Thursday 23 March 2017

لکين ماڻهن جي اميدن جو مرڪز: درگاهه پير پٿورو: آنند ڪمار

لکين ماڻهن جي اميدن جو مرڪز:درگاهه پير پٿورو
فيڇر : آنند ڪمار
سنڌ صدين کان امن پسند ۽ مذهبي رواداري وارو علائقو رهيو آهي، جتي ڪيترن ئي درويشن ۽ اوليائن پيار ۽ محبت جو ٻج ڇٽي پنهنجي ايندڙ نسل کي ڀائيچاري سان گڏجي رهڻ جو درس ڏنو آهي، اڄ به ماڻهو انهن درويشن ۽ اوليائن جي درگاهن تي آس ۽ اميدون کڻي ويندا آهن.
سنڌ جي ضلعي عمرڪوٽ ۾ هڪ اهڙي درگاهه آهي، جيڪا پير پٿورو جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي.
پٿورو جنڪشن اسٽيشن (اها ريلوي لائين ننڍي پٽي سان 22 ڊسمبر 1990ع تي ٻاڙمير کان شادي پلي تائين وڇائي وئي) کان پير پٿورو جي درگاهه (جنهن کي پير پٿورو جي ماڙي به چوندا آهن) اتر طرف سڏ پنڌ تي واقع آهي، جتي هر سال لکين مريد زيارت ڪرڻ سان گڏ من جون مرادون ماڻڻ لاءِ ايندا آهن، رائچند (ساڪن چيلهار) جي 1955ع ۾ لکيل ڪتاب ”پير پٿورو صاحب“ ۾ پير پٿورو جو جنم عيسوي پنڌرهين صدي جي شروعات ۾ ماڏڻ جي گهر ۾ ڄاڻايو ويو آهي.
پير پٿورو ننڍي هوندي کان ئي درويشن وانگي اڪيلائي ۾ ويٺو سوچن ۾ گم ٿي ويندو هو، ان وقت ملتان ۾ جناب حضرت پير غوث بهال الدين صاحب مشهور پير ۽ ولي الله هئا، سنڌ مان هزارين مريد ٽوليون ٺاهي سندس زيارت لاءِ ويندا هئا پير پٿورو به  انهن سان گڏجي غوث صاحب جي زيارت ڪري آيا.
1884ع ۾ ڏامون مل ميگهواڙ پير پٿوري جي درگاهه ٺهرائي، جيڪا هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصي تائين پير پٿوري جي مريدن لاءِ شفا ۽ روحاني سڪون جو در بڻيل رهي.
2006ع ۾ درگاهه جي ٻيهر اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو، 5 هزار فٽن جي چوديواري اندر هلندڙ انهي ڪم تي مريدن موجب 8 ڪروڙ جي لاڳت ٿي چڪي آهي، جڏهن ته تعميراتي ڪم اڃا تيزي سان جاري آهي، 150 ايڪڙ پنهنجي زمين رکندڙ هن درگاهه کي مين روڊ تي وڏو گيٽ آهي، اڱڻ ۾ مريدن جي ويهڻ لاءِ وڏا هال ٺهيل آهن، جن آڏو ماڻهو مختلف شين ۽ رانديڪن سميت مورتين جا اسٽال لڳائي ٻن ويلن جي ماني لاءِ محنت ڪندي نظر ايندا آهن.
مائٽن جو پهريون حق واري روايت کي برقرار رکندي مريدن پهريان پير پٿوري جي ماتا پتا جي سماڌين جو ڪم شروع ڪرايو، جيڪو راس ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ مقبري جي اندر اعليٰ قسم جا رنگين شيشا لڳائي بهترين ڪاٺ تي چٽسالي جو اندرئين ۽ ٻاهرئين ٻنهي پاسي ڪم ڪرائي دروازا لڳايا ويا آهن، سموري مقبري کي چوڌاري  پرڏيهي ٽائلز لڳايا ويا آهن.
انتظام سنڀاليندڙن موجب درگاهه تي هڪ رپيو به اوقاف کاتي يا گورنمينٽ جو خرچ ٿيل ناهي، سڄو ترقاتي ڪم مريدن پاران چندي طور ڏنل پئسن مان ڪرايو ويندو آهي، سنڌ حڪومت صرف چوديواري، واٽر سپلاءِ ۽ ڪجهه باٿروم ٺهرائي ڏنا آهن.
درگاهه تي 24 ڪلاڪ لنگر جو بندوبست ٿيل هوندو آهي، جنهن سبب ڪنهن به مريد کي بُکي پيٽ وڃڻ نٿو ڏنو وڃي، هندي مهيني جي هر چنڊ جي رات هزارين مريد درگاهه تي زيارت لاءِ ايندا آهن ۽ سڄي رات ڀڳتن پاران ٿيندڙ ست سنگ ۾ ڀڳت ٻڌي سڪون ماڻيندا آهن.
درگاهه تي سال ۾ ٻه ڀيرا ميلو لڳندو آهي، هندي ڪئلينڊر موجب هڪ چيٽي چنڊ تي فقط ياترين لاءِ ۽ ٻيو وري بڊي جي چنڊ تي وڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ نه صرف ياتري ايندا آهن پر ڪيترائي ماڻهو واپار جي ارادري، ڪي خريداري تي ڪي وري گهمڻ جي ارادي سان ايندا آهن، ميلي ۾ مريد پري پري کان ٽوليون ٺاهي پيرن پنڌ 4،5 ڏينهن جو سفر ڪري پهچندا آهن.
شيواڌارين موجب ميلي ۾ هڪ لک جي لڳ ڀڳ مريد ايندا آهن، جن جي کاڌي پيتي لاءِ هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار کن ديڳيون پچايون وينديون آهن، انهي سان گڏ مريدن لاءِ صاف ۽ مٺو پاڻي، رهائش ۽ ڪنهن بيماري جي حالت ۾ 24 ڪلاڪ ڊاڪٽر ۽ دوائون موجود هونديون آهن، ميلي ۾ لکين ماڻهن کي سنڀالڻ لاءِ شيواڌاري مقرر ڪيا ويندا آهن، جيڪي سيڪيورٽي، کاڌي پيتي ۽ مريضن جي سار سنڀال سميت ٻيا ڪم بهتري بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيندا آهن.
ميلي ۾ هندو برادري سان واسطو رکندڙ سڀ ذاتيون اينديون آهن، جن ۾ واڻيا، کتري، ميگهواڙ، مالهي، بجير، اوڏ ڀيل ۽ ڪولهي شامل آهن.
32 سالن کان درگاهه تي شيوا ۾ رڌل شيواڌاري طوطا رام سان ڳالهه ٻولهه دوران هن ٻڌايو ته هن درگاهه جي خدمت ڪرڻ جو سلسلو اسان جي ابن ڏاڏن کان هلندو پيو اچي، درگاهه جو سمورو ڪاروهنوار مريدن پاران ڏنل چندي مان هلي پيو، ياترين کي سهولتون ڏيڻ لاءِ درگاهه جو ترقياتي ڪم جاري، جنهن ۾ ويڪري اڱڻ ۽ ٿلهي کان وٺي وڏن هالن جو ڪم ٿي رهيو آهي، آبادي سان گڏوگڏ مريدن ۾ به گهڻو اضافو ٿيو آهي، اتي ئي پاسي ويٺل ڍورونارو کان آيل علي خان مڱريي ٻڌايو ته آئون 11 سالن جي عمر کان هن درگاهه تي اچان پيو، جيڪو سلسلو 30 سالن کان جاري آهي، هتي اچي دلي سڪون ملندو آهي، مالڪ ته هڪڙو ئي آهي باقي فرق صرف نالي جو آهي.
ٽائون ڪاميٽي پٿورو جي وائيس چيئرمين لوڻو راٺي درگاهه بابت ڄاڻ ڏيندي چيو ته پير پٿوري جي ٻاجهه سان ميلي ۾ ڪنهن به قسم  جو اڻوڻندڙ واقعو پيش نٿو اچي، جڏهن ته ان جو سبب مريدن پاران هڪٻئي جو خيال رکڻ ۽ ميٺ محبت سان رهڻ پڻ آهي.

ميلي جي انتطامن کي سنڀالڻ لاءِ هڪ ڌار منڊلي ٺاهيل آهي، جيڪا پري پلاننگ ڪندي آهي، 2014ع ۾ ڊاڪٽر هري رام ڪشوري لال پاران درگاهه لاءِ 2.5 ڪروڙ رپين جي چوديواري، تلاءَ ۽ باٿروم جي اسڪيم ڏني وئي هئي، جڏهن ته هينئر به سنڌ حڪومت سان درگاهه کي وڌيڪ اسڪيمون ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهيون هلندڙ آهن، اميد آهي ته تمام جلد ياتري انهن اسڪيمن مان فائدو حاصل ڪندا.

1 comment: