Thursday 23 March 2017

ڪنڊيارو شهر جي سڃاڻپ ليمن جا باغ : سراج ڀاڳت

ڪنڊيارو شهر جي سڃاڻپ ليمن جا باغ (فيچر)
 فيچر , سراج الحق ڀاڳت
          قدرت هن ڌرتي کي تمام سهڻو ۽ خوبصورت بڻايو آهي. قدرت جي تخليق ٿيل حسناڪين  کي ڏسندي انساني عقل بلڪل دنگ رهيو وڃي. اهڙي طرح سنڌ ڌرتي پڻ قدرتي تخليق ۽ حسناڪين جوعڪس آهي، جيڪا فطرتي  حسن ۽ قدرتي وسيلن سان پڻ مالامال آهي. جنهن ۾ ٻيلا، کير جهڙو کير  ٿر جبل، ڍنڍون توڙي  سرسبز ميداني علائقا يا ثقافتي رنگن سان ڀريل رهاڻون هجن. سڀئي رنگ سنڌ جي خوبصورتي جا چٽيل عڪس آهن، اهڙي طرح سنڌ جي مڙني شهرن جي تقريبن الڳ الڳ سڃاڻپ آهي. جيڪي پنهنجي ثقافتي، سماجي ۽ قدرتي رنگن سان سڃاتا وڃن ٿا.

جيئن هالا هٿ جي هنر جو مرڪز آهي، سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ هٿ جي هنر جي مرڪز طور سڃاتو وڃي ٿو. اهڙي طرح ميرپورخاص جا انب تمام مشهور آهن ۽ صحرا ۾ ٿر پڻ قدرتي حسن جو هڪ نادر نمونو آهي.
نوشهروفيروز جو تعلقو ڪنڊيارو پڻ ليمن جي باغات سبب ڄاتو وڃي ٿو. ليمون سنڌ جي ڪل ٽن ضلعن ۾ ٿئي ٿو، جنهن ۾ نوشهروفيروز، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪچي وارو حصو شامل آهي. ڪنڊيارو شهر کي ليمن جو مرڪز ان ڪري تصور ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته  هتي سئو مان تقريبن پنجتر فيصد ايراضي تي ليمي جا باغات آهن، ۽ اهي اهڙي ته دلفريبي ۽ خوبصورتي جو ڏيک ڏين ٿا گهڙي کن لاءِ ماڻهو ائين محسوس ڪندو شايد هو ڪشمير جي ڪنهن دلڪش وادي ۾ بيٺو آهي. هتان جو ليمو ڪراچي اسلام آباد توڙي ملڪن جي ٻين شهرن ڏانهن واپار تحت پڻ موڪليو ويندو آهي ۽ وڏن شهرن جا ماڻهو هٿان جي ليمي کي خاص اهميت ڏيندا آهن، ان جو سبب اهو آهي ته هٿان جو ليمون دنيا جي ٻين علائقن جي ليمي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رسيلو ۽ ذائقيدار ٿئي ٿو. انڊيا ۾ پڻ ليمون ٿئي ٿو پر اهو هتان جي ليمي جي ڀيٽ ۾ گهٽ پسند ڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو اتان جي ليمي ۾ رس گھٽ آهي ۽ ذائقي ۾ به اڻوڻندڙ ٿئي ٿو ليمن جي باغات توڙي ان جي ميوي بابت جڏهن آئون تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ اتان جي هڪ زميندار محمد علي ڀاڳت سان مليس ته ان ليمن بابت پنهنجي تجربي آهر ٻڌائيندي چيو ته منهنجو ويهه ايڪڙن تي مشتمل ليمن جو باغ آهي، گذريل پندرهن سالن کان آءُ ان ڪرت سان لاڳاپيل آهيان. سڀ کان پهرين آءُ ان کان ليمن جي پوکائي بابت پڇيو جنهن تي هن وراڻيندي چيو ته سڀ کان پهرين ليمن جون چڪيون لڳائبيون ۽ ان لاءِ زمين جي جاچ وٺڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته چيڪي مٽي واري زمين ليمي لاءِ وڌيڪ موزون آهي، ڇو جو وارياسي ۽ لٽ واري زمين تي ليمون گهڻو عرصو وجود برقرار رکي نٿو سگهي. ۽ ان وڌيڪ آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ليمن جي پوکائي جو بهترين موسم بهار آهي. مارچ مهيني کان وٺي مٿي جي شروعاتي هفتي تائين ليمي جون چڪيون هڻي سگهجن ٿيون. هن کان وڌيڪ معلوم ڪندي جڏهن ليمن جي تيار ٿيڻ جي حوالي سان پڇيو ته هن ٻڌايو وڻ تيار ٿيڻ ۾ تقريبن چار سال جو عرصو لڳي ٿو ۽ چئن سالن کانپوءِ ڦلجڻ شروع ٿئي ٿو.
ائين اسان جي ليمن جي باري ۾ گفتگو هلندي رهي ۽ ليمن بابت وڌيڪ تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ کيس کان پڇيو ته اڄ ڪلهه ليمي جي واپرائڻ ۾ ڪافي اضافو ٿيو آهي. ان جو ڀلا ڇا سبب آهي؟ اهڙي سوال پڇڻ بعد هن جي چهري تي هلڪي مرڪ ڦهلجي وئي ۽ چيائين ته ان جو اصل سبب ليمي جو هاڻي مختلف پراڊڪٽس ۾ گهڻي مقدار ۾ استعمال ٿيڻ آهي، وڌيڪ چيائين هاڻي اسان جا وار نيارا ٿيندا ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ ۾ ليمي جي ڪافي کپت آهي.


اهو ٻڌي مون هن جي چهري تي ڦهليل مرڪ جو سبب سمجهي ورتو. محمد علي صاحب جي ڳالهه کي مان اهميت ڏيندي چيو ته ليمي جي افاديت ۾ واقعي ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. وڌيڪ ڪچهري ڪندي ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيائين ته هتان جو ليمون هاڻي ٻاهرين ملڪن ڏانهن پڻ اماڻيو وڃي ٿو جن ۾ افغانستان ۽ متحده عرب امارات شامل آهن. ڪچهري جي اختتام طرف وڃي رهيا هياسين ته محمد علي ڀاڳت صاحب مون کي به آخر ۾ ليمن جي پيتي ڏيڻ جي آڇ ڪيائين جيڪا مون يڪدم قبولي ورتي ۽ آخر ۾ مان محمد علي جا ٿورا مڃيندي موڪلاڻي لاءِ اجازت گهري.

No comments:

Post a Comment