Thursday 23 March 2017

سنڌ جا نوجوان ۽ سي ايس ايس : ياسر سوڍر - Yasir Sodhar


سنڌ جا نوجوان ۽ سي ايس ايس
آرٽيڪل
ان ۾ ڪا شڪ جي ڳالهه نه آهي ته سنڌ جي تعليم ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام پٺ تي پيل آهي غربت، حڪومت جي لاپرواهي ۽ استادن جو سياسي ۽ رشوت جي بنيادن تي غيرقانوني ڀرتيون سنڌ جي تعليم جي تباهي جو اهم سبب آهن. خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ جا علائقا متاثر آهن جتي پهريائين تعليم جي کوٽ آهي ۽ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. انهن جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ انتهائي مشڪل هوندو آهي. ان هوندي به سنڌ جا نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت تعليم پرائين ٿا ۽ سخت محنت ڪري پنهنجو، پنهنجي والدين جي ۽ علائقي جو نالو روشن ڪري مان مٿانهون ڪن ٿا اسان جي معاشري جي هڪ روايت آهي ته جڏهن ڪو شاگرد ڪامياب ٿيندو آهي ۽ ڪنهن مقام تي پهچندو آهي ته اتان جا علائقي واسين انهن مان متاثر ٿي پنهنجي اولاد کي به پڙهائڻ ۾ ڌيان وڌائين ٿا ته جيئن هو پڙهي ڪامياب ٿيو آهي ائين ئي سندن اولاد به پڙهي ۽ ڪنهن مقام تي پهچي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪالهه سنڌ جا نوجوان سي ايس ايس لاءِ جاکوڙي رهيا آهن ۽ هر ممڪن وس ۽ محنت آهر امتحان ۾ ويهن ٿا انهن مان ڪجهه ڪامياب ٿين ٿا ۽ ڪي وري اميد جي ڪرڻن ۾ بيهي پنهنجي قسمت ۽ محنت تي يقين رکي وري نئين سر ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن هو سي ايس ايس جي امتحان ۾ ڪامياب ٿي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪري سگهن.
سي ايس ايس جا امتحان جن کي چٽاڀيٽي جا امتحان به سڏيو ويندو آهي، هي امتحان سڀني تعليمي امتحانن کان با لا اثر حيثيت رکن ٿا ۽ هن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ۽ جذبي جي ضرورت هوندي آهي، جيڪو هن ۾ڪاميابي ماڻي ٿو ته ان کي آفيسر شاهي جو مقام ملي ٿو وڃي، اهو ئي سبب آهي ته هر شاگرد جي خواهش هنن امتحانن ۾ ڪامياب ٿيڻ هوندي آهي. ملڪ جي ٻين صون جيان سنڌ ۾ به سي ايس ايس جو رجحان وڌنڌو پيو وڃي، هر سال وڌنڌو رهي ٿو هر سال شاگرد هن امتحان ۾ حصو وٺن ٿا پر ڪي ڪامياب ٿين ٿا. ته ڪي وري نئين اميدن سان ڪوششون جاري رکن ٿا. هر سال هي انگ تبديل ٿيندو رهي ٿو ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌيڪ رهيو آهي، سال 2009 ۾ سنڌ مان 98 اميدوار ڪامياب ٿيا جن مان 69 جو تعلق ٻهراڙي ۽ 29 جو تعلق سنڌ جي شهري علائقن سان هو._2010 جي سي ايس ايس امتحانن۾ 34 شاگرد ڪامياب ٿيا. جن مان 21 جو تعلق ٻهراڙي واري علائقن ۽ 13 جو تعلق شهري علائقن سان هو. سي ايس ايس جان امتحان سال 2011 لاءِ سنڌ جي ڪامياب ٿيل 97 اميدوارن مان 55 جو تعلق ٻهراڙي ۽ 42 جو تعلق شهرن سان هو_ سال 2013 جي امتحانن ۾ ڪامياب ٿيل شاگردن جو انگ گڻتي جوڳو آهي جنهن ۾ فقط اميدوار 22 ڪامياب ٿيا._2015 وارن امتحانن ۾ پوري پاڪستان جي 12176 شاگردن حصو ورتو جنهن مان 379 اميدوار پاس ٿي ڪامياب ٿيا، 379 مان 237 اميدوارن جو تعلق پنجاب ، 62 اميدوارن جو تعلق سنڌ،47 جو تعلق خيبرپختونخواهه،7 گلگت۽ 6 جو تعلق بلوچستان سان هو . شهري علائقن کان ٻهراڙي وارن علائقن جي ڪاميابي جو انگ هر سال وڌيڪ هوندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ جي آبادي 70 سيڪڙو ٻهراڙي ۽ 30 سيڪڙو شهري علائقن تي ٻڌل آهي هنن انگن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هاڻ سنڌ جا نوجوان اڳتي اچي رهيا آهن پر ڪجهه اهڙا شاگرد آهن جيڪي هنن امتحانن کي تمام گهڻو سنجيده وٺندا آهن ۽ سوچيندا آهن ته هنن ۾ ڪامياب ٿيڻ انتهائي مشڪل آهي سي ايس ايس جي امتحانن ۾ گذريل ڪجهه عرصي ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيو ويون آهن جن ۾ عمر جي حد جيڪا پهرين 24 سالن کان 28 سال هئي .جيڪا  هاڻي وڌائي 30 سال ڪئي وئي آهي. هي هڪ خوشي جهڙي ڳالهه آهي، پر امتحان ۾ ويهڻ جا موقعا صرف 3 ڀيرا فراهم ڪيا ويندا آهن. جيڪو سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن جي  محنتي شاگردن جي لاءِ مشڪل آهي، سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي علائقا آهن جتي تعليم جو رجحان تمام گهٽ آهي ۽ اتان جي خواهشمند اميدوارن لاءِ ڏکيو آهي.ته هو ٽن موقعن ۾ ڪامياب ٿين،ٿيڻ ائين کپي جو هر شاگرد لاءِ 5 موقعا فراهم ڪيا وڃن جيئن هو ان قابل بڻجي وڃن ۽ پنهنجي محنت جاري رکي سگهن ٻي وڏي تبديلي اها آهي ته 2018 کان سي ايس ايس جا پرچا قومي ٻولي اردو ۾ ورتا ويندا هي هڪ خوش آئند ڳالهه آهي ته اسان جي  قومي ٻولي اردو جيڪا انگريزي جي اثر هيٺ هلندي هئي سا هاڻي  هن قدم کڻڻ سان اردو کي فروغ حاصل ٿيندو ۽ هميشه زنده رهندي ۽ اميدوار پڻ هن کي وڏي چاهه سان سکندا چاهي هو ملڪ جي ڪهڙي به علائقي سان واسطو رکندو هجي.

سي ايس ايس ۾ هڪ ٻي تبديلي سامهون آئي آهي ته هڪ ڏينهن تي ٻه پرچا ورتا ويندا، جيڪا اسان جي نوجوانن لاءِ هڪ ڏکيائي پيدا ڪري سگهي ٿي ته  هڪ ڏينهن تي ٻه پرچا  ڪيئن حل ٿي سگهندا، اميدوارن تي هڪ نفسياتي دٻاءُ پوندو، جڏهن هڪ پرچو ڏيندا ته انهن کي ٻي پرچي جي سوچ ستائيندي ان سان ڪنهن حد تائين اميدوارن جي دماغ ۽ پرچن تي اثر ٿي سگهن ٿا. اهو ٿيڻ نه کپي ته هڪ پرچو صبح جو ۽ٻيو شام جو  ٿئي.اڄ ڪلهه  اسان جي سنڌ جا پڙهيا لکيا نوجوان وڏي آواز سان دانهون ۽ رڙيون ٿا ڪن ته سنڌ ۾ بيروزگاري آهي اها ته مڃيل ڳالهه آهي پر جڏهن اسين هڪ نظر آفيسر شاهي جي طبقن تي وجهون ته ان جون ڪيتريون ئي جايون هر سال خالي پيون وڃن پر اسان جا نوجوان ان طرف ڌيان ئي ڪونه ٿا ڏين سي ايس ايس جهڙيون اعليٰ ۽ اهم نوڪريون ڇڏي اسان جا نوجوان بس اهي نوڪريون ٿا ڳولين جنهن ۾ سندن پيٽ گذر ٿئي جنهن ۾ سپاهي ، ماستر ۽ ڪلارڪ وغيره اچي وڃن ٿيو. اسان جو پڙهيل لکيل طبقو بک ۽ بدحالي جون دانهون ڪندي به سنڌ جي حڪمراني لاءِ تيار نه آهن هر سال ٻين صوبن جا آفيسر سنڌ جي مختلف شعبن تي مقرر ڪيا پيا وڃن جن ۾ سي ايس ايس آفيسرن جووڏو تعداد آهي ان هوندي به سنڌ جون ڪيتريون ئي جايون خالي پيل آهن جن کي ننڍي سطع  جا عملدار بنا 
ڪنهن ڄاڻ جي هلائي رهيا آهن. 


This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi, at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh


No comments:

Post a Comment