Thursday 23 March 2017

سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ : شائستہ سومرو

 آرٽيڪل
 سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ
شائستہ سومرو
2k15/MC/110
پاڻي هڪ انمول نعمت آهي،پر وقت سان گڏوگڏ وايو منڊل ۾ ايندڙ قدرتي ۽ صنعتڪاري جي تبديلن جي ڪري اها نعمت انسان ذات لاءِ مصيبت به ثابت ٿي سگھي ٿي ،ڪجھ اهڙي هي حالت اسان جي صوبي سنڌ جي آهي،جتي پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ٻارڙا توڙي وڏا ڪيترين ئي بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن ته ڪئي فوت به ٿي چڪا آهن.
سنڌ ۾ هزارين ماڻهو پاڻي جي فراهمي کان محروم آهن ۽ جتي پا ڻي موجود آهي،اهو استعمال جھڙو ناهي ، اندروني سنڌ جا ڪيترا هي علائقا اهڙا آهن جھڙوڪ عمر ڪوٽ اسلام ڪوٽ ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڪچي آبادي وارا علائقا جتي جا رهواسي پاڻي جي تلاش ۾ روز سوّين ڪلو ميٽرن جو پير پنڌ سفر ڪن ٿا .
  ڊسمبر 2015 ۾ وفاقي وزارت کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ مطابق ملڪ ۾ صرف 36 سيڪڙو آبادي کي پائيپ لائين ذريعي پاڻي رسايووڃي ٿو. باقي رهيل 64 سيڪڙو آبادي درياهن، واهن ۽ کوهن ذريعي پاڻي حاصل ڪري ٿي.ان درياهن کوهن واهن جي پاڻي ۾ فيڪٽرين جي زهريلي ڪيميڪل جونيڪال ٿئي ٿو.قدرتي آفتون به پاڻي جي گدلاڻ جو سبب بڻجن ٿيون،جھڙوڪ زلزلن جي ڪري زميني سطح جو هيٺ مٿي ٿيڻ سان گڏوگڏ مٺوپاڻي کاري پاڻي سان ملي وڃي ٿو،اندروني سنڌ جا ماڻهو گھڻو ڪري کوهن ۽ واهن ذريعي زميني سطح وارو پاڻي استعمال ڪن ٿا ۽ اهو هي سبب آهي ته اندروني سنڌ ۾ پاڻي جي ڪري ڦهليل بيمارين جو تعداد تمام گھڙو آهي ، جيئن ته ٽئيفائيڊ، ڊائريا ڪاري ڪامڻ ۽ سائي کان ويندي، ايڇ آء وي ايڊز جهڙي خطرناڪ  ۽ موذي مرضن ۾ وڪوڙيل آهن ڪا سار سنڀهال نه هجڻ ڪري ڪري سنڌ ڏينهون ڏينهن تباھ ٿي رهي آھي ۽ سڃو سماج ڄڻ بيمارين جي ور چڙھيل آھي.سنڌ اندر ڱندي پاڻي جي نيڪال توڙي پيئڻ جي پاڻي جي فراھمي واري نظام جو جائزو وٺندڙ ڪميشن اڳيان سرڪاري عملدارن اعتراف ڪيو آھي ته ڱٽرن ڱندو پاڻي توڙي صنعتن جو ڪيميڪل وارو پاڻي سنڌو درياھ ڍنڍن ڍورن سميت پاڻي جو انهن ئي وسيلن ۾ ڇوڙ ٿي رھيو آهي جيڪو پيئڻ لاء انسان به استعمال ڪن ٿا ۽ سنڌ جي زمين آباد ٿئي ٿي. دنيا پنهنجي آبادي جي صحت کي يقيني بنائڻ لاء جتي صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائي ٿي اتي انساني آبادي جي نيڪال جي نظام کي به توانائي جي متبادل طريقي سان ڪم ۾ آڻي ان کي به ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاء قطب آڻي ٿي ، گھڻن ملڪن ۾ ته ڱندي پاڻي جي نيڪال مان بجلي به پيدا ڪئي وڃي ٿي ، 
ڊان نيوز جي تازه جاري ڪيل رپورٽ موجب سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن مان پاڻي جا نمونا گڏ ڪري جانچ لاءِ موڪليا ويا ،تقريبن سمورين نمونن جو نتيجو ساڳيو ئي نڪتو،پاڻي ۾ موجود جراسيمن جي ڪري پاڻي پيئڻ جي لائق نه هو ۽ پوري سطح سان  آلوده هو.
اها سموري صورتحال نه صرف سنڌ جي ماڻهن جي صحت لاءِ خطرو بڻيل آهي پر زراعت ۽ لائف اسٽاڪ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي روزگاري لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿي پئي.
حڪومت اگر چاهي ته ان صورتحال کي بهتر بڻائي سگھي ٿي ، پاڻي کي فلٽر ڪرن جا اپاءُ وٺي صاف پاڻي جي فراهمي هر علائقي تائين يقيني بڻائي سگھي ٿي.
پر افسوس اسان جا حڪومتي عهديدار عوام کي بنيادي صحولت پيئڻ جي صاف پاڻي جي فرهمي کي به يقيني بڻائڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي.


No comments:

Post a Comment