Showing posts with label نبيل احمد ابڙو. Show all posts
Showing posts with label نبيل احمد ابڙو. Show all posts

Thursday, 23 March 2017

گئس لوڊشيڊنگ سبب حمامن تي رش - نبيل احمد ابڙو

فيچر
نبيل احمد ابڙو
رول نمبر 2k15/MC/66

گئس لوڊشيڊنگ سبب حمامن تي رش
شديد سردي ۽ گئس غائب، ڪو ماني پچائڻ کان رهجي ويو، ڪو چانهه ٽائيم تي نه پي سگهيو ته ڪو غريب وري وهنجي نه سگهيو، ڪو آفيس پهچي آفيسر جا دڙڪا ٿو سهي ته ڪو وري اسڪول دير سان پهچڻ سبب ڪلاس کان ٻاهر بيٺل هوندو آهي، سيارو شروع ٿيندي ئي سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ اهڙي صورتحال پيش ايندي آهي.
امير ماڻهو ته ٽيڪنالاجي جو ڀرپور فائدو وٺندي گرم پاڻي گيزر مان حاصل ڪري ٿا وٺن پر شهرن ۾ رهندڙ غريب ماڻهو ويچارو ڪيڏانهن وڃي، وهنجڻ ته ٺهيو پر چانهه ٺاهڻ جيترو به پريشر ناهي.
نومبر مهينو شروع ٿيندي ئي پريشر گهٽ هئڻ ڪري ماڻهن جي هائي گهوڙا مچي ويندي آهي، هر هنڌ احتجاجن باوجود به ڪو کڙ تيل ناهي نڪرندو ۽ ساڳي ماني ساڳ سان وارو ڪم ٿي ويندو آهي، ڪنهن ماڻهو چيو ته پاڪستان ۾ هر شئي جو توڙ پهريان ايندو آهي ۽ اها شئي بعد ۾ ايجاد ٿيندي آهي، ان چوڻي کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ حجام پنهنجن ڪوششن ۾ رڌل آهن، ڇو ته وهنجڻ لاءِ پريشان ماڻهن لاءِ  انهن  گرم پاڻي جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ حجام ڪاٺين تي باهه ٻاري گيزر ذريعي پاڻي گرم ڪرڻ جو بندوبست ڪري رکندا آهن، اڪثر اهي حمام اسان کي حجامن جي دڪانن تي ڏسڻ ۾ ايندا آهن، سياري جي مند ۾ گئس جو پريشر نه هئڻ سبب ماڻهو پاڻي به گرم ناهن ڪري سگهندا، حجامن جي دڪانن تي اهي وهنجڻ جون جايون ملنديون.
حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ تي واقع ايگريڪلچرل ڪامپليڪس ،جتي لڳ ڀڳ 30 کان 35 حجامن جا دڪان آهن ۽ اڪثر دڪانن تي حمام پڻ موجود آهن، ايگريڪلچرل ڪامپليڪس جتي رهندڙن جي اڪثريت بيچلر نوجوانن جي آهي جيڪي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا، اهي گئس جي لوڊشيڊنگ يا پاڻي جي اڻهوند ڪري  اڪثر صبح جي وقت ان حمامن جو رخ ڪندا آهن ۽ اتان وهنجي تيار ٿي ڪري يونيورسٽي ويندا آهن، خاص ڪري ڊسمبر ۽ جنوري مهيني دوران نوجوانن جي رش لڳل هوندي آهي، نوجوانن جو ان بابت چوڻ هو ته گهرن ۾ ته چانهه ٺاهڻ جيتري به گئس ناهي وهنجڻ لاءِ پاڻي ڪيئن گرم ڪيون؟ ان لاءِ هتي وهنجي تيار ٿيندا آهيون، خرچ ته ٻيڻو ٿي پوندو آهي پر ڇا ڪجي؟ دڪان مالڪ استاد خالد چيو ته اسان اهو ڪم 20 سالن کان ڪندا پيا اچون ۽ نه صرف سياري پر گرمي ۾ به ماڻهو هتي وهنجڻ لاءِ اچن ٿا، پر سياري ۾ ته ماڻهو فون ڪري چوندا آهن استاد! جاءِ رکجان، اسان ٿوري دير ۾ اچون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته گئس جو پريشر گهٽ هئڻ ڪري نه رڳو بيچلر ڇوڪرا پر آفيسن وارا ماڻهو پڻ هتي وهنجڻ لاءِ  اچن ٿا، هن ٻڌايو ته اسان وٽ لوهه سان ٺهيل گيزر هوندا آهن  جنهن کي هيٺان ڪاٺين جي باهه ٻاري پاڻي گرم ڪيو ويندو آهي، ان کان علاوه ايندڙ ماڻهن لاءِ وهنجڻ سان گڏ تيل ۽ ڪريم جي سهولت به موجود آهي، وهنجڻ جي رقم 30 کان 35 رپيا مقرر ٿيل آهي پر ڪجهه منافعي خور دڪاندار سيزن شروع ٿيندي ئي اگهه 50 رپين تائين وڌائي ڇڏيندا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان ٻن ٽن مهينن ۾ سٺي ڪمائي ٿي ويندي آهي، مطلب ته حڪومت گئس جو بحران پيدا ڪري اسان حمامن وارن لاءِ روزگار جا وسيلا مهيا ڪيا آهن.
آڳاٽي دور ۾ سنڌ اندر حجامڪو ڪم ته منگي برادري پاران ڪيو ويندو هو پر ٻين ڌنڌن جي کوٽ ۽ حجامڪو ڪم جي وڌندڙ گهرج آهر ٻيون برادريون به هن ڌنڌي ۾ جنبي ويون آهن جڏهن ته  هن وقت اهو ڪم ڪندڙ پنجابي ۽ سرائيڪي آهن، جيڪي صادق آباد ۽ رحيم يار خان جي علائقي مان اچن ٿا، جيڪي حجامڪو ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ حمام تان به سٺو ناڻو ڪمائي ٿا وٺن ان کان علاوه سيزن ۾ رش هئڻ سبب ٻيڻا پئسا ڪمائين ٿا. 

Tuesday, 31 January 2017

پروفائيل حافظ علي , نبيل ابڙو



نبيل احمد ابڙو
رول نمبر: 2K15/MC/66
بي ايس پارٽ (ٽيون)
                                                                    
انسان ته هر جا تي پيدا ٿيندا آهن پر انسانيت ڪنهن ڪنهن گهر ۾ جنم وٺندي آهي : حافظ علي گوهر بروهي

ڪي ماڻهو پنهنجي لا جيئندا آهن، ڪي پنهنجي پيارن لا جيئندا آهن ته ڪي وري انساني خدمت ڪرڻ لا جيئندا آهن، حافظ علي گوهر بروهي به انهن ماڻهن منجهان آهي، جيڪي خلق خدا جي خدمت لا جيئندا آهن، هو جيڪو سدائين ڪنهن بکايل جو پيٽ ڀري خوش ٿيندو آ، هو جيڪو سدائين ڪنهن مسافر کي ٿڌ يا گرمي کان بچائڻ لا جي ۾ جايون ڏيندو آ، هو جيڪو ڪنهن غريب جي مدد ڪرڻ 
سان روحاني سڪون حاصل ڪندو آهي.
حافظ علي گوهر بروهي جو جنم سنڌ جي مٺڙي شهر ميهڙ جي هڪ 
ننڍڙي ڳوٺ کهڙا وليج ۾ طوفاني هوائن سان 13 اپريل 1964 ۾ ٿيو، حافظ علي گوهر شروعاتي تعليم آباڻي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پپرن جي وڻڻ جي ڇانو هيٺ ويهي حاصل ڪئي، سندس والد کيس اسڪولي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ قرآن مجيد پڻ حفظ ڪرايو، سندس والد هڪ هاري هو، حافظ علي گوهر بروهي کي ننڍڙي هوندا کان ئي ادب ۽ شاعري سان خاص لڳا هو پر سندس والد شاعري ۽ ادب جو مخالف هو، حافظ شاهه جو رسالو ، بخاري جي شاعري ۽ ٻيو مواد پنهنجي پي کان لڪي لڪي پڙهندو هو، هڪ ڏينهن سندس پي بخاري جو ڪتاب پڙهندي ڏسي کيس مار پڻ ڪڍي هئي ته شاعري نه پڙهه، حافظ علي گوهر بروهي قرآن شريف حفظ ڪرڻ بعد ڳوٺ جي مسجد ۾ نماز پڙهائڻ شروع ڪئي، نماز پڙهائڻ سان گڏوگڏ هن رمضان شريف ۾ رئيس رفيق جمالي جي ڳوٺ ۾ تراويح پڙهائي، پر بدلي ۾ کيس صرف هڪ ڪي ٽي جو جوڙو مليو جنهن کيس ڏاڍو مايوس ڪيو ۽ هن نماز پڙهائڻ ڇڏي ڏني ۽ پنهنجي تعليم جاري رکندي انٽر جو امتحان ڊگري ڪاليج ميهڙ مان پاس ڪرڻ بعد حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو جتي کيس ايس آر ٽي سي کاتي ۾ بطور ڪلارڪ روزگار مليو، نوڪري ملڻ بعد حافظ کي سرڪاري ڪوارٽر پڻ مليو جنهن بعد حافظ ڳوٺ جي غريب ڇوڪرن کي حيدرآباد وٺي آيو ۽ کين پڙهايو، حافظ نوجوانن کي نه صرف پڙهايو پر سندن پنهنجي وس آهر مدد پڻ ڪئي، هن ڪڏهن به انهن مان لالچ نه رکي بس هڪ ڳوٺائي جي حيثيت سان سندن مدد ڪئي ته جيئن غريبن جا ٻار پڙهي لکي پاڻ ڀرا ٿين.
وقت جي گهڙي ٽڪ ٽڪ ڪندي گذرندي رهي ۽ ايئن 26 ڊسمبر 1999ع تي نواز سرڪار بنا ڪنهن سبب جي ايس آر ٽي سي کاتي کي بند ڪري ڇڏيو ۽ سوين ماڻهن سميت حافظ جي نوڪري پڻ تيل ٿي وئي، حافظ نوڪري نه هئڻ سبب خانگي اسڪولن ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو پر سندس انساني خدمت وارو جذبو گهٽجڻ بدران اڃا وڌي وڻ ٿي ويو، پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪاليج لا جدوجهد ڪيائين وڏيرن ۽ ايم پي ايز سان اکيون اکين ۾ ڏئي ڳالهايائين ۽ نيٺ سندس محنت رنگ لاتو ۽ ڳوٺ ۾ ڪاليج جڙي ويو، ڳوٺ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو فلٽر لڳرائڻ ۾ به وڏو ڪردار حفظ جو رهيو ، 2010 ۾ آيل مها ٻوڏ ۾ حافظ ڏينهن رات محنت ڪري راشن ۽ ٻيو سامان سڙو گڏ ڪري ميهڙ جي ٻوڏ متاثرن تائين پهچايو، ميهڙ ۾ ڪڪول واهه تان قبضا ختم ڪرائڻ لا به حافظ اڳبرو رهيو.
شاگردي واري دور ۾ حافظ ذوالفقار ڀٽي جو وڏو عاشق رهيو، ڀٽو سندس آئيڊيل رهيو، جڏهن ضيا ذوالفقار ڀٽي کي قيد ڪيو ته حافظ پنهنجي ڀلوڙ ڏاندن جي جوڙي مان هڪ ڏاند باسيو ته جڏهن ڀٽو صاحب آزاد ٿي ورندو ته ڏاند ڪهي خير ڪڍندس پر بدقسمتي سان ڀٽو صاحب شهيد ٿي ويو، ڀٽي صاحب جي شهادت بعد حافظ ڀٽي جي ٽيجهي تي کيس ايثال ثواب پهچائڻ لا ڏاند ڪهي خيرات پڻ ڪئي هئي.
حافظ علي گوهر وٽ هن وقت به ڳوٺ جا غريب شاگرد رهي پنهنجي علم جي اڃ اجهائي رهيا آهن، حافظ علي گوهر بروهي انساني خدمت خاطر روزانو حيدرآباد جي ايگريڪلچر ڪامپليڪس وٽ رات تائين ڳولهيندو آهي ته من ڪو بکايل ملي پوي جنهن جو پيٽ ڀري سگهان، هن چيو جڏهن ڪنهن غريب کي ماني کارائي پيٽ ڀريندو آهيان ته مون کي هڪ روحاني سڪون ملندو آهي، هن وڌيڪ چيو ته جنهن رات ڪنهن غريب کي ماني کارائيندو آهيان ان رات ڏاڍي سڪون جي ننڊ سمهندو آهيان، تنهن ڪري مان ايئن ڪندو آهيان، سندس ڳوٺائي يار دينو ماڇي ٻڌايو ته هن افراتفري واري دور ۾ جتي ڀا ڀا جو ناهي اتي اهڙا ماڻهو ملڻ ڏاڍو ڏکيو آهي جيڪي ٻين جي مدد ڪن اهڙا ڪم ڪو عام ماڻهو نه پر ڪو فرشتو ئي ڪري سگهي ٿو.
حافظ علي گوهر بروهي هن وقت ايگريڪلچر ڪامپليڪس وٽ روزانو شام جو نوجوانن کي ادب ۽ سياست بابت ليڪچر ڏيندو آهي جتي حيدرآباد جي مختلف علائقن کان نوجوان وٽس اچي سکيا وٺندا آهن.
هن دنيا کي پنهنجو پيغام ڏيندي چيو ته :
هي دنيا فاني آ، هتي ڪو به نه رهڻو آ، باقي رهندي ڳالهه اها جيڪا هتڙي ڇڏي ويندي.

هو چوندا آهن ته توهان سٺا تڏهن لڳو ٿا جڏهن اوهان جي مُک تي مرڪ آهي،
پر مان چوان ٿو ته مرڪ تڏهن سٺي لڳي ٿي جڏهن اها هر انسان جي چهري تي هجي