Thursday, 23 March 2017

سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ : شائستہ سومرو

 آرٽيڪل
 سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ
شائستہ سومرو
2k15/MC/110
پاڻي هڪ انمول نعمت آهي،پر وقت سان گڏوگڏ وايو منڊل ۾ ايندڙ قدرتي ۽ صنعتڪاري جي تبديلن جي ڪري اها نعمت انسان ذات لاءِ مصيبت به ثابت ٿي سگھي ٿي ،ڪجھ اهڙي هي حالت اسان جي صوبي سنڌ جي آهي،جتي پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ٻارڙا توڙي وڏا ڪيترين ئي بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن ته ڪئي فوت به ٿي چڪا آهن.
سنڌ ۾ هزارين ماڻهو پاڻي جي فراهمي کان محروم آهن ۽ جتي پا ڻي موجود آهي،اهو استعمال جھڙو ناهي ، اندروني سنڌ جا ڪيترا هي علائقا اهڙا آهن جھڙوڪ عمر ڪوٽ اسلام ڪوٽ ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڪچي آبادي وارا علائقا جتي جا رهواسي پاڻي جي تلاش ۾ روز سوّين ڪلو ميٽرن جو پير پنڌ سفر ڪن ٿا .
  ڊسمبر 2015 ۾ وفاقي وزارت کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ مطابق ملڪ ۾ صرف 36 سيڪڙو آبادي کي پائيپ لائين ذريعي پاڻي رسايووڃي ٿو. باقي رهيل 64 سيڪڙو آبادي درياهن، واهن ۽ کوهن ذريعي پاڻي حاصل ڪري ٿي.ان درياهن کوهن واهن جي پاڻي ۾ فيڪٽرين جي زهريلي ڪيميڪل جونيڪال ٿئي ٿو.قدرتي آفتون به پاڻي جي گدلاڻ جو سبب بڻجن ٿيون،جھڙوڪ زلزلن جي ڪري زميني سطح جو هيٺ مٿي ٿيڻ سان گڏوگڏ مٺوپاڻي کاري پاڻي سان ملي وڃي ٿو،اندروني سنڌ جا ماڻهو گھڻو ڪري کوهن ۽ واهن ذريعي زميني سطح وارو پاڻي استعمال ڪن ٿا ۽ اهو هي سبب آهي ته اندروني سنڌ ۾ پاڻي جي ڪري ڦهليل بيمارين جو تعداد تمام گھڙو آهي ، جيئن ته ٽئيفائيڊ، ڊائريا ڪاري ڪامڻ ۽ سائي کان ويندي، ايڇ آء وي ايڊز جهڙي خطرناڪ  ۽ موذي مرضن ۾ وڪوڙيل آهن ڪا سار سنڀهال نه هجڻ ڪري ڪري سنڌ ڏينهون ڏينهن تباھ ٿي رهي آھي ۽ سڃو سماج ڄڻ بيمارين جي ور چڙھيل آھي.سنڌ اندر ڱندي پاڻي جي نيڪال توڙي پيئڻ جي پاڻي جي فراھمي واري نظام جو جائزو وٺندڙ ڪميشن اڳيان سرڪاري عملدارن اعتراف ڪيو آھي ته ڱٽرن ڱندو پاڻي توڙي صنعتن جو ڪيميڪل وارو پاڻي سنڌو درياھ ڍنڍن ڍورن سميت پاڻي جو انهن ئي وسيلن ۾ ڇوڙ ٿي رھيو آهي جيڪو پيئڻ لاء انسان به استعمال ڪن ٿا ۽ سنڌ جي زمين آباد ٿئي ٿي. دنيا پنهنجي آبادي جي صحت کي يقيني بنائڻ لاء جتي صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائي ٿي اتي انساني آبادي جي نيڪال جي نظام کي به توانائي جي متبادل طريقي سان ڪم ۾ آڻي ان کي به ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاء قطب آڻي ٿي ، گھڻن ملڪن ۾ ته ڱندي پاڻي جي نيڪال مان بجلي به پيدا ڪئي وڃي ٿي ، 
ڊان نيوز جي تازه جاري ڪيل رپورٽ موجب سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن مان پاڻي جا نمونا گڏ ڪري جانچ لاءِ موڪليا ويا ،تقريبن سمورين نمونن جو نتيجو ساڳيو ئي نڪتو،پاڻي ۾ موجود جراسيمن جي ڪري پاڻي پيئڻ جي لائق نه هو ۽ پوري سطح سان  آلوده هو.
اها سموري صورتحال نه صرف سنڌ جي ماڻهن جي صحت لاءِ خطرو بڻيل آهي پر زراعت ۽ لائف اسٽاڪ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي روزگاري لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿي پئي.
حڪومت اگر چاهي ته ان صورتحال کي بهتر بڻائي سگھي ٿي ، پاڻي کي فلٽر ڪرن جا اپاءُ وٺي صاف پاڻي جي فراهمي هر علائقي تائين يقيني بڻائي سگھي ٿي.
پر افسوس اسان جا حڪومتي عهديدار عوام کي بنيادي صحولت پيئڻ جي صاف پاڻي جي فرهمي کي به يقيني بڻائڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي.


معاشري ۾ وڌندڙ لاشعوري : فرقان علي - Furqan Ali

This is not article, its essay
آرٽيڪل
 فرقان علي

معاشري ۾ وڌندڙ لاشعوري

اڄ جي هن نفسانفسي جي دور ۾ وڌندڙ لاشعوري تمام وڌي رهي آهي جنهن جو سبب تعليم جي گهٽتائي يا تعليم جو بلڪل هي نه هجڻ آهي، اسان تعليم صرف ان ڪري ئي حاصل ڪريون ٿا جو اسان کي سٺي نوڪري ملي، اسان جي معاشري ۾ ڪامياب ان کي سمجهيو ويندو آهي، جنهن وٽ سٺي نوڪري آهي، پر نه ائين ناهي تعليم جو هرگز اهو مقصد ناهي ته توهان کي نوڪري جو ٽڪٽ ملندو، بلڪه ان جو مقصد توهان لاشعور کان باشعور ڪرڻ آهي، توهان کي هڪ اهڙو انسان ڪري جيڪو پنهنجي زندگي جو اصل مقصد سمجهائي هر معاشري جو بنياد عورت هوندي آهي ۽ بدنصيبي اها آهي ته اسان وٽ عورت زندگي جي هر بنيادي حق کان محروم آهي، عورت جي تعليم کي عيب سمجهيو وڃي ٿو، اسان جي عزت ۽ غيرت جو عورت تي شروع ۽ عورت تي ئي ختم ٿي وڃي ٿي. ڇا عورت پيدا ئي غلامي لاءِ ٿي آهي؟، ڇا ان کي پنهنجي زندگي مرضي سان گذارڻ جو حق ناهي؟ اسان وٽ عورت کي ڪاري جي ڏوهه ۾ سسي ڌڙ کان الڳ ڪئي ويندي آهي پر ان ئي ڏوهه ۾ ملوث مرد کي ڪو سو واهه به نه لڳندو آهي، آخر ڪيستائين اسين چڱن مڙسن يا وڏيرن جي ڏنل فيصلي آڏو پنهنجو سر جهڪائي پنهنجي ڌيءَ، ماءُ، ڀيڻ جي قرباني ڏيندا رهنداسين. هڪ معاشري ۾ باشعور ماڻهو ائين آهي جيئن اونداهه ۾ ٻرندڙ ڏيئو، جيڪو پنهنجي اردگرد جي هر شئي کي روشن ڪريو ڇڏي، باشعور ٿيڻ لاءِ تعليم جيڪا اسان جو بنيادي حق، اهو اسان کي حاصل ڪرڻ ضروري آهي، جنهن کانسواءِ انسان هڪ جانور جي مثال آهي، چوندا آهن ته انسان ۽ جانور ۾ صرف اهو فرق آهي ته انسان ۾ عقل آهي، جانور به عقل ۽ اسان کي عقل تعليم سان ايندو ته تعليم کي پرائڻ جو اسان مقصد صرف معاشري ۾ سٺو انسان ٿي رهڻ جو هجي ۽ پاڻ سان جڙيل هر عورت ۽ مرد کي ان جو بنيادي حق مهيا ڪيا وڃن ته جيئن معاشري ۾ شعور جي لهر ڇائنجي وڃي، ائين چوڻ به غلط نه هوندو ته معاشري جو سڄو دارومدار تعليم سان آهي ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهو جي تعليم سان لاڳپو ڄاڻ ڳوٺن ۾ لاشعوري جو نظام تمام وڌي رهيو آهي، جنهن جو سبب تعليم جو نه هجڻ آهي ۽ ان جي ڪري ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا آهن، هڪ ٻئي جي لاءِ برو سوچڻ، ننڍي ننڍي ڳالهين تي جهڳڙو ڪرڻ ايتري حد تائين جو ننڍي ننڍي ڳالهه تي تي لٺ ڌڪو کڻڻ عزت نفس جو مجروح ٿي وڃڻ آهي، سڀ شيون لاشعوري جو وڏو مثال اگر ائين ئي ٿيندو رهيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن اسين هڪ اونداهه جي دنيا ۾ هليا وينداسين، جتان نڪرڻ تمام مشڪل آهي، ان دور جي پاڇي کان بچڻ لاءِ اسان کي پنهنجي معاشري کي باشعور ڪرڻو پوندو ۽ هر ٻار ۽ اسان سان لاڳاپيل هر مرد ۽ عورت کي علم جي ٻارن جي تعليم بنيادي حق ڏنو وڃي ۽ ٻارن جي ڪم عمري ۾ پورهيو ڪرڻ تي پابندي هنئي وڃي ۽ اگر ڪو به ادارو ٻارن کان پورهيو ڪرائي ته ان کي سزا ڏني وڃي ۽ جرمانو رکيو وڃي ته جيئن ان تي مڪمل طريقي سان عمل ڪيو وڃي.
تعليم هڪ اهو زيور آهي، جيڪو هڪ غريب جي ملڪيت آهي، اها تعليم جيڪا توهان کي معاشري جو بهترين مثال بڻائي ان تعليم جو هجڻ ايندڙ نسل لاءِ تمام ضروري آهي، اسان الائي ڇو تعليم کي نوڪري سان ڀيٽ ڪندا آهيون، تعليم پرائڻ اسان جو هرگز اهو مقصد نه هجڻ کپي، بلڪه اسان جو مقصد هڪ سٺو ۽ سلجهيل انسان هجڻ کپي، جيڪو ٻين جي لاءِ سٺو سوچيندڙ ۽ آزاد خيال هجي، جنهن کي غلامي جي سوچ نه هجي. جنهن کي پنهنجي قابليت جي ڄاڻ هجي ۽ پنهنجي چوڌاري هڪ سٺو ماحول جو بنياد رکي، جنهن جوا ثر ايندڙ ٻار لاءِ باشعور ٿي رهڻ جو هجي.

اگر عورت جي عزت ۽ ان کي بنيادي حق ڏيڻ ڏوهه آهي ته ها مان ڏوهاري آهيان.

گئس لوڊشيڊنگ سبب حمامن تي رش - نبيل احمد ابڙو

فيچر
نبيل احمد ابڙو
رول نمبر 2k15/MC/66

گئس لوڊشيڊنگ سبب حمامن تي رش
شديد سردي ۽ گئس غائب، ڪو ماني پچائڻ کان رهجي ويو، ڪو چانهه ٽائيم تي نه پي سگهيو ته ڪو غريب وري وهنجي نه سگهيو، ڪو آفيس پهچي آفيسر جا دڙڪا ٿو سهي ته ڪو وري اسڪول دير سان پهچڻ سبب ڪلاس کان ٻاهر بيٺل هوندو آهي، سيارو شروع ٿيندي ئي سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ اهڙي صورتحال پيش ايندي آهي.
امير ماڻهو ته ٽيڪنالاجي جو ڀرپور فائدو وٺندي گرم پاڻي گيزر مان حاصل ڪري ٿا وٺن پر شهرن ۾ رهندڙ غريب ماڻهو ويچارو ڪيڏانهن وڃي، وهنجڻ ته ٺهيو پر چانهه ٺاهڻ جيترو به پريشر ناهي.
نومبر مهينو شروع ٿيندي ئي پريشر گهٽ هئڻ ڪري ماڻهن جي هائي گهوڙا مچي ويندي آهي، هر هنڌ احتجاجن باوجود به ڪو کڙ تيل ناهي نڪرندو ۽ ساڳي ماني ساڳ سان وارو ڪم ٿي ويندو آهي، ڪنهن ماڻهو چيو ته پاڪستان ۾ هر شئي جو توڙ پهريان ايندو آهي ۽ اها شئي بعد ۾ ايجاد ٿيندي آهي، ان چوڻي کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ حجام پنهنجن ڪوششن ۾ رڌل آهن، ڇو ته وهنجڻ لاءِ پريشان ماڻهن لاءِ  انهن  گرم پاڻي جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ حجام ڪاٺين تي باهه ٻاري گيزر ذريعي پاڻي گرم ڪرڻ جو بندوبست ڪري رکندا آهن، اڪثر اهي حمام اسان کي حجامن جي دڪانن تي ڏسڻ ۾ ايندا آهن، سياري جي مند ۾ گئس جو پريشر نه هئڻ سبب ماڻهو پاڻي به گرم ناهن ڪري سگهندا، حجامن جي دڪانن تي اهي وهنجڻ جون جايون ملنديون.
حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ تي واقع ايگريڪلچرل ڪامپليڪس ،جتي لڳ ڀڳ 30 کان 35 حجامن جا دڪان آهن ۽ اڪثر دڪانن تي حمام پڻ موجود آهن، ايگريڪلچرل ڪامپليڪس جتي رهندڙن جي اڪثريت بيچلر نوجوانن جي آهي جيڪي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا، اهي گئس جي لوڊشيڊنگ يا پاڻي جي اڻهوند ڪري  اڪثر صبح جي وقت ان حمامن جو رخ ڪندا آهن ۽ اتان وهنجي تيار ٿي ڪري يونيورسٽي ويندا آهن، خاص ڪري ڊسمبر ۽ جنوري مهيني دوران نوجوانن جي رش لڳل هوندي آهي، نوجوانن جو ان بابت چوڻ هو ته گهرن ۾ ته چانهه ٺاهڻ جيتري به گئس ناهي وهنجڻ لاءِ پاڻي ڪيئن گرم ڪيون؟ ان لاءِ هتي وهنجي تيار ٿيندا آهيون، خرچ ته ٻيڻو ٿي پوندو آهي پر ڇا ڪجي؟ دڪان مالڪ استاد خالد چيو ته اسان اهو ڪم 20 سالن کان ڪندا پيا اچون ۽ نه صرف سياري پر گرمي ۾ به ماڻهو هتي وهنجڻ لاءِ اچن ٿا، پر سياري ۾ ته ماڻهو فون ڪري چوندا آهن استاد! جاءِ رکجان، اسان ٿوري دير ۾ اچون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته گئس جو پريشر گهٽ هئڻ ڪري نه رڳو بيچلر ڇوڪرا پر آفيسن وارا ماڻهو پڻ هتي وهنجڻ لاءِ  اچن ٿا، هن ٻڌايو ته اسان وٽ لوهه سان ٺهيل گيزر هوندا آهن  جنهن کي هيٺان ڪاٺين جي باهه ٻاري پاڻي گرم ڪيو ويندو آهي، ان کان علاوه ايندڙ ماڻهن لاءِ وهنجڻ سان گڏ تيل ۽ ڪريم جي سهولت به موجود آهي، وهنجڻ جي رقم 30 کان 35 رپيا مقرر ٿيل آهي پر ڪجهه منافعي خور دڪاندار سيزن شروع ٿيندي ئي اگهه 50 رپين تائين وڌائي ڇڏيندا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان ٻن ٽن مهينن ۾ سٺي ڪمائي ٿي ويندي آهي، مطلب ته حڪومت گئس جو بحران پيدا ڪري اسان حمامن وارن لاءِ روزگار جا وسيلا مهيا ڪيا آهن.
آڳاٽي دور ۾ سنڌ اندر حجامڪو ڪم ته منگي برادري پاران ڪيو ويندو هو پر ٻين ڌنڌن جي کوٽ ۽ حجامڪو ڪم جي وڌندڙ گهرج آهر ٻيون برادريون به هن ڌنڌي ۾ جنبي ويون آهن جڏهن ته  هن وقت اهو ڪم ڪندڙ پنجابي ۽ سرائيڪي آهن، جيڪي صادق آباد ۽ رحيم يار خان جي علائقي مان اچن ٿا، جيڪي حجامڪو ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ حمام تان به سٺو ناڻو ڪمائي ٿا وٺن ان کان علاوه سيزن ۾ رش هئڻ سبب ٻيڻا پئسا ڪمائين ٿا. 

لکين ماڻهن جي اميدن جو مرڪز: درگاهه پير پٿورو: آنند ڪمار

لکين ماڻهن جي اميدن جو مرڪز:درگاهه پير پٿورو
فيڇر : آنند ڪمار
سنڌ صدين کان امن پسند ۽ مذهبي رواداري وارو علائقو رهيو آهي، جتي ڪيترن ئي درويشن ۽ اوليائن پيار ۽ محبت جو ٻج ڇٽي پنهنجي ايندڙ نسل کي ڀائيچاري سان گڏجي رهڻ جو درس ڏنو آهي، اڄ به ماڻهو انهن درويشن ۽ اوليائن جي درگاهن تي آس ۽ اميدون کڻي ويندا آهن.
سنڌ جي ضلعي عمرڪوٽ ۾ هڪ اهڙي درگاهه آهي، جيڪا پير پٿورو جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي.
پٿورو جنڪشن اسٽيشن (اها ريلوي لائين ننڍي پٽي سان 22 ڊسمبر 1990ع تي ٻاڙمير کان شادي پلي تائين وڇائي وئي) کان پير پٿورو جي درگاهه (جنهن کي پير پٿورو جي ماڙي به چوندا آهن) اتر طرف سڏ پنڌ تي واقع آهي، جتي هر سال لکين مريد زيارت ڪرڻ سان گڏ من جون مرادون ماڻڻ لاءِ ايندا آهن، رائچند (ساڪن چيلهار) جي 1955ع ۾ لکيل ڪتاب ”پير پٿورو صاحب“ ۾ پير پٿورو جو جنم عيسوي پنڌرهين صدي جي شروعات ۾ ماڏڻ جي گهر ۾ ڄاڻايو ويو آهي.
پير پٿورو ننڍي هوندي کان ئي درويشن وانگي اڪيلائي ۾ ويٺو سوچن ۾ گم ٿي ويندو هو، ان وقت ملتان ۾ جناب حضرت پير غوث بهال الدين صاحب مشهور پير ۽ ولي الله هئا، سنڌ مان هزارين مريد ٽوليون ٺاهي سندس زيارت لاءِ ويندا هئا پير پٿورو به  انهن سان گڏجي غوث صاحب جي زيارت ڪري آيا.
1884ع ۾ ڏامون مل ميگهواڙ پير پٿوري جي درگاهه ٺهرائي، جيڪا هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصي تائين پير پٿوري جي مريدن لاءِ شفا ۽ روحاني سڪون جو در بڻيل رهي.
2006ع ۾ درگاهه جي ٻيهر اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو، 5 هزار فٽن جي چوديواري اندر هلندڙ انهي ڪم تي مريدن موجب 8 ڪروڙ جي لاڳت ٿي چڪي آهي، جڏهن ته تعميراتي ڪم اڃا تيزي سان جاري آهي، 150 ايڪڙ پنهنجي زمين رکندڙ هن درگاهه کي مين روڊ تي وڏو گيٽ آهي، اڱڻ ۾ مريدن جي ويهڻ لاءِ وڏا هال ٺهيل آهن، جن آڏو ماڻهو مختلف شين ۽ رانديڪن سميت مورتين جا اسٽال لڳائي ٻن ويلن جي ماني لاءِ محنت ڪندي نظر ايندا آهن.
مائٽن جو پهريون حق واري روايت کي برقرار رکندي مريدن پهريان پير پٿوري جي ماتا پتا جي سماڌين جو ڪم شروع ڪرايو، جيڪو راس ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ مقبري جي اندر اعليٰ قسم جا رنگين شيشا لڳائي بهترين ڪاٺ تي چٽسالي جو اندرئين ۽ ٻاهرئين ٻنهي پاسي ڪم ڪرائي دروازا لڳايا ويا آهن، سموري مقبري کي چوڌاري  پرڏيهي ٽائلز لڳايا ويا آهن.
انتظام سنڀاليندڙن موجب درگاهه تي هڪ رپيو به اوقاف کاتي يا گورنمينٽ جو خرچ ٿيل ناهي، سڄو ترقاتي ڪم مريدن پاران چندي طور ڏنل پئسن مان ڪرايو ويندو آهي، سنڌ حڪومت صرف چوديواري، واٽر سپلاءِ ۽ ڪجهه باٿروم ٺهرائي ڏنا آهن.
درگاهه تي 24 ڪلاڪ لنگر جو بندوبست ٿيل هوندو آهي، جنهن سبب ڪنهن به مريد کي بُکي پيٽ وڃڻ نٿو ڏنو وڃي، هندي مهيني جي هر چنڊ جي رات هزارين مريد درگاهه تي زيارت لاءِ ايندا آهن ۽ سڄي رات ڀڳتن پاران ٿيندڙ ست سنگ ۾ ڀڳت ٻڌي سڪون ماڻيندا آهن.
درگاهه تي سال ۾ ٻه ڀيرا ميلو لڳندو آهي، هندي ڪئلينڊر موجب هڪ چيٽي چنڊ تي فقط ياترين لاءِ ۽ ٻيو وري بڊي جي چنڊ تي وڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ نه صرف ياتري ايندا آهن پر ڪيترائي ماڻهو واپار جي ارادري، ڪي خريداري تي ڪي وري گهمڻ جي ارادي سان ايندا آهن، ميلي ۾ مريد پري پري کان ٽوليون ٺاهي پيرن پنڌ 4،5 ڏينهن جو سفر ڪري پهچندا آهن.
شيواڌارين موجب ميلي ۾ هڪ لک جي لڳ ڀڳ مريد ايندا آهن، جن جي کاڌي پيتي لاءِ هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار کن ديڳيون پچايون وينديون آهن، انهي سان گڏ مريدن لاءِ صاف ۽ مٺو پاڻي، رهائش ۽ ڪنهن بيماري جي حالت ۾ 24 ڪلاڪ ڊاڪٽر ۽ دوائون موجود هونديون آهن، ميلي ۾ لکين ماڻهن کي سنڀالڻ لاءِ شيواڌاري مقرر ڪيا ويندا آهن، جيڪي سيڪيورٽي، کاڌي پيتي ۽ مريضن جي سار سنڀال سميت ٻيا ڪم بهتري بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيندا آهن.
ميلي ۾ هندو برادري سان واسطو رکندڙ سڀ ذاتيون اينديون آهن، جن ۾ واڻيا، کتري، ميگهواڙ، مالهي، بجير، اوڏ ڀيل ۽ ڪولهي شامل آهن.
32 سالن کان درگاهه تي شيوا ۾ رڌل شيواڌاري طوطا رام سان ڳالهه ٻولهه دوران هن ٻڌايو ته هن درگاهه جي خدمت ڪرڻ جو سلسلو اسان جي ابن ڏاڏن کان هلندو پيو اچي، درگاهه جو سمورو ڪاروهنوار مريدن پاران ڏنل چندي مان هلي پيو، ياترين کي سهولتون ڏيڻ لاءِ درگاهه جو ترقياتي ڪم جاري، جنهن ۾ ويڪري اڱڻ ۽ ٿلهي کان وٺي وڏن هالن جو ڪم ٿي رهيو آهي، آبادي سان گڏوگڏ مريدن ۾ به گهڻو اضافو ٿيو آهي، اتي ئي پاسي ويٺل ڍورونارو کان آيل علي خان مڱريي ٻڌايو ته آئون 11 سالن جي عمر کان هن درگاهه تي اچان پيو، جيڪو سلسلو 30 سالن کان جاري آهي، هتي اچي دلي سڪون ملندو آهي، مالڪ ته هڪڙو ئي آهي باقي فرق صرف نالي جو آهي.
ٽائون ڪاميٽي پٿورو جي وائيس چيئرمين لوڻو راٺي درگاهه بابت ڄاڻ ڏيندي چيو ته پير پٿوري جي ٻاجهه سان ميلي ۾ ڪنهن به قسم  جو اڻوڻندڙ واقعو پيش نٿو اچي، جڏهن ته ان جو سبب مريدن پاران هڪٻئي جو خيال رکڻ ۽ ميٺ محبت سان رهڻ پڻ آهي.

ميلي جي انتطامن کي سنڀالڻ لاءِ هڪ ڌار منڊلي ٺاهيل آهي، جيڪا پري پلاننگ ڪندي آهي، 2014ع ۾ ڊاڪٽر هري رام ڪشوري لال پاران درگاهه لاءِ 2.5 ڪروڙ رپين جي چوديواري، تلاءَ ۽ باٿروم جي اسڪيم ڏني وئي هئي، جڏهن ته هينئر به سنڌ حڪومت سان درگاهه کي وڌيڪ اسڪيمون ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهيون هلندڙ آهن، اميد آهي ته تمام جلد ياتري انهن اسڪيمن مان فائدو حاصل ڪندا.

ڪنڊيارو شهر جي سڃاڻپ ليمن جا باغ : سراج ڀاڳت

ڪنڊيارو شهر جي سڃاڻپ ليمن جا باغ (فيچر)
 فيچر , سراج الحق ڀاڳت
          قدرت هن ڌرتي کي تمام سهڻو ۽ خوبصورت بڻايو آهي. قدرت جي تخليق ٿيل حسناڪين  کي ڏسندي انساني عقل بلڪل دنگ رهيو وڃي. اهڙي طرح سنڌ ڌرتي پڻ قدرتي تخليق ۽ حسناڪين جوعڪس آهي، جيڪا فطرتي  حسن ۽ قدرتي وسيلن سان پڻ مالامال آهي. جنهن ۾ ٻيلا، کير جهڙو کير  ٿر جبل، ڍنڍون توڙي  سرسبز ميداني علائقا يا ثقافتي رنگن سان ڀريل رهاڻون هجن. سڀئي رنگ سنڌ جي خوبصورتي جا چٽيل عڪس آهن، اهڙي طرح سنڌ جي مڙني شهرن جي تقريبن الڳ الڳ سڃاڻپ آهي. جيڪي پنهنجي ثقافتي، سماجي ۽ قدرتي رنگن سان سڃاتا وڃن ٿا.

جيئن هالا هٿ جي هنر جو مرڪز آهي، سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ هٿ جي هنر جي مرڪز طور سڃاتو وڃي ٿو. اهڙي طرح ميرپورخاص جا انب تمام مشهور آهن ۽ صحرا ۾ ٿر پڻ قدرتي حسن جو هڪ نادر نمونو آهي.
نوشهروفيروز جو تعلقو ڪنڊيارو پڻ ليمن جي باغات سبب ڄاتو وڃي ٿو. ليمون سنڌ جي ڪل ٽن ضلعن ۾ ٿئي ٿو، جنهن ۾ نوشهروفيروز، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪچي وارو حصو شامل آهي. ڪنڊيارو شهر کي ليمن جو مرڪز ان ڪري تصور ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته  هتي سئو مان تقريبن پنجتر فيصد ايراضي تي ليمي جا باغات آهن، ۽ اهي اهڙي ته دلفريبي ۽ خوبصورتي جو ڏيک ڏين ٿا گهڙي کن لاءِ ماڻهو ائين محسوس ڪندو شايد هو ڪشمير جي ڪنهن دلڪش وادي ۾ بيٺو آهي. هتان جو ليمو ڪراچي اسلام آباد توڙي ملڪن جي ٻين شهرن ڏانهن واپار تحت پڻ موڪليو ويندو آهي ۽ وڏن شهرن جا ماڻهو هٿان جي ليمي کي خاص اهميت ڏيندا آهن، ان جو سبب اهو آهي ته هٿان جو ليمون دنيا جي ٻين علائقن جي ليمي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رسيلو ۽ ذائقيدار ٿئي ٿو. انڊيا ۾ پڻ ليمون ٿئي ٿو پر اهو هتان جي ليمي جي ڀيٽ ۾ گهٽ پسند ڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو اتان جي ليمي ۾ رس گھٽ آهي ۽ ذائقي ۾ به اڻوڻندڙ ٿئي ٿو ليمن جي باغات توڙي ان جي ميوي بابت جڏهن آئون تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ اتان جي هڪ زميندار محمد علي ڀاڳت سان مليس ته ان ليمن بابت پنهنجي تجربي آهر ٻڌائيندي چيو ته منهنجو ويهه ايڪڙن تي مشتمل ليمن جو باغ آهي، گذريل پندرهن سالن کان آءُ ان ڪرت سان لاڳاپيل آهيان. سڀ کان پهرين آءُ ان کان ليمن جي پوکائي بابت پڇيو جنهن تي هن وراڻيندي چيو ته سڀ کان پهرين ليمن جون چڪيون لڳائبيون ۽ ان لاءِ زمين جي جاچ وٺڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته چيڪي مٽي واري زمين ليمي لاءِ وڌيڪ موزون آهي، ڇو جو وارياسي ۽ لٽ واري زمين تي ليمون گهڻو عرصو وجود برقرار رکي نٿو سگهي. ۽ ان وڌيڪ آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ليمن جي پوکائي جو بهترين موسم بهار آهي. مارچ مهيني کان وٺي مٿي جي شروعاتي هفتي تائين ليمي جون چڪيون هڻي سگهجن ٿيون. هن کان وڌيڪ معلوم ڪندي جڏهن ليمن جي تيار ٿيڻ جي حوالي سان پڇيو ته هن ٻڌايو وڻ تيار ٿيڻ ۾ تقريبن چار سال جو عرصو لڳي ٿو ۽ چئن سالن کانپوءِ ڦلجڻ شروع ٿئي ٿو.
ائين اسان جي ليمن جي باري ۾ گفتگو هلندي رهي ۽ ليمن بابت وڌيڪ تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ کيس کان پڇيو ته اڄ ڪلهه ليمي جي واپرائڻ ۾ ڪافي اضافو ٿيو آهي. ان جو ڀلا ڇا سبب آهي؟ اهڙي سوال پڇڻ بعد هن جي چهري تي هلڪي مرڪ ڦهلجي وئي ۽ چيائين ته ان جو اصل سبب ليمي جو هاڻي مختلف پراڊڪٽس ۾ گهڻي مقدار ۾ استعمال ٿيڻ آهي، وڌيڪ چيائين هاڻي اسان جا وار نيارا ٿيندا ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ ۾ ليمي جي ڪافي کپت آهي.


اهو ٻڌي مون هن جي چهري تي ڦهليل مرڪ جو سبب سمجهي ورتو. محمد علي صاحب جي ڳالهه کي مان اهميت ڏيندي چيو ته ليمي جي افاديت ۾ واقعي ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. وڌيڪ ڪچهري ڪندي ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيائين ته هتان جو ليمون هاڻي ٻاهرين ملڪن ڏانهن پڻ اماڻيو وڃي ٿو جن ۾ افغانستان ۽ متحده عرب امارات شامل آهن. ڪچهري جي اختتام طرف وڃي رهيا هياسين ته محمد علي ڀاڳت صاحب مون کي به آخر ۾ ليمن جي پيتي ڏيڻ جي آڇ ڪيائين جيڪا مون يڪدم قبولي ورتي ۽ آخر ۾ مان محمد علي جا ٿورا مڃيندي موڪلاڻي لاءِ اجازت گهري.

سنڌ يونيورسٽي ۾ علمي مجسمو : عبدالسبحان

                   فيچر          عبدلسبحان جمالي
رول نمبر 2K15/MC/05
بي ايس پارٽ (ٽيون)
   سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليمي ڳڙھ جي عڪاسي ڪندڙ علمي مجسمو 
 
هر لمحو هر ڪيفيت جيڪا يقينن هر انسان کي پنهنجي خيالن سان موهي پاڻ ڏانهن 
راغب ڪرڻ ۾ ڪائي ڪسر ناهي ڇڏيندي ۽ هر فطري يا ظاهري طور نظر ڪجھ اهڙا پل يا منظر جيڪي ذهني طور تي انسان تي مثبت اثر ڇڏيندا آهن
اهڙوئي هڪ خوش نما منظر جيڪوسنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کي ارپيو ويو  آهي
تزو ئي هڪ مهينو پهريان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾مين ايندڙ روڊ تي سينٽرل لائبرئري اڳيان هڪ ڪتاب پڙهندڙشاگرد جو مجسمو ٺاهي لڳايو ويو آهي جيڪا هن وقت سان گڏوگڏ هڪ وڏي نئين تبديلي مهي جيڪا هڪ بهترين تعليمي اداري جي سڃاڻپ پڻ ڏي ٿي.
اهڙي مجسمي جي تخليق کانپوءَ پٿرن جي ڌرتي تي سنڌ يونيورسٽي علم جي اُڃايل ماڻهن کي پري کان ئي هڪ تمام بهترين تعليمي مرڪزجو ڏيک ڏئي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪري ٿي جيڪو يقينن خوشي جوڳو بهترين عمل آهي.
وڌيڪ خوشي جي ڳالھ اها به آهي هي مجسموسنڌ يونيورسٽي جي شعبي آرٽ ۽ ڊزائن جي پروفيسر نادر جمالي جي هنر سان ٺاهيو ويو آهي.جنهن ڪوشش سان هي اهم ڪم پڄاڻي تي پهتي آهي.
سندس سان ڪيل ڳالھ ٻول ۾ چيائون ته هن مجسمي جي لاءِ سوچ آلاپ ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي جي سابقه وي سي مرحوم محترمه عابده طهراڻي هئي جنهن جي خواهش تي هي مجسمو جوڙيو ويو آهي.سندن جو چوڻ آهي ته هن مجسمي کي ٺاهڻ ۾ هڪ سال جو عرصو لڳو ميڊم مرحومه منهنجي 200سيڪڙو مدد ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميه هن تي چار لک روپيه خرچ ڪئي ۽انتظاميه طرف ڀرپور سهڪار ڪيو ويو آهي.
بحرحال حقيقي روپ ۾ ڏٺو وڃي ته اهڙي فطري عمل کي آلاپ ڏئي ڏيکاءَ ڏيڻ مستقبل ۾ هن اداري لاءَ اهم ڪردار اداڪري سگھي ٿو. جيڪوسنڌ يونيورسٽي جي سڃاڻپ طور پڻ لکيو ويندو.
5کان6 فٽ جو جوٺهيل هن مجسمي جي بناوٽ ۾ مختلف ڪيميڪل جو پڻ استعمال ڪيو ويو آهي جنهن جي سبب هي ڪڏهن به ڀري ٽُٽي نه سگھندو هميشه علم جي ورکه ڪندو رهندو.
هن مجسمي جو رنگ سونهري سائو آهي جيڪو پري کان چمڪندار روشني نظر اچي ٿو.
هن جي ٺهڻ سان ايندڙ وقت توڙي هلندڙ وقت ۾ تمام گھڻا اثر انداز ٿيندڙ فائده مند فائدا حاصل ٿي سگھن ۽هتي پڙهندڙ شاگردن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪري ٿو ته ان لاءِ اندازو لڳائي سگھون ٿا ته ايندڙ وقت ۾سنڌ يونيورسٽي بهتري طرف روان دوان آهي ۽ هتي ايندڙ هر فرد کي پڙهائي ڏانهن راغب ڪندي.

موبائيل ٽيڪنالاجي جا سماج تي پوندڙ ناڪاري اثر: ناصر عباس لسڪاڻي

فيچر
ناصر عباس لسڪاڻي
رول نمبر 2k15/MC/67
ڪلاس بي ايس سال ٽيون

موبائيل ٽيڪنالاجي سبب سماج تي پوندڙ ناڪاري اثر

        ٽيڪنالاجي جي اچڻ سان ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اسين هاڻ پنهنجن پيارن سان رابطو ڪري سگهنداسين، نظرن کان ڏور ويٺلن سان آساني سان ڳالهائي سگهنداسين، انهي ڏورانهن ويڇن کي ختم ڪرڻ لاءِ هينئر تائين تمام گهڻيون ايجادون ٿي چڪيون آهن، جيئن ٽيليفون، ڪمپيوٽر، موبائيل فون وغيره پر اڄڪلهه انهن سڀني کان گهڻو استعمال موبائيل فون جو ڪيو ويندو آهي، جنهن کي اسان ايئن سمجهون ته خط جو ته بلڪل رجهان ئي گهٽائي ڇڏيو آهي.
پر شايد ڪنهن کي خبر نه هئي ته اها ئي رحمت مستقبل ۾ اسان لاءِ زحمت جو سبب بڻجي ويندي.
 معاشري جي هر ننڍي توڙي وڏي وٽ هينئر هٿن ۾ موبائيل نظر ايندو، چئبو ته سماج جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو موبائيل فون ذريعي ٻين ماڻهن سان ڳنڍيو پيو آهي، موبائيل فون جو استعمال اڄڪلهه جا نوجوان مڙئي گهڻي انداز ۾ ڪندا آهن، جنهن ڪري موبائيل فون تي ٿيندڙ دوستي وارو رجهان ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون موبائيل تي هڪٻئي سان رابطو ڪري پهريان ته مئسيجن تائين محدود رهي ڳالهيون ڪن ٿا ۽ پو وري ان مئسيج واري دوستي کي ڪال پئڪيج تي ڳالهائڻ واري دوستي ۾ بدلجندي گهڻو تائيم نٿو لڳي. هاڻ اها ڪال پئڪيج تي ڳالهائڻ واري دوستي وري پيار ۾ بدليو وڃي، جنهن سبب موبائيل دوستي جي ڪري سماج ۾ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي، بدمعاش ماڻهو معصوم ڇوڪرين کي پنهنجي ڳالهين ۾ ڦاسائي پهريان محبت جا اقرار ۽ پوءِ شادي جا واعدا ڪن ٿا، ۽ آخر ۾ ڇوڪري جي زندگي برباد ڪري وري ٻي ڇوڪري ٺاهڻ ۾ لڳي ويندا آهن.

ڪئين اهڙا مثال ملن ٿا جن ۾ ڇوڪرا موبائيل تي ٿيندڙ دوستي بعد ڇوڪرين سان شادي ته ڪن ٿا پوءِ شادي جي ڪجهه ئي مهينن اندر ڇوڪرا ڇوڪرين تي تي شق ڪرڻ شروع ڪندا آهن، شادي کان پوءِ ڪجهه مهينن تائين خوش رهيا ۽ اڳتي هلي اها ڳالهه طلاق تائين وڃي پهچندي آهي، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جنهن عورت پنهنجو گهر ۽ مٽ مائٽ ڇڏي ايڏي وڏي قرباني ڏني ان عورت کي گهران بيدخل ڪري ڪڍڻ ۾ دير ئي نه ڪندا آهن، جنهن سان ٿيندو ايئن آهي جو اهي ڇوڪريون پنهنجن والدين جي در جا دروازا ته پهريان ئي پنهنجي لاءِ بند ڪري اينديون آهن ۽ شادي جي ڪجهه ئي مهينن اندر سندن ور به گهران ڪڍيو ڇڏين، پوءِ انهن بي سهارا عورتن لاءِ فقط دارالامان ئي سهارو هوندو آهي جتي اهي ڇوڪريون پنهنجي بقايا زندگي جا ڏينهن گهاري پنهنجي ڪيل غلطي تي پڇتائينديون آهن ۽ پنهنجن پيارن مائٽن کي ياد ڪري کين صرف لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪنديو آهن.