدن سان ڪوششون جاري رکن ٿا. هر سال هي انگ تبديل ٿيندو رهي ٿو ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌيڪ رهيو آهي، سال 2009 ۾ سنڌ مان 98 اميدوار ڪامياب ٿيا جن مان 69 جو تعلق ٻهراڙي ۽ 29 جو تعلق سنڌ جي شهري علائقن سان هو._2010 جي سي ايس ايس امتحانن۾ 34 شاگرد ڪامياب ٿيا. جن مان 21 جو تعلق ٻهراڙي واري علائقن ۽ 13 جو تعلق شهري علائقن سان هو. سي ايس ايس جان امتحان سال 2011 لاءِ سنڌ جي ڪامياب ٿيل 97 اميدوارن مان 55 جو تعلق ٻهراڙي ۽ 42 جو تعلق شهرن سان هو_ سال 2013 جي امتحانن ۾ ڪامياب ٿيل شاگردن جو انگ گڻتي جوڳو آهي جنهن ۾ فقط اميدوار 22 ڪامياب ٿيا._2015 وارن امتحانن ۾ پوري پاڪستان جي 12176 شاگردن حصو ورتو جنهن مان 379 اميدوار پاس ٿي ڪامياب ٿيا، 379 مان 237 اميدوارن جو تعلق پنجاب ، 62 اميدوارن جو تعلق سنڌ،47 جو تعلق خيبرپختونخواهه،7 گلگت۽ 6 جو تعلق بلوچستان سان هو . شهري علائقن کان ٻهراڙي وارن علائقن جي ڪاميابي جو انگ هر سال وڌيڪ هوندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ جي آبادي 70 سيڪڙو ٻهراڙي ۽ 30 سيڪڙو شهري علائقن تي ٻڌل آهي هنن انگن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هاڻ سنڌ جا نوجوان اڳتي اچي رهيا آهن پر ڪجهه اهڙا شاگرد آهن جيڪي هنن امتحانن کي تمام گهڻو سنجيده وٺندا آهن ۽ سوچيندا آهن ته هنن ۾ ڪامياب ٿيڻ انتهائي مشڪل آهي سي ايس ايس جي امتحانن ۾ گذريل ڪجهه عرصي ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيو ويون آهن جن ۾ عمر جي حد جيڪا پهرين 24 سالن کان 28 سال هئي .جيڪا  هاڻي وڌائي 30 سال ڪئي وئي آهي. هي هڪ خوشي جهڙي ڳالهه آهي، پر امتحان ۾ ويهڻ جا موقعا صرف 3 ڀيرا فراهم ڪيا ويندا آهن. جيڪو سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن جي  محنتي شاگردن جي لاءِ مشڪل آهي، سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي علائقا آهن جتي تعليم جو رجحان تمام گهٽ آهي ۽ اتان جي خواهشمند اميدوارن لاءِ ڏکيو آهي.ته هو ٽن موقعن ۾ ڪامياب ٿين،ٿيڻ ائين کپي جو هر شاگرد لاءِ 5 موقعا فراهم ڪيا وڃن جيئن هو ان قابل بڻجي وڃن ۽ پنهنجي محنت جاري رکي سگهن ٻي وڏي تبديلي اها آهي ته 2018 کان سي ايس ايس جا پرچا قومي ٻولي اردو ۾ ورتا ويندا هي هڪ خوش آئند ڳالهه آهي ته اسان جي  قومي ٻولي اردو جيڪا انگريزي جي اثر هيٺ هلندي هئي سا هاڻي  هن قدم کڻڻ سان اردو کي فروغ حاصل ٿيندو ۽ هميشه زنده رهندي ۽ اميدوار پڻ هن کي وڏي چاهه سان سکندا چاهي هو ملڪ جي ڪهڙي به علائقي سان واسطو رکندو هجي.

سي ايس ايس ۾ هڪ ٻي تبديلي سامهون آئي آهي ته هڪ ڏينهن تي ٻه پرچا ورتا ويندا، جيڪا اسان جي نوجوانن لاءِ هڪ ڏکيائي پيدا ڪري سگهي ٿي ته  هڪ ڏينهن تي ٻه پرچا  ڪيئن حل ٿي سگهندا، اميدوارن تي هڪ نفسياتي دٻاءُ پوندو، جڏهن هڪ پرچو ڏيندا ته انهن کي ٻي پرچي جي سوچ ستائيندي ان سان ڪنهن حد تائين اميدوارن جي دماغ ۽ پرچن تي اثر ٿي سگهن ٿا. اهو ٿيڻ نه کپي ته هڪ پرچو صبح جو ۽ٻيو شام جو  ٿئي.اڄ ڪلهه  اسان جي سنڌ جا پڙهيا لکيا نوجوان وڏي آواز سان دانهون ۽ رڙيون ٿا ڪن ته سنڌ ۾ بيروزگاري آهي اها ته مڃيل ڳالهه آهي پر جڏهن اسين هڪ نظر آفيسر شاهي جي طبقن تي وجهون ته ان جون ڪيتريون ئي جايون هر سال خالي پيون وڃن پر اسان جا نوجوان ان طرف ڌيان ئي ڪونه ٿا ڏين سي ايس ايس جهڙيون اعليٰ ۽ اهم نوڪريون ڇڏي اسان جا نوجوان بس اهي نوڪريون ٿا ڳولين جنهن ۾ سندن پيٽ گذر ٿئي جنهن ۾ سپاهي ، ماستر ۽ ڪلارڪ وغيره اچي وڃن ٿيو. اسان جو پڙهيل لکيل طبقو بک ۽ بدحالي جون دانهون ڪندي به سنڌ جي حڪمراني لاءِ تيار نه آهن هر سال ٻين صوبن جا آفيسر سنڌ جي مختلف شعبن تي مقرر ڪيا پيا وڃن جن ۾ سي ايس ايس آفيسرن جووڏو تعداد آهي ان هوندي به سنڌ جون ڪيتريون ئي جايون خالي پيل آهن جن کي ننڍي سطع  جا عملدار بنا 
ڪنهن ڄاڻ جي هلائي رهيا آهن. 


This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi, at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh


آرٽيڪل ، سنڌي ٻولي کي ٿيندڙ نقصان

آرٽيڪل
عبدالسبحان جمالي
بي ايس پارٽ 3
2k15/MC/05
سنڌي ٻولي کي ٿيندڙ نقصان
دنيا ۾ هر انسان توڙي جانور پکي توڙي پکڻ يعني هر جاندار جي پنهنجي ٻولي هوندي آهي انهي ٻولي يا  آواز سان هو هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا آهن ۽ سمجهن ٿا سڻائين ٿا. ائين انسانن کي به پنهنهجي ٻولي آهي اهو رنگ نسل يا ماڻهن جي رهڻي تي ناهي پر ٻولي قديم زماني کان قومن کي ورثي ۾ مليل آهي.وقت سان گڏوگڏ هر شئي جي ارتقا جي طرف وڃي پئي پوءِ اها رهڻي ڪهڻي ٻولي هجي هر ڳاله وقت سان گڏ نئون رخ وٺندي رهندي آهي ۽ ائين ريتون رسمون بدلجنديون رهيون آهن نواڻ انسان ذات کي هونئي به هميشه کان پسند رهي آهي جيڪا وقت جي ضرورت به آهي پوءِ به ڪجھ شئين کي سانڍڻوپوندو آهي جن ۾ ٻين سڀني کان ٻولي اول آهي جيڪا اسان ڪنهن حد تائين نه سانڍي سگھيان سين.
 اسان جي ڪوتاهين جي ڪري اسان جنهن شئي کي اصلي حالت ۾ نه سنڀالي سگھيا آهيون اها ٻولي آهي. انهي جا ڪيترائي سبب آهن مثلن عام ماڻهن جو پنهنجي ٻولي لاءِ رويو ان کي ڌڪ هڻي رهيا آهن ڌارين ٻولين جا ڪيترائي لفظ اسان جي سنڌي ۾ ائين استعمال ٿين پيا جيئن اهي هجن ئي اصل سنڌي جا پر هن دور ۾ هڪ ٻولي ٻي ٻولي تي اثر انداز ٿيڻ فطري آهي انهي جڳ مقصد اهو نه آهي ته اسان جي ٻولي ۾ اهي لفظ نه آهن ته اسان جي ٻولي ۾ اهي لفظ هوندي به اسان اهي استعمال نه ڪيو ۽ ٻين ٻولين جا لفظ ڪتب آڻيون.هن جديد دور ۾ اسان وٽ هر نيون شئيون دريافت ٿين ٿيون پر ائين ناهي ته انهن کي ڌارين جي ٻولي ۾ ئي سڏيو وڃي هالانڪ انهن جا نالا اسان جي سنڌي ۾ هوندي به نٿا استعمال ڪيو اهو هٿ سان ٿا پنهنجي ٻولي وساريون ٿا.
اسان جي نوجوان طبقو ماڊرن ٿيڻ جي شوق ۾ پنهنجي ٻولي کي عجيب صورتحال جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي، جيئن سنڌي ۾ لفظ موڪل آهي پر هاڻي (ڇٽي) چئبو آهي،ائين برسات بارش (مينهن)، ڇوٽو(ننڍو)، گڙيا (گڏي) ،اگر (جيڪڏهن) انار (ڏاڙهون) پودينو (ڦو دنو) دوپٽو( رئو يا گندي) لڙائي (ويڙھ) خون(رت) انڊو (آنو) دهي (ڏهي) چيز(شئي) منهن (وات) دوباره (ٻيهر) انڌيرو (اونده) ۽ ڀيڙ (رش) جيئن ٻيا الائي ڪيترائي اهڙا لفظ اسان روزمره پنهنجي ٻولي ملائي استعمال ڪري رهيا آهيون اهي لفظ هاڻي پنهنجي سڃاڻپ وڃائيندا پيا وڃن ۽ ٻيا الائي ڪيترائي اهڙا لفظ جيڪي آخري پساھ کڻن پيا.
ٻولي سان جيڪا جٺ صرف اها ناهي پر ٻيا الائي ڪيترائي جملا به پنهنجا وجود وڃائي ويٺا مثلن ڪيان ٿو  (ڪريان ٿو) کايان ٿو  (کاوان ٿو) ڍڪان ٿو ( ڍڪيان ٿو) ڪرو ( ڪيو) ۽ ٻيا کوڙ لفظ آهن جيڪي اڄ جو نوجوان  ڳالهائي ٿو ۽ انهن کي ئي صحيح سمجهي ٿو.

اهي سڀ فڪر گھٽ ناهن پر جڏهن اسان پنهنجي نئي ٽهي ڏانهن ڏسون ٿا ته انهن جي لا پنهنجي ٻولي سمجهڻ ،لکڻ يا پڙهڻ اتري ڏکي جيئن ڪنهن اڻ پڙهيل لا ڪتاب پڙهڻ ٻولي ۾ جيڪا ملاوٽ انگريزي ڳالهائي پيدا ڪئي وئي آهي اهو رنگ وري صفا ڌار آهي، پر ان ۾ ايترو ضروري آهي جو ٻين ٻولين يعني انگريزي لفظ جي سڃاڻپ ڪرڻ اسان کي آهي جي شروعات  جي ڳالھ ڪجي ته مختلف نظرين جي مطابق سنڌي مختلف ٻولين کان ٿيندي هاڻي وارو سنڌي جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي .ڪن نظرين مطابق سنڌي ڪنهن به ٻولي سان ناهي نڪتي ۽ موهن جي دڙي جي ٻولي مان آهي جيڪا قديم سنڌي ،وچين سنڌي ، موجوده دور واري سنڌي جي شڪل ۾ اسان موجود آهي پهريان سڀ نظريا پنهنجي جاءِ تي ۽ وقت سان گڏ ٿيل اثر به الڳ پر هاڻي جيڪو سنڌي ٻولي کي خطرو ٻين ٻولين کان آهي اهو ايترو جلدي ختم ٿيندي نظر نه پيو اچي .دنيا ۾ جتي به ٻولي کي خراب ٿيڻ جو خطرو محسوس ٿيو آهي انهن ان تي گھڻي حد تائين قابو ڪري ورتو آهي .ائين ئي هتي به سنڌي ڳالهيندڙن کي ان ذميواريوي کي محسوس ڪرڻ گھرجي ته جئين جيڪا سنڌي هن وقت اسان وٽ موجود آهي ان کي اڳتي بگاڙڻ کان بچائي سگھجي ۽ جيڪي لفظ اسان جي ٻولي ۾ موجود آهن انهن کي گھرجي ۽ حڪومت کي گھرجي ته ان لاءِ اثرائتا قدم کڻي بهتر اپاءِ وٺجن ته جئين هي قديم ٻولي کي ٻين ٻولين جي ورچڙهڻ کان بچايو وڃي.

سنڌ ۾ صاف پاڻي پيئڻ جي کوٽ: رومانه مهيسر - Roomana Mahesar

. Observe paragraphs. No figure fact, too general. No specific reference
آرٽيڪل

سنڌ ۾ صاف پاڻي پيئڻ جي کوٽ


جيئن ته پاڻي انسان جي بنيادي ضرورتن مان هڪ وڏي ضرورت آهي ۽ جنهن کان سواءِ زندگي ناممڪن آهي. اسان هيڏي ايڊوانس دور ۾ جتي ماڻهن ٻين سيارن تي وڃي بصيره ڪيا آهن ۽ سائنس زندگي کي ايتري جديد ڪري ڇڏيو آهي، جو هر شيءَ آڱرن جي اشارن تي ملي پئي اتي اسان جي سٻا جهڙي سنڌ جا ماڻهو صاف پاڻي لاءِ به سڪي رهيا آهن ۽ گندي پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن. اسان اهو پاڻي پي رهيا آهيون. جيڪو گٽرن ۽ گندن نالن مان نڪري پيئڻ جي پاڻيءَ سان ملي ٿو ۽ اسان تائين پهچي ٿو ۽ اهو گندگي سان ڀريل پاڻي جڏهن اسان ۽ اسان جا معصوم ٻار پيئون ٿا ته ايتري ته مهلاڪ ۽ ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ٿا وڃون، جن جو علاج به ممڪن ناهي پر ان جي باوجود به اسان جي وقت جي حڪمران جي ڪن تي جون تڪ نه ٿي سرڪي ۽ شرڪي به ڇو جيڪي ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ صاف شفاف پاڻي ۽ جمي بوتلن جو مزو وٺندا هجن. انهن کي اسان عوام جي تڪليف سان ڪهڙو مطلب آهي، ٻيو ته ٺهيو  پر اسان جا وڏا شهر جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ سکر جيڪي سنڌ جا وڏا شهر سڏيا وڃن ٿا، اتي جا ماڻهو پاڻي جي آس ۾ ائين ويٺل ڏٺا آهن جيئن ٿر جا ماروئڙا بارش جي انتظار ۾ هوندا آهن. ٿر جيڪو قدرتي معدنيات سان مالامال آهي ۽ ملڪ ۾ اسان پنهنجي معيشت کي ٿر جي ڪوئلي سان مضبوط ڪيون بيٺا آهيون. اتان جا ماڻهو پاڻي جي لاءِ زمين ته نه پر آسمان ڏانهن نهاريندا آهن ته ڪڏهن ته اتي الله تعاليٰ جي رحمت وسي ۽ هو پنهنجي ٻچن ۽ جانورن کي سراب ڪن. اتي جڏهن الله تعاليٰ پنهنجي رحمت وسائي ٿو ته ماڻهو اهو پاڻي جمح ڪن ٿا ۽ پنهنجي ٻين عام ڏينهن ۾ استعمال ڪن ٿا. پاڻي نه صرف پيئڻ لاءِ ضروري آهي پر اسان جا فصل به پاڻي جا محتاج آهن. جيستائين زمين کي پاڻي نه ملندو، تيستائين فصلن جو ٿيئڻ به ممڪن ڪونهي. يعني اسان جي کاڌ خوراڪ به پاڻي کانسواءِ ممڪن ناهي. هن دور ۾ ماڻهو نئين شين کي ايجاد ڪرڻ ۽ نيون نيون ٽيڪنالوجيز تي تجربا ڪرڻ ۾ مصروف آهن. اتي اسان پاڻي جي کوٽ جي پريشانين مان ئي نه نڪري سگهيا آهيون.

ميرپورخاص ڇا وري “خاص” بڻبو؟ راول بنگلااڻي - Rawal Banglani

Make it reporting based
Provide photo
انبن جو شهر 
ڇا ميرپور وري “خاص” بڻبو؟

      تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته هزارين سال پراڻي تهذيب ۽ تمدن رکندڙ وادي مهراڻ دنيا جي سڌريل معاشرن مان هڪ مثالي معاشرو هو . موهن جي دڙِي  جي تاريخ مان چٽو ظاهر آهي ته اڄ کان هزارين سال اڳ به سنڌ جا ماڻهون پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي حوالي سان سڌريل ۽ شاهوڪار هئا ڇاڪاڻ ته ڦٽل شهر موهن جي دڙي جا آثار ۽ اتان هٿ آيل تاريخي شيون ٻڌائين ٿيون ته هي شهر باقاعدا منصوبه بندي تحت ويڪرن رستن ، پاڻي جي نيڪالي جي نالين ۽ ٻين زندگي جي ضرورتن سان واڳيل هڪ مثالي شهر هو .ان بعد جي تاريخ جي آئيني مان چٽو نظر اچي ٿو ته مختلف خاندانن جي دور حڪومت جهڙوڪ سما ، سومرا ، ڪلهوڙا، ٽالپر انگريزن جي دور حڪومت سميت سنڌ جا شهر توڙي واهڻ ۽ وسنديون باقاعدا منصوبه بندي تحت جوڙيل يا آباد ڪيل نظر اچن ٿيون. بلڪل اهڙي طرح تاريخي شهر ميرپورخاص جيڪو ماڻڪاڻي ٽالپرن سن 1801ع ۾ ڪي ٽي مير ٺارو خان ٽالپر مان لڏي اچي آباد ڪيو هو باقاعدا منصوبه بندي تحت آباد ڪيل هڪ مثالي شهر رهيو آهي .انب جو شهر ۽ ٿر جي ريگستاني علائقي جو گيٽ وي سڏجندڙ ۽ چٽوڙي ۽ ڪاهو جو دڙو جهڙا تاريخي ماڳ مڪان رکندڙ شهر موجوده حالتن جي حوالي سان ڏينهون ڏينهن پنهنجي موجوده ۽ تاريخي حيثيت وڃائيندي نظر اچي ٿو توڙي جو پنهنجي جعغرافيائي حيثيت ۽ معاشي خوشحالي جي حوالي سان هي شهر ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندو رهيو آهي ۽ آس پاس جي شهرن توڙي ڳوٺن جا ماڻهو هن شهر ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کي ترجيع ڏيندا رهيا آهن پر جيئن ته شهر جي ويڪرن رستن ۽ منصوبه بندي تحت ٺهيل پراڻيون آباديون جيئن هيرآباد ، ڀانسنگهه آباد ، ٿامس آباد، غريب آباد، کڏ پلاٽ وغيره جهڙيون ڪالونيون آبادي جي حوالي سان اڳ ۾ ئي ڳتيل هيون تنهن ڪري وڌندڙ آبادي ۽ هتي رهائش جو شوق رکندڙ ماڻهن جي تعداد کي نظر ۾ رکندي شهر جي آس پاس نئيون ڪالونيون آباد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. جنهن جي آغاز ۾ سيٽلائيٽ ٽائون ، گلشن حيدر ، علي ٽالپر ٽائون جهڙيون ڪالونيون ضروريات زندگي جي سهوليتين ۽ باقاعده پلاننگ سان جڙيون هيون مگر هتان جي ڪاروباري ذهن رکندڙ ماڻهن هن خوبصورت شهر جي ڪشش کي پنهنجي لالچ ۾ بدلاءِ ڇڏيو ۽ ويجهي ماضي توڙي اڄ ڏينهن تائين راتو رات امير ٿيڻ وارن لالچي ماڻهن شهر جي اتر کان ڏکڻ توڙي اولهه کان اوڀر تائين ويندي ذري گهٽ جمڙائو واهه جي ڪپ تائين تڪڙيون تڪڙيون مختلف نالن سان ڪالونيون ڪٽڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو . جن تي نظر وجهبي ته انهن ڪالونين ۾ ضروريات زندگي جون سهوليتون صرف ٽائون پلاننگ کان منظور ٿيل نظر اچن ٿيون باقي عملي طور انهن ڪالونين ۾ نه ئي تفريح 

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi, at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh


آرٽيڪل , سينٽرل لائبريري سنڌ ينيورسٽي - Subhan Jamali




سينٽرل لائبريري سنڌ ينيورسٽي

ڪنهن به قوم جي شعور جي پرک ان جي ملڪ جي لائبريرين مان لڱائي سگهجي ٿي، لائبريريون نه  سرف زهني نشونما ڪن ٿيون بلڪ ماضي جا شاندار ورق به اٿلائن ٿيون،  اشياء جي وڏي ۾ وڏي ينيورسٽي، ينيورسٽي آف سنڌ ۾ موجود سينٽرل لائبريري به پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔ سنڌ ينيورسٽي جيڪا مادر علم سان به سڄاتي وڃي  ٿي، جنهن جي بنياد ڄامشوري جي پٿريلي زمين تي رکڻ کان پوء ھتي تعليم پرائڻ لاء ايندڙ شاگردن جي ضرورت کي ڏسندي هڪ جامع لائبريري جي ضرورت محسوس ڪئي وئي
سينٽرل لائبريري جو بنياد سنڌ ينيورسٽي ڄامشورو ۾ 1970ع ۾ رکيو  ويو جيڪو ( ايڇ آر ايڇ )  شاھ ڪريم رکيو ھو۔ سينٽرل لائبريري ڄامشورو پنج سالن جي عرصي ۾ 1975ع ۾ جڙي راس ٿي، لائبريري جو پهريون لائبريرين محمد علي قاضي ھو، 

ريڪٽينگل شڪل واري لائبريري ھڪ ڪتاب جي صورت جي علامت آھي جنهن جا 4طبقا آهن

لائبريري جي آخري طبقي تي لائبريري سائنس جو شعبو آھي جنهن جو باني پڻ ھن لائبريري جو پهريون لائبريرين محمد علي قاضي ھو
ھيء لائبريري ينيورسٽي جي وچ مرڪز تي اڏيل آهي جنهن جي هڪ طرف سوشل سائنسز جي فيڪلٽي آھي ۽ ٻي طرف نيچرل سائنسز جي فيڪلٽي آهي 
تقريباً 80ٖ 000  ڪتاب لائبريري جي اوريئنٽل سيڪشن ۾ موجود آهن ان کان علاوه پروفيسر اي ايل شيخ ٖ  پروفيسر مسٽر عبدلعزيز ميمڻ ٖ  ڊاڪٽر حڪيم شمس الدين ٖ  ڊاڪٽر نبي بخش قاضي ٖ  عثمانيه ينيورسٽي دلهي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا گڏ ڪيل مجموعه ھن لائبريري کي تحفي طور ڏنا ويا آهن 
ان کان سواء لائبريري ۾ ڪتابن جا ٻيا به ناياب مجموعه موجود آهن جن ۾ تقريباً 711 ھٿ جا لکيل ڪتاب  آھن  جيڪي 600 کان 800  سال پراڻا آهن لائبريري ۾ موجود 19 صدي جي لکيل ڪتابن جي تعداد 25000 آهي جيڪي مشرڪي ۽ مغربي ٻنهي ٻولين ۾ آهن۔ 

سينٽرل لائبريري جو 51 سمينار لائبريريون آهن جيڪي ينيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ آھن جن ۾ موجود ڪتابن جي تعداد 305095 يعني 3.5 لک آهي ھن لائبريري ۾ ھر قسم جو مواد موجود آهي جنهن ڪري طالب علم ان مان مستفيد ٿين ٿا 

۽ پنهنجي مرضي ۽ گهرج مطابق ڪتاب حاصل ڪن ٿا جنهن سان شاگردن جو وقت به بچي ٿو ۽ پئسن جي به بچت ٿئي ٿي
شاگردن کان سواء تحقيق ڪندڙ اسڪالرن کي به لائبريرين مان ضرورت مطابق مواد ملي وڃي ٿو مطلب ته ھي لائبريري نه سرف شاگردن لاء اهميت رکي ٿي پر سنڌ جي اسڪالرن لاء به مواد حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻيل آهي

سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ : شائستہ سومرو

 آرٽيڪل
 سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ
شائستہ سومرو
2k15/MC/110
پاڻي هڪ انمول نعمت آهي،پر وقت سان گڏوگڏ وايو منڊل ۾ ايندڙ قدرتي ۽ صنعتڪاري جي تبديلن جي ڪري اها نعمت انسان ذات لاءِ مصيبت به ثابت ٿي سگھي ٿي ،ڪجھ اهڙي هي حالت اسان جي صوبي سنڌ جي آهي،جتي پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ٻارڙا توڙي وڏا ڪيترين ئي بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن ته ڪئي فوت به ٿي چڪا آهن.
سنڌ ۾ هزارين ماڻهو پاڻي جي فراهمي کان محروم آهن ۽ جتي پا ڻي موجود آهي،اهو استعمال جھڙو ناهي ، اندروني سنڌ جا ڪيترا هي علائقا اهڙا آهن جھڙوڪ عمر ڪوٽ اسلام ڪوٽ ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڪچي آبادي وارا علائقا جتي جا رهواسي پاڻي جي تلاش ۾ روز سوّين ڪلو ميٽرن جو پير پنڌ سفر ڪن ٿا .
  ڊسمبر 2015 ۾ وفاقي وزارت کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ مطابق ملڪ ۾ صرف 36 سيڪڙو آبادي کي پائيپ لائين ذريعي پاڻي رسايووڃي ٿو. باقي رهيل 64 سيڪڙو آبادي درياهن، واهن ۽ کوهن ذريعي پاڻي حاصل ڪري ٿي.ان درياهن کوهن واهن جي پاڻي ۾ فيڪٽرين جي زهريلي ڪيميڪل جونيڪال ٿئي ٿو.قدرتي آفتون به پاڻي جي گدلاڻ جو سبب بڻجن ٿيون،جھڙوڪ زلزلن جي ڪري زميني سطح جو هيٺ مٿي ٿيڻ سان گڏوگڏ مٺوپاڻي کاري پاڻي سان ملي وڃي ٿو،اندروني سنڌ جا ماڻهو گھڻو ڪري کوهن ۽ واهن ذريعي زميني سطح وارو پاڻي استعمال ڪن ٿا ۽ اهو هي سبب آهي ته اندروني سنڌ ۾ پاڻي جي ڪري ڦهليل بيمارين جو تعداد تمام گھڙو آهي ، جيئن ته ٽئيفائيڊ، ڊائريا ڪاري ڪامڻ ۽ سائي کان ويندي، ايڇ آء وي ايڊز جهڙي خطرناڪ  ۽ موذي مرضن ۾ وڪوڙيل آهن ڪا سار سنڀهال نه هجڻ ڪري ڪري سنڌ ڏينهون ڏينهن تباھ ٿي رهي آھي ۽ سڃو سماج ڄڻ بيمارين جي ور چڙھيل آھي.سنڌ اندر ڱندي پاڻي جي نيڪال توڙي پيئڻ جي پاڻي جي فراھمي واري نظام جو جائزو وٺندڙ ڪميشن اڳيان سرڪاري عملدارن اعتراف ڪيو آھي ته ڱٽرن ڱندو پاڻي توڙي صنعتن جو ڪيميڪل وارو پاڻي سنڌو درياھ ڍنڍن ڍورن سميت پاڻي جو انهن ئي وسيلن ۾ ڇوڙ ٿي رھيو آهي جيڪو پيئڻ لاء انسان به استعمال ڪن ٿا ۽ سنڌ جي زمين آباد ٿئي ٿي. دنيا پنهنجي آبادي جي صحت کي يقيني بنائڻ لاء جتي صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائي ٿي اتي انساني آبادي جي نيڪال جي نظام کي به توانائي جي متبادل طريقي سان ڪم ۾ آڻي ان کي به ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاء قطب آڻي ٿي ، گھڻن ملڪن ۾ ته ڱندي پاڻي جي نيڪال مان بجلي به پيدا ڪئي وڃي ٿي ، 
ڊان نيوز جي تازه جاري ڪيل رپورٽ موجب سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن مان پاڻي جا نمونا گڏ ڪري جانچ لاءِ موڪليا ويا ،تقريبن سمورين نمونن جو نتيجو ساڳيو ئي نڪتو،پاڻي ۾ موجود جراسيمن جي ڪري پاڻي پيئڻ جي لائق نه هو ۽ پوري سطح سان  آلوده هو.
اها سموري صورتحال نه صرف سنڌ جي ماڻهن جي صحت لاءِ خطرو بڻيل آهي پر زراعت ۽ لائف اسٽاڪ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي روزگاري لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿي پئي.
حڪومت اگر چاهي ته ان صورتحال کي بهتر بڻائي سگھي ٿي ، پاڻي کي فلٽر ڪرن جا اپاءُ وٺي صاف پاڻي جي فراهمي هر علائقي تائين يقيني بڻائي سگھي ٿي.
پر افسوس اسان جا حڪومتي عهديدار عوام کي بنيادي صحولت پيئڻ جي صاف پاڻي جي فرهمي کي به يقيني بڻائڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي.


معاشري ۾ وڌندڙ لاشعوري : فرقان علي - Furqan Ali

This is not article, its essay
آرٽيڪل
 فرقان علي

معاشري ۾ وڌندڙ لاشعوري

اڄ جي هن نفسانفسي جي دور ۾ وڌندڙ لاشعوري تمام وڌي رهي آهي جنهن جو سبب تعليم جي گهٽتائي يا تعليم جو بلڪل هي نه هجڻ آهي، اسان تعليم صرف ان ڪري ئي حاصل ڪريون ٿا جو اسان کي سٺي نوڪري ملي، اسان جي معاشري ۾ ڪامياب ان کي سمجهيو ويندو آهي، جنهن وٽ سٺي نوڪري آهي، پر نه ائين ناهي تعليم جو هرگز اهو مقصد ناهي ته توهان کي نوڪري جو ٽڪٽ ملندو، بلڪه ان جو مقصد توهان لاشعور کان باشعور ڪرڻ آهي، توهان کي هڪ اهڙو انسان ڪري جيڪو پنهنجي زندگي جو اصل مقصد سمجهائي هر معاشري جو بنياد عورت هوندي آهي ۽ بدنصيبي اها آهي ته اسان وٽ عورت زندگي جي هر بنيادي حق کان محروم آهي، عورت جي تعليم کي عيب سمجهيو وڃي ٿو، اسان جي عزت ۽ غيرت جو عورت تي شروع ۽ عورت تي ئي ختم ٿي وڃي ٿي. ڇا عورت پيدا ئي غلامي لاءِ ٿي آهي؟، ڇا ان کي پنهنجي زندگي مرضي سان گذارڻ جو حق ناهي؟ اسان وٽ عورت کي ڪاري جي ڏوهه ۾ سسي ڌڙ کان الڳ ڪئي ويندي آهي پر ان ئي ڏوهه ۾ ملوث مرد کي ڪو سو واهه به نه لڳندو آهي، آخر ڪيستائين اسين چڱن مڙسن يا وڏيرن جي ڏنل فيصلي آڏو پنهنجو سر جهڪائي پنهنجي ڌيءَ، ماءُ، ڀيڻ جي قرباني ڏيندا رهنداسين. هڪ معاشري ۾ باشعور ماڻهو ائين آهي جيئن اونداهه ۾ ٻرندڙ ڏيئو، جيڪو پنهنجي اردگرد جي هر شئي کي روشن ڪريو ڇڏي، باشعور ٿيڻ لاءِ تعليم جيڪا اسان جو بنيادي حق، اهو اسان کي حاصل ڪرڻ ضروري آهي، جنهن کانسواءِ انسان هڪ جانور جي مثال آهي، چوندا آهن ته انسان ۽ جانور ۾ صرف اهو فرق آهي ته انسان ۾ عقل آهي، جانور به عقل ۽ اسان کي عقل تعليم سان ايندو ته تعليم کي پرائڻ جو اسان مقصد صرف معاشري ۾ سٺو انسان ٿي رهڻ جو هجي ۽ پاڻ سان جڙيل هر عورت ۽ مرد کي ان جو بنيادي حق مهيا ڪيا وڃن ته جيئن معاشري ۾ شعور جي لهر ڇائنجي وڃي، ائين چوڻ به غلط نه هوندو ته معاشري جو سڄو دارومدار تعليم سان آهي ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهو جي تعليم سان لاڳپو ڄاڻ ڳوٺن ۾ لاشعوري جو نظام تمام وڌي رهيو آهي، جنهن جو سبب تعليم جو نه هجڻ آهي ۽ ان جي ڪري ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا آهن، هڪ ٻئي جي لاءِ برو سوچڻ، ننڍي ننڍي ڳالهين تي جهڳڙو ڪرڻ ايتري حد تائين جو ننڍي ننڍي ڳالهه تي تي لٺ ڌڪو کڻڻ عزت نفس جو مجروح ٿي وڃڻ آهي، سڀ شيون لاشعوري جو وڏو مثال اگر ائين ئي ٿيندو رهيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن اسين هڪ اونداهه جي دنيا ۾ هليا وينداسين، جتان نڪرڻ تمام مشڪل آهي، ان دور جي پاڇي کان بچڻ لاءِ اسان کي پنهنجي معاشري کي باشعور ڪرڻو پوندو ۽ هر ٻار ۽ اسان سان لاڳاپيل هر مرد ۽ عورت کي علم جي ٻارن جي تعليم بنيادي حق ڏنو وڃي ۽ ٻارن جي ڪم عمري ۾ پورهيو ڪرڻ تي پابندي هنئي وڃي ۽ اگر ڪو به ادارو ٻارن کان پورهيو ڪرائي ته ان کي سزا ڏني وڃي ۽ جرمانو رکيو وڃي ته جيئن ان تي مڪمل طريقي سان عمل ڪيو وڃي.
تعليم هڪ اهو زيور آهي، جيڪو هڪ غريب جي ملڪيت آهي، اها تعليم جيڪا توهان کي معاشري جو بهترين مثال بڻائي ان تعليم جو هجڻ ايندڙ نسل لاءِ تمام ضروري آهي، اسان الائي ڇو تعليم کي نوڪري سان ڀيٽ ڪندا آهيون، تعليم پرائڻ اسان جو هرگز اهو مقصد نه هجڻ کپي، بلڪه اسان جو مقصد هڪ سٺو ۽ سلجهيل انسان هجڻ کپي، جيڪو ٻين جي لاءِ سٺو سوچيندڙ ۽ آزاد خيال هجي، جنهن کي غلامي جي سوچ نه هجي. جنهن کي پنهنجي قابليت جي ڄاڻ هجي ۽ پنهنجي چوڌاري هڪ سٺو ماحول جو بنياد رکي، جنهن جوا ثر ايندڙ ٻار لاءِ باشعور ٿي رهڻ جو هجي.

اگر عورت جي عزت ۽ ان کي بنيادي حق ڏيڻ ڏوهه آهي ته ها مان ڏوهاري آهيان.

گئس لوڊشيڊنگ سبب حمامن تي رش - نبيل احمد ابڙو

فيچر
نبيل احمد ابڙو
رول نمبر 2k15/MC/66

گئس لوڊشيڊنگ سبب حمامن تي رش
شديد سردي ۽ گئس غائب، ڪو ماني پچائڻ کان رهجي ويو، ڪو چانهه ٽائيم تي نه پي سگهيو ته ڪو غريب وري وهنجي نه سگهيو، ڪو آفيس پهچي آفيسر جا دڙڪا ٿو سهي ته ڪو وري اسڪول دير سان پهچڻ سبب ڪلاس کان ٻاهر بيٺل هوندو آهي، سيارو شروع ٿيندي ئي سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ اهڙي صورتحال پيش ايندي آهي.
امير ماڻهو ته ٽيڪنالاجي جو ڀرپور فائدو وٺندي گرم پاڻي گيزر مان حاصل ڪري ٿا وٺن پر شهرن ۾ رهندڙ غريب ماڻهو ويچارو ڪيڏانهن وڃي، وهنجڻ ته ٺهيو پر چانهه ٺاهڻ جيترو به پريشر ناهي.
نومبر مهينو شروع ٿيندي ئي پريشر گهٽ هئڻ ڪري ماڻهن جي هائي گهوڙا مچي ويندي آهي، هر هنڌ احتجاجن باوجود به ڪو کڙ تيل ناهي نڪرندو ۽ ساڳي ماني ساڳ سان وارو ڪم ٿي ويندو آهي، ڪنهن ماڻهو چيو ته پاڪستان ۾ هر شئي جو توڙ پهريان ايندو آهي ۽ اها شئي بعد ۾ ايجاد ٿيندي آهي، ان چوڻي کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ حجام پنهنجن ڪوششن ۾ رڌل آهن، ڇو ته وهنجڻ لاءِ پريشان ماڻهن لاءِ  انهن  گرم پاڻي جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ حجام ڪاٺين تي باهه ٻاري گيزر ذريعي پاڻي گرم ڪرڻ جو بندوبست ڪري رکندا آهن، اڪثر اهي حمام اسان کي حجامن جي دڪانن تي ڏسڻ ۾ ايندا آهن، سياري جي مند ۾ گئس جو پريشر نه هئڻ سبب ماڻهو پاڻي به گرم ناهن ڪري سگهندا، حجامن جي دڪانن تي اهي وهنجڻ جون جايون ملنديون.
حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ تي واقع ايگريڪلچرل ڪامپليڪس ،جتي لڳ ڀڳ 30 کان 35 حجامن جا دڪان آهن ۽ اڪثر دڪانن تي حمام پڻ موجود آهن، ايگريڪلچرل ڪامپليڪس جتي رهندڙن جي اڪثريت بيچلر نوجوانن جي آهي جيڪي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا، اهي گئس جي لوڊشيڊنگ يا پاڻي جي اڻهوند ڪري  اڪثر صبح جي وقت ان حمامن جو رخ ڪندا آهن ۽ اتان وهنجي تيار ٿي ڪري يونيورسٽي ويندا آهن، خاص ڪري ڊسمبر ۽ جنوري مهيني دوران نوجوانن جي رش لڳل هوندي آهي، نوجوانن جو ان بابت چوڻ هو ته گهرن ۾ ته چانهه ٺاهڻ جيتري به گئس ناهي وهنجڻ لاءِ پاڻي ڪيئن گرم ڪيون؟ ان لاءِ هتي وهنجي تيار ٿيندا آهيون، خرچ ته ٻيڻو ٿي پوندو آهي پر ڇا ڪجي؟ دڪان مالڪ استاد خالد چيو ته اسان اهو ڪم 20 سالن کان ڪندا پيا اچون ۽ نه صرف سياري پر گرمي ۾ به ماڻهو هتي وهنجڻ لاءِ اچن ٿا، پر سياري ۾ ته ماڻهو فون ڪري چوندا آهن استاد! جاءِ رکجان، اسان ٿوري دير ۾ اچون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته گئس جو پريشر گهٽ هئڻ ڪري نه رڳو بيچلر ڇوڪرا پر آفيسن وارا ماڻهو پڻ هتي وهنجڻ لاءِ  اچن ٿا، هن ٻڌايو ته اسان وٽ لوهه سان ٺهيل گيزر هوندا آهن  جنهن کي هيٺان ڪاٺين جي باهه ٻاري پاڻي گرم ڪيو ويندو آهي، ان کان علاوه ايندڙ ماڻهن لاءِ وهنجڻ سان گڏ تيل ۽ ڪريم جي سهولت به موجود آهي، وهنجڻ جي رقم 30 کان 35 رپيا مقرر ٿيل آهي پر ڪجهه منافعي خور دڪاندار سيزن شروع ٿيندي ئي اگهه 50 رپين تائين وڌائي ڇڏيندا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان ٻن ٽن مهينن ۾ سٺي ڪمائي ٿي ويندي آهي، مطلب ته حڪومت گئس جو بحران پيدا ڪري اسان حمامن وارن لاءِ روزگار جا وسيلا مهيا ڪيا آهن.
آڳاٽي دور ۾ سنڌ اندر حجامڪو ڪم ته منگي برادري پاران ڪيو ويندو هو پر ٻين ڌنڌن جي کوٽ ۽ حجامڪو ڪم جي وڌندڙ گهرج آهر ٻيون برادريون به هن ڌنڌي ۾ جنبي ويون آهن جڏهن ته  هن وقت اهو ڪم ڪندڙ پنجابي ۽ سرائيڪي آهن، جيڪي صادق آباد ۽ رحيم يار خان جي علائقي مان اچن ٿا، جيڪي حجامڪو ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ حمام تان به سٺو ناڻو ڪمائي ٿا وٺن ان کان علاوه سيزن ۾ رش هئڻ سبب ٻيڻا پئسا ڪمائين ٿا. 

لکين ماڻهن جي اميدن جو مرڪز: درگاهه پير پٿورو: آنند ڪمار

لکين ماڻهن جي اميدن جو مرڪز:درگاهه پير پٿورو
فيڇر : آنند ڪمار
سنڌ صدين کان امن پسند ۽ مذهبي رواداري وارو علائقو رهيو آهي، جتي ڪيترن ئي درويشن ۽ اوليائن پيار ۽ محبت جو ٻج ڇٽي پنهنجي ايندڙ نسل کي ڀائيچاري سان گڏجي رهڻ جو درس ڏنو آهي، اڄ به ماڻهو انهن درويشن ۽ اوليائن جي درگاهن تي آس ۽ اميدون کڻي ويندا آهن.
سنڌ جي ضلعي عمرڪوٽ ۾ هڪ اهڙي درگاهه آهي، جيڪا پير پٿورو جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي.
پٿورو جنڪشن اسٽيشن (اها ريلوي لائين ننڍي پٽي سان 22 ڊسمبر 1990ع تي ٻاڙمير کان شادي پلي تائين وڇائي وئي) کان پير پٿورو جي درگاهه (جنهن کي پير پٿورو جي ماڙي به چوندا آهن) اتر طرف سڏ پنڌ تي واقع آهي، جتي هر سال لکين مريد زيارت ڪرڻ سان گڏ من جون مرادون ماڻڻ لاءِ ايندا آهن، رائچند (ساڪن چيلهار) جي 1955ع ۾ لکيل ڪتاب ”پير پٿورو صاحب“ ۾ پير پٿورو جو جنم عيسوي پنڌرهين صدي جي شروعات ۾ ماڏڻ جي گهر ۾ ڄاڻايو ويو آهي.
پير پٿورو ننڍي هوندي کان ئي درويشن وانگي اڪيلائي ۾ ويٺو سوچن ۾ گم ٿي ويندو هو، ان وقت ملتان ۾ جناب حضرت پير غوث بهال الدين صاحب مشهور پير ۽ ولي الله هئا، سنڌ مان هزارين مريد ٽوليون ٺاهي سندس زيارت لاءِ ويندا هئا پير پٿورو به  انهن سان گڏجي غوث صاحب جي زيارت ڪري آيا.
1884ع ۾ ڏامون مل ميگهواڙ پير پٿوري جي درگاهه ٺهرائي، جيڪا هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصي تائين پير پٿوري جي مريدن لاءِ شفا ۽ روحاني سڪون جو در بڻيل رهي.
2006ع ۾ درگاهه جي ٻيهر اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو، 5 هزار فٽن جي چوديواري اندر هلندڙ انهي ڪم تي مريدن موجب 8 ڪروڙ جي لاڳت ٿي چڪي آهي، جڏهن ته تعميراتي ڪم اڃا تيزي سان جاري آهي، 150 ايڪڙ پنهنجي زمين رکندڙ هن درگاهه کي مين روڊ تي وڏو گيٽ آهي، اڱڻ ۾ مريدن جي ويهڻ لاءِ وڏا هال ٺهيل آهن، جن آڏو ماڻهو مختلف شين ۽ رانديڪن سميت مورتين جا اسٽال لڳائي ٻن ويلن جي ماني لاءِ محنت ڪندي نظر ايندا آهن.
مائٽن جو پهريون حق واري روايت کي برقرار رکندي مريدن پهريان پير پٿوري جي ماتا پتا جي سماڌين جو ڪم شروع ڪرايو، جيڪو راس ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ مقبري جي اندر اعليٰ قسم جا رنگين شيشا لڳائي بهترين ڪاٺ تي چٽسالي جو اندرئين ۽ ٻاهرئين ٻنهي پاسي ڪم ڪرائي دروازا لڳايا ويا آهن، سموري مقبري کي چوڌاري  پرڏيهي ٽائلز لڳايا ويا آهن.
انتظام سنڀاليندڙن موجب درگاهه تي هڪ رپيو به اوقاف کاتي يا گورنمينٽ جو خرچ ٿيل ناهي، سڄو ترقاتي ڪم مريدن پاران چندي طور ڏنل پئسن مان ڪرايو ويندو آهي، سنڌ حڪومت صرف چوديواري، واٽر سپلاءِ ۽ ڪجهه باٿروم ٺهرائي ڏنا آهن.
درگاهه تي 24 ڪلاڪ لنگر جو بندوبست ٿيل هوندو آهي، جنهن سبب ڪنهن به مريد کي بُکي پيٽ وڃڻ نٿو ڏنو وڃي، هندي مهيني جي هر چنڊ جي رات هزارين مريد درگاهه تي زيارت لاءِ ايندا آهن ۽ سڄي رات ڀڳتن پاران ٿيندڙ ست سنگ ۾ ڀڳت ٻڌي سڪون ماڻيندا آهن.
درگاهه تي سال ۾ ٻه ڀيرا ميلو لڳندو آهي، هندي ڪئلينڊر موجب هڪ چيٽي چنڊ تي فقط ياترين لاءِ ۽ ٻيو وري بڊي جي چنڊ تي وڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ نه صرف ياتري ايندا آهن پر ڪيترائي ماڻهو واپار جي ارادري، ڪي خريداري تي ڪي وري گهمڻ جي ارادي سان ايندا آهن، ميلي ۾ مريد پري پري کان ٽوليون ٺاهي پيرن پنڌ 4،5 ڏينهن جو سفر ڪري پهچندا آهن.
شيواڌارين موجب ميلي ۾ هڪ لک جي لڳ ڀڳ مريد ايندا آهن، جن جي کاڌي پيتي لاءِ هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار کن ديڳيون پچايون وينديون آهن، انهي سان گڏ مريدن لاءِ صاف ۽ مٺو پاڻي، رهائش ۽ ڪنهن بيماري جي حالت ۾ 24 ڪلاڪ ڊاڪٽر ۽ دوائون موجود هونديون آهن، ميلي ۾ لکين ماڻهن کي سنڀالڻ لاءِ شيواڌاري مقرر ڪيا ويندا آهن، جيڪي سيڪيورٽي، کاڌي پيتي ۽ مريضن جي سار سنڀال سميت ٻيا ڪم بهتري بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيندا آهن.
ميلي ۾ هندو برادري سان واسطو رکندڙ سڀ ذاتيون اينديون آهن، جن ۾ واڻيا، کتري، ميگهواڙ، مالهي، بجير، اوڏ ڀيل ۽ ڪولهي شامل آهن.
32 سالن کان درگاهه تي شيوا ۾ رڌل شيواڌاري طوطا رام سان ڳالهه ٻولهه دوران هن ٻڌايو ته هن درگاهه جي خدمت ڪرڻ جو سلسلو اسان جي ابن ڏاڏن کان هلندو پيو اچي، درگاهه جو سمورو ڪاروهنوار مريدن پاران ڏنل چندي مان هلي پيو، ياترين کي سهولتون ڏيڻ لاءِ درگاهه جو ترقياتي ڪم جاري، جنهن ۾ ويڪري اڱڻ ۽ ٿلهي کان وٺي وڏن هالن جو ڪم ٿي رهيو آهي، آبادي سان گڏوگڏ مريدن ۾ به گهڻو اضافو ٿيو آهي، اتي ئي پاسي ويٺل ڍورونارو کان آيل علي خان مڱريي ٻڌايو ته آئون 11 سالن جي عمر کان هن درگاهه تي اچان پيو، جيڪو سلسلو 30 سالن کان جاري آهي، هتي اچي دلي سڪون ملندو آهي، مالڪ ته هڪڙو ئي آهي باقي فرق صرف نالي جو آهي.
ٽائون ڪاميٽي پٿورو جي وائيس چيئرمين لوڻو راٺي درگاهه بابت ڄاڻ ڏيندي چيو ته پير پٿوري جي ٻاجهه سان ميلي ۾ ڪنهن به قسم  جو اڻوڻندڙ واقعو پيش نٿو اچي، جڏهن ته ان جو سبب مريدن پاران هڪٻئي جو خيال رکڻ ۽ ميٺ محبت سان رهڻ پڻ آهي.

ميلي جي انتطامن کي سنڀالڻ لاءِ هڪ ڌار منڊلي ٺاهيل آهي، جيڪا پري پلاننگ ڪندي آهي، 2014ع ۾ ڊاڪٽر هري رام ڪشوري لال پاران درگاهه لاءِ 2.5 ڪروڙ رپين جي چوديواري، تلاءَ ۽ باٿروم جي اسڪيم ڏني وئي هئي، جڏهن ته هينئر به سنڌ حڪومت سان درگاهه کي وڌيڪ اسڪيمون ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهيون هلندڙ آهن، اميد آهي ته تمام جلد ياتري انهن اسڪيمن مان فائدو حاصل ڪندا.

ڪنڊيارو شهر جي سڃاڻپ ليمن جا باغ : سراج ڀاڳت

ڪنڊيارو شهر جي سڃاڻپ ليمن جا باغ (فيچر)
 فيچر , سراج الحق ڀاڳت
          قدرت هن ڌرتي کي تمام سهڻو ۽ خوبصورت بڻايو آهي. قدرت جي تخليق ٿيل حسناڪين  کي ڏسندي انساني عقل بلڪل دنگ رهيو وڃي. اهڙي طرح سنڌ ڌرتي پڻ قدرتي تخليق ۽ حسناڪين جوعڪس آهي، جيڪا فطرتي  حسن ۽ قدرتي وسيلن سان پڻ مالامال آهي. جنهن ۾ ٻيلا، کير جهڙو کير  ٿر جبل، ڍنڍون توڙي  سرسبز ميداني علائقا يا ثقافتي رنگن سان ڀريل رهاڻون هجن. سڀئي رنگ سنڌ جي خوبصورتي جا چٽيل عڪس آهن، اهڙي طرح سنڌ جي مڙني شهرن جي تقريبن الڳ الڳ سڃاڻپ آهي. جيڪي پنهنجي ثقافتي، سماجي ۽ قدرتي رنگن سان سڃاتا وڃن ٿا.

جيئن هالا هٿ جي هنر جو مرڪز آهي، سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ هٿ جي هنر جي مرڪز طور سڃاتو وڃي ٿو. اهڙي طرح ميرپورخاص جا انب تمام مشهور آهن ۽ صحرا ۾ ٿر پڻ قدرتي حسن جو هڪ نادر نمونو آهي.
نوشهروفيروز جو تعلقو ڪنڊيارو پڻ ليمن جي باغات سبب ڄاتو وڃي ٿو. ليمون سنڌ جي ڪل ٽن ضلعن ۾ ٿئي ٿو، جنهن ۾ نوشهروفيروز، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪچي وارو حصو شامل آهي. ڪنڊيارو شهر کي ليمن جو مرڪز ان ڪري تصور ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته  هتي سئو مان تقريبن پنجتر فيصد ايراضي تي ليمي جا باغات آهن، ۽ اهي اهڙي ته دلفريبي ۽ خوبصورتي جو ڏيک ڏين ٿا گهڙي کن لاءِ ماڻهو ائين محسوس ڪندو شايد هو ڪشمير جي ڪنهن دلڪش وادي ۾ بيٺو آهي. هتان جو ليمو ڪراچي اسلام آباد توڙي ملڪن جي ٻين شهرن ڏانهن واپار تحت پڻ موڪليو ويندو آهي ۽ وڏن شهرن جا ماڻهو هٿان جي ليمي کي خاص اهميت ڏيندا آهن، ان جو سبب اهو آهي ته هٿان جو ليمون دنيا جي ٻين علائقن جي ليمي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رسيلو ۽ ذائقيدار ٿئي ٿو. انڊيا ۾ پڻ ليمون ٿئي ٿو پر اهو هتان جي ليمي جي ڀيٽ ۾ گهٽ پسند ڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو اتان جي ليمي ۾ رس گھٽ آهي ۽ ذائقي ۾ به اڻوڻندڙ ٿئي ٿو ليمن جي باغات توڙي ان جي ميوي بابت جڏهن آئون تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ اتان جي هڪ زميندار محمد علي ڀاڳت سان مليس ته ان ليمن بابت پنهنجي تجربي آهر ٻڌائيندي چيو ته منهنجو ويهه ايڪڙن تي مشتمل ليمن جو باغ آهي، گذريل پندرهن سالن کان آءُ ان ڪرت سان لاڳاپيل آهيان. سڀ کان پهرين آءُ ان کان ليمن جي پوکائي بابت پڇيو جنهن تي هن وراڻيندي چيو ته سڀ کان پهرين ليمن جون چڪيون لڳائبيون ۽ ان لاءِ زمين جي جاچ وٺڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته چيڪي مٽي واري زمين ليمي لاءِ وڌيڪ موزون آهي، ڇو جو وارياسي ۽ لٽ واري زمين تي ليمون گهڻو عرصو وجود برقرار رکي نٿو سگهي. ۽ ان وڌيڪ آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ليمن جي پوکائي جو بهترين موسم بهار آهي. مارچ مهيني کان وٺي مٿي جي شروعاتي هفتي تائين ليمي جون چڪيون هڻي سگهجن ٿيون. هن کان وڌيڪ معلوم ڪندي جڏهن ليمن جي تيار ٿيڻ جي حوالي سان پڇيو ته هن ٻڌايو وڻ تيار ٿيڻ ۾ تقريبن چار سال جو عرصو لڳي ٿو ۽ چئن سالن کانپوءِ ڦلجڻ شروع ٿئي ٿو.
ائين اسان جي ليمن جي باري ۾ گفتگو هلندي رهي ۽ ليمن بابت وڌيڪ تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ کيس کان پڇيو ته اڄ ڪلهه ليمي جي واپرائڻ ۾ ڪافي اضافو ٿيو آهي. ان جو ڀلا ڇا سبب آهي؟ اهڙي سوال پڇڻ بعد هن جي چهري تي هلڪي مرڪ ڦهلجي وئي ۽ چيائين ته ان جو اصل سبب ليمي جو هاڻي مختلف پراڊڪٽس ۾ گهڻي مقدار ۾ استعمال ٿيڻ آهي، وڌيڪ چيائين هاڻي اسان جا وار نيارا ٿيندا ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ ۾ ليمي جي ڪافي کپت آهي.


اهو ٻڌي مون هن جي چهري تي ڦهليل مرڪ جو سبب سمجهي ورتو. محمد علي صاحب جي ڳالهه کي مان اهميت ڏيندي چيو ته ليمي جي افاديت ۾ واقعي ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. وڌيڪ ڪچهري ڪندي ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيائين ته هتان جو ليمون هاڻي ٻاهرين ملڪن ڏانهن پڻ اماڻيو وڃي ٿو جن ۾ افغانستان ۽ متحده عرب امارات شامل آهن. ڪچهري جي اختتام طرف وڃي رهيا هياسين ته محمد علي ڀاڳت صاحب مون کي به آخر ۾ ليمن جي پيتي ڏيڻ جي آڇ ڪيائين جيڪا مون يڪدم قبولي ورتي ۽ آخر ۾ مان محمد علي جا ٿورا مڃيندي موڪلاڻي لاءِ اجازت گهري.

سنڌ يونيورسٽي ۾ علمي مجسمو : عبدالسبحان

                   فيچر          عبدلسبحان جمالي
رول نمبر 2K15/MC/05
بي ايس پارٽ (ٽيون)
   سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليمي ڳڙھ جي عڪاسي ڪندڙ علمي مجسمو 
 
هر لمحو هر ڪيفيت جيڪا يقينن هر انسان کي پنهنجي خيالن سان موهي پاڻ ڏانهن 
راغب ڪرڻ ۾ ڪائي ڪسر ناهي ڇڏيندي ۽ هر فطري يا ظاهري طور نظر ڪجھ اهڙا پل يا منظر جيڪي ذهني طور تي انسان تي مثبت اثر ڇڏيندا آهن
اهڙوئي هڪ خوش نما منظر جيڪوسنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کي ارپيو ويو  آهي
تزو ئي هڪ مهينو پهريان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾مين ايندڙ روڊ تي سينٽرل لائبرئري اڳيان هڪ ڪتاب پڙهندڙشاگرد جو مجسمو ٺاهي لڳايو ويو آهي جيڪا هن وقت سان گڏوگڏ هڪ وڏي نئين تبديلي مهي جيڪا هڪ بهترين تعليمي اداري جي سڃاڻپ پڻ ڏي ٿي.
اهڙي مجسمي جي تخليق کانپوءَ پٿرن جي ڌرتي تي سنڌ يونيورسٽي علم جي اُڃايل ماڻهن کي پري کان ئي هڪ تمام بهترين تعليمي مرڪزجو ڏيک ڏئي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪري ٿي جيڪو يقينن خوشي جوڳو بهترين عمل آهي.
وڌيڪ خوشي جي ڳالھ اها به آهي هي مجسموسنڌ يونيورسٽي جي شعبي آرٽ ۽ ڊزائن جي پروفيسر نادر جمالي جي هنر سان ٺاهيو ويو آهي.جنهن ڪوشش سان هي اهم ڪم پڄاڻي تي پهتي آهي.
سندس سان ڪيل ڳالھ ٻول ۾ چيائون ته هن مجسمي جي لاءِ سوچ آلاپ ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي جي سابقه وي سي مرحوم محترمه عابده طهراڻي هئي جنهن جي خواهش تي هي مجسمو جوڙيو ويو آهي.سندن جو چوڻ آهي ته هن مجسمي کي ٺاهڻ ۾ هڪ سال جو عرصو لڳو ميڊم مرحومه منهنجي 200سيڪڙو مدد ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميه هن تي چار لک روپيه خرچ ڪئي ۽انتظاميه طرف ڀرپور سهڪار ڪيو ويو آهي.
بحرحال حقيقي روپ ۾ ڏٺو وڃي ته اهڙي فطري عمل کي آلاپ ڏئي ڏيکاءَ ڏيڻ مستقبل ۾ هن اداري لاءَ اهم ڪردار اداڪري سگھي ٿو. جيڪوسنڌ يونيورسٽي جي سڃاڻپ طور پڻ لکيو ويندو.
5کان6 فٽ جو جوٺهيل هن مجسمي جي بناوٽ ۾ مختلف ڪيميڪل جو پڻ استعمال ڪيو ويو آهي جنهن جي سبب هي ڪڏهن به ڀري ٽُٽي نه سگھندو هميشه علم جي ورکه ڪندو رهندو.
هن مجسمي جو رنگ سونهري سائو آهي جيڪو پري کان چمڪندار روشني نظر اچي ٿو.
هن جي ٺهڻ سان ايندڙ وقت توڙي هلندڙ وقت ۾ تمام گھڻا اثر انداز ٿيندڙ فائده مند فائدا حاصل ٿي سگھن ۽هتي پڙهندڙ شاگردن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪري ٿو ته ان لاءِ اندازو لڳائي سگھون ٿا ته ايندڙ وقت ۾سنڌ يونيورسٽي بهتري طرف روان دوان آهي ۽ هتي ايندڙ هر فرد کي پڙهائي ڏانهن راغب ڪندي.

موبائيل ٽيڪنالاجي جا سماج تي پوندڙ ناڪاري اثر: ناصر عباس لسڪاڻي

فيچر
ناصر عباس لسڪاڻي
رول نمبر 2k15/MC/67
ڪلاس بي ايس سال ٽيون

موبائيل ٽيڪنالاجي سبب سماج تي پوندڙ ناڪاري اثر

        ٽيڪنالاجي جي اچڻ سان ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اسين هاڻ پنهنجن پيارن سان رابطو ڪري سگهنداسين، نظرن کان ڏور ويٺلن سان آساني سان ڳالهائي سگهنداسين، انهي ڏورانهن ويڇن کي ختم ڪرڻ لاءِ هينئر تائين تمام گهڻيون ايجادون ٿي چڪيون آهن، جيئن ٽيليفون، ڪمپيوٽر، موبائيل فون وغيره پر اڄڪلهه انهن سڀني کان گهڻو استعمال موبائيل فون جو ڪيو ويندو آهي، جنهن کي اسان ايئن سمجهون ته خط جو ته بلڪل رجهان ئي گهٽائي ڇڏيو آهي.
پر شايد ڪنهن کي خبر نه هئي ته اها ئي رحمت مستقبل ۾ اسان لاءِ زحمت جو سبب بڻجي ويندي.
 معاشري جي هر ننڍي توڙي وڏي وٽ هينئر هٿن ۾ موبائيل نظر ايندو، چئبو ته سماج جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو موبائيل فون ذريعي ٻين ماڻهن سان ڳنڍيو پيو آهي، موبائيل فون جو استعمال اڄڪلهه جا نوجوان مڙئي گهڻي انداز ۾ ڪندا آهن، جنهن ڪري موبائيل فون تي ٿيندڙ دوستي وارو رجهان ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون موبائيل تي هڪٻئي سان رابطو ڪري پهريان ته مئسيجن تائين محدود رهي ڳالهيون ڪن ٿا ۽ پو وري ان مئسيج واري دوستي کي ڪال پئڪيج تي ڳالهائڻ واري دوستي ۾ بدلجندي گهڻو تائيم نٿو لڳي. هاڻ اها ڪال پئڪيج تي ڳالهائڻ واري دوستي وري پيار ۾ بدليو وڃي، جنهن سبب موبائيل دوستي جي ڪري سماج ۾ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي، بدمعاش ماڻهو معصوم ڇوڪرين کي پنهنجي ڳالهين ۾ ڦاسائي پهريان محبت جا اقرار ۽ پوءِ شادي جا واعدا ڪن ٿا، ۽ آخر ۾ ڇوڪري جي زندگي برباد ڪري وري ٻي ڇوڪري ٺاهڻ ۾ لڳي ويندا آهن.

ڪئين اهڙا مثال ملن ٿا جن ۾ ڇوڪرا موبائيل تي ٿيندڙ دوستي بعد ڇوڪرين سان شادي ته ڪن ٿا پوءِ شادي جي ڪجهه ئي مهينن اندر ڇوڪرا ڇوڪرين تي تي شق ڪرڻ شروع ڪندا آهن، شادي کان پوءِ ڪجهه مهينن تائين خوش رهيا ۽ اڳتي هلي اها ڳالهه طلاق تائين وڃي پهچندي آهي، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جنهن عورت پنهنجو گهر ۽ مٽ مائٽ ڇڏي ايڏي وڏي قرباني ڏني ان عورت کي گهران بيدخل ڪري ڪڍڻ ۾ دير ئي نه ڪندا آهن، جنهن سان ٿيندو ايئن آهي جو اهي ڇوڪريون پنهنجن والدين جي در جا دروازا ته پهريان ئي پنهنجي لاءِ بند ڪري اينديون آهن ۽ شادي جي ڪجهه ئي مهينن اندر سندن ور به گهران ڪڍيو ڇڏين، پوءِ انهن بي سهارا عورتن لاءِ فقط دارالامان ئي سهارو هوندو آهي جتي اهي ڇوڪريون پنهنجي بقايا زندگي جا ڏينهن گهاري پنهنجي ڪيل غلطي تي پڇتائينديون آهن ۽ پنهنجن پيارن مائٽن کي ياد ڪري کين صرف لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪنديو آهن.