Thursday 23 March 2017

سنڌ ۾ صاف پاڻي پيئڻ جي کوٽ: رومانه مهيسر - Roomana Mahesar

. Observe paragraphs. No figure fact, too general. No specific reference
آرٽيڪل

سنڌ ۾ صاف پاڻي پيئڻ جي کوٽ


جيئن ته پاڻي انسان جي بنيادي ضرورتن مان هڪ وڏي ضرورت آهي ۽ جنهن کان سواءِ زندگي ناممڪن آهي. اسان هيڏي ايڊوانس دور ۾ جتي ماڻهن ٻين سيارن تي وڃي بصيره ڪيا آهن ۽ سائنس زندگي کي ايتري جديد ڪري ڇڏيو آهي، جو هر شيءَ آڱرن جي اشارن تي ملي پئي اتي اسان جي سٻا جهڙي سنڌ جا ماڻهو صاف پاڻي لاءِ به سڪي رهيا آهن ۽ گندي پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن. اسان اهو پاڻي پي رهيا آهيون. جيڪو گٽرن ۽ گندن نالن مان نڪري پيئڻ جي پاڻيءَ سان ملي ٿو ۽ اسان تائين پهچي ٿو ۽ اهو گندگي سان ڀريل پاڻي جڏهن اسان ۽ اسان جا معصوم ٻار پيئون ٿا ته ايتري ته مهلاڪ ۽ ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ٿا وڃون، جن جو علاج به ممڪن ناهي پر ان جي باوجود به اسان جي وقت جي حڪمران جي ڪن تي جون تڪ نه ٿي سرڪي ۽ شرڪي به ڇو جيڪي ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ صاف شفاف پاڻي ۽ جمي بوتلن جو مزو وٺندا هجن. انهن کي اسان عوام جي تڪليف سان ڪهڙو مطلب آهي، ٻيو ته ٺهيو  پر اسان جا وڏا شهر جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ سکر جيڪي سنڌ جا وڏا شهر سڏيا وڃن ٿا، اتي جا ماڻهو پاڻي جي آس ۾ ائين ويٺل ڏٺا آهن جيئن ٿر جا ماروئڙا بارش جي انتظار ۾ هوندا آهن. ٿر جيڪو قدرتي معدنيات سان مالامال آهي ۽ ملڪ ۾ اسان پنهنجي معيشت کي ٿر جي ڪوئلي سان مضبوط ڪيون بيٺا آهيون. اتان جا ماڻهو پاڻي جي لاءِ زمين ته نه پر آسمان ڏانهن نهاريندا آهن ته ڪڏهن ته اتي الله تعاليٰ جي رحمت وسي ۽ هو پنهنجي ٻچن ۽ جانورن کي سراب ڪن. اتي جڏهن الله تعاليٰ پنهنجي رحمت وسائي ٿو ته ماڻهو اهو پاڻي جمح ڪن ٿا ۽ پنهنجي ٻين عام ڏينهن ۾ استعمال ڪن ٿا. پاڻي نه صرف پيئڻ لاءِ ضروري آهي پر اسان جا فصل به پاڻي جا محتاج آهن. جيستائين زمين کي پاڻي نه ملندو، تيستائين فصلن جو ٿيئڻ به ممڪن ڪونهي. يعني اسان جي کاڌ خوراڪ به پاڻي کانسواءِ ممڪن ناهي. هن دور ۾ ماڻهو نئين شين کي ايجاد ڪرڻ ۽ نيون نيون ٽيڪنالوجيز تي تجربا ڪرڻ ۾ مصروف آهن. اتي اسان پاڻي جي کوٽ جي پريشانين مان ئي نه نڪري سگهيا آهيون.

No comments:

Post a Comment