نبيل احمد ابڙو
رول نمبر: 2K15/MC/66
بي ايس پارٽ (ٽيون)
انسان ته هر جا تي پيدا ٿيندا آهن پر
انسانيت ڪنهن ڪنهن گهر ۾ جنم وٺندي آهي : حافظ علي گوهر بروهي
ڪي ماڻهو پنهنجي لا جيئندا آهن، ڪي پنهنجي
پيارن لا جيئندا آهن ته ڪي وري انساني خدمت ڪرڻ لا جيئندا آهن، حافظ علي گوهر
بروهي به انهن ماڻهن منجهان آهي، جيڪي خلق خدا جي خدمت لا جيئندا آهن، هو جيڪو
سدائين ڪنهن بکايل جو پيٽ ڀري خوش ٿيندو آ، هو جيڪو سدائين ڪنهن مسافر کي ٿڌ يا
گرمي کان بچائڻ لا جي ۾ جايون ڏيندو آ، هو جيڪو ڪنهن غريب جي مدد ڪرڻ
سان روحاني
سڪون حاصل ڪندو آهي.
حافظ علي گوهر بروهي جو جنم سنڌ جي مٺڙي شهر
ميهڙ جي هڪ
ننڍڙي ڳوٺ کهڙا وليج ۾ طوفاني هوائن سان 13 اپريل 1964 ۾ ٿيو، حافظ علي
گوهر شروعاتي تعليم آباڻي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پپرن جي وڻڻ جي ڇانو هيٺ ويهي حاصل ڪئي،
سندس والد کيس اسڪولي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ قرآن مجيد پڻ حفظ ڪرايو، سندس والد هڪ
هاري هو، حافظ علي گوهر بروهي کي ننڍڙي هوندا کان ئي ادب ۽ شاعري سان خاص لڳا هو
پر سندس والد شاعري ۽ ادب جو مخالف هو، حافظ شاهه جو رسالو ، بخاري جي شاعري ۽ ٻيو
مواد پنهنجي پي کان لڪي لڪي پڙهندو هو، هڪ ڏينهن سندس پي بخاري جو ڪتاب پڙهندي
ڏسي کيس مار پڻ ڪڍي هئي ته شاعري نه پڙهه، حافظ علي گوهر بروهي قرآن شريف حفظ ڪرڻ
بعد ڳوٺ جي مسجد ۾ نماز پڙهائڻ شروع ڪئي، نماز پڙهائڻ سان گڏوگڏ هن رمضان شريف ۾
رئيس رفيق جمالي جي ڳوٺ ۾ تراويح پڙهائي، پر بدلي ۾ کيس صرف هڪ ڪي ٽي جو جوڙو مليو
جنهن کيس ڏاڍو مايوس ڪيو ۽ هن نماز پڙهائڻ ڇڏي ڏني ۽ پنهنجي تعليم جاري رکندي انٽر
جو امتحان ڊگري ڪاليج ميهڙ مان پاس ڪرڻ بعد حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو جتي کيس ايس
آر ٽي سي کاتي ۾ بطور ڪلارڪ روزگار مليو، نوڪري ملڻ بعد حافظ کي سرڪاري ڪوارٽر پڻ
مليو جنهن بعد حافظ ڳوٺ جي غريب ڇوڪرن کي حيدرآباد وٺي آيو ۽ کين پڙهايو، حافظ
نوجوانن کي نه صرف پڙهايو پر سندن پنهنجي وس آهر مدد پڻ ڪئي، هن ڪڏهن به انهن مان
لالچ نه رکي بس هڪ ڳوٺائي جي حيثيت سان سندن مدد ڪئي ته جيئن غريبن جا ٻار پڙهي
لکي پاڻ ڀرا ٿين.
وقت جي گهڙي ٽڪ ٽڪ ڪندي گذرندي رهي ۽ ايئن 26
ڊسمبر 1999ع تي نواز سرڪار بنا ڪنهن سبب جي ايس آر ٽي سي کاتي کي بند ڪري ڇڏيو ۽
سوين ماڻهن سميت حافظ جي نوڪري پڻ تيل ٿي وئي، حافظ نوڪري نه هئڻ سبب خانگي اسڪولن
۾ پڙهائڻ شروع ڪيو پر سندس انساني خدمت وارو جذبو گهٽجڻ بدران اڃا وڌي وڻ ٿي ويو،
پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪاليج لا جدوجهد ڪيائين وڏيرن ۽ ايم پي ايز سان اکيون اکين ۾ ڏئي
ڳالهايائين ۽ نيٺ سندس محنت رنگ لاتو ۽ ڳوٺ ۾ ڪاليج جڙي ويو، ڳوٺ ۾ پيئڻ جي صاف
پاڻي جو فلٽر لڳرائڻ ۾ به وڏو ڪردار حفظ جو رهيو ، 2010 ۾ آيل مها ٻوڏ ۾ حافظ
ڏينهن رات محنت ڪري راشن ۽ ٻيو سامان سڙو گڏ ڪري ميهڙ جي ٻوڏ متاثرن تائين پهچايو،
ميهڙ ۾ ڪڪول واهه تان قبضا ختم ڪرائڻ لا به حافظ اڳبرو رهيو.
شاگردي واري دور ۾ حافظ ذوالفقار ڀٽي جو وڏو
عاشق رهيو، ڀٽو سندس آئيڊيل رهيو، جڏهن ضيا ذوالفقار ڀٽي کي قيد ڪيو ته حافظ
پنهنجي ڀلوڙ ڏاندن جي جوڙي مان هڪ ڏاند باسيو ته جڏهن ڀٽو صاحب آزاد ٿي ورندو ته
ڏاند ڪهي خير ڪڍندس پر بدقسمتي سان ڀٽو صاحب شهيد ٿي ويو، ڀٽي صاحب جي شهادت بعد
حافظ ڀٽي جي ٽيجهي تي کيس ايثال ثواب پهچائڻ لا ڏاند ڪهي خيرات پڻ ڪئي هئي.
حافظ علي گوهر وٽ هن وقت به ڳوٺ جا غريب
شاگرد رهي پنهنجي علم جي اڃ اجهائي رهيا آهن، حافظ علي گوهر بروهي انساني خدمت
خاطر روزانو حيدرآباد جي ايگريڪلچر ڪامپليڪس وٽ رات تائين ڳولهيندو آهي ته من ڪو
بکايل ملي پوي جنهن جو پيٽ ڀري سگهان، هن چيو جڏهن ڪنهن غريب کي ماني کارائي پيٽ
ڀريندو آهيان ته مون کي هڪ روحاني سڪون ملندو آهي، هن وڌيڪ چيو ته جنهن رات ڪنهن
غريب کي ماني کارائيندو آهيان ان رات ڏاڍي سڪون جي ننڊ سمهندو آهيان، تنهن ڪري مان
ايئن ڪندو آهيان، سندس ڳوٺائي يار دينو ماڇي ٻڌايو ته هن افراتفري واري دور ۾ جتي
ڀا ڀا جو ناهي اتي اهڙا ماڻهو ملڻ ڏاڍو ڏکيو آهي جيڪي ٻين جي مدد ڪن اهڙا ڪم ڪو
عام ماڻهو نه پر ڪو فرشتو ئي ڪري سگهي ٿو.
حافظ علي گوهر بروهي هن وقت ايگريڪلچر
ڪامپليڪس وٽ روزانو شام جو نوجوانن کي ادب ۽ سياست بابت ليڪچر ڏيندو آهي جتي
حيدرآباد جي مختلف علائقن کان نوجوان وٽس اچي سکيا وٺندا آهن.
هن دنيا کي پنهنجو پيغام ڏيندي چيو ته :
هي دنيا فاني آ، هتي ڪو به نه رهڻو آ، باقي
رهندي ڳالهه اها جيڪا هتڙي ڇڏي ويندي.
هو چوندا آهن ته توهان سٺا تڏهن لڳو ٿا جڏهن
اوهان جي مُک تي مرڪ آهي،
پر مان چوان ٿو ته مرڪ تڏهن
سٺي لڳي ٿي جڏهن اها هر انسان جي چهري تي هجي
No comments:
Post a Comment