فيچر
نبيل
احمد ابڙو
رول نمبر 2k15/MC/66
گئس
لوڊشيڊنگ سبب حمامن تي رش
شديد
سردي ۽ گئس غائب، ڪو ماني پچائڻ کان رهجي ويو، ڪو چانهه ٽائيم تي نه پي سگهيو ته ڪو غريب وري وهنجي
نه سگهيو، ڪو آفيس پهچي آفيسر جا دڙڪا ٿو سهي ته ڪو وري اسڪول دير سان پهچڻ سبب
ڪلاس کان ٻاهر بيٺل هوندو آهي، سيارو شروع ٿيندي ئي سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف
علائقن ۾ اهڙي صورتحال پيش ايندي آهي.
امير
ماڻهو ته ٽيڪنالاجي جو ڀرپور فائدو وٺندي گرم پاڻي گيزر مان حاصل ڪري ٿا وٺن پر
شهرن ۾ رهندڙ غريب ماڻهو ويچارو ڪيڏانهن وڃي، وهنجڻ ته ٺهيو پر چانهه ٺاهڻ جيترو
به پريشر ناهي.
نومبر
مهينو شروع ٿيندي ئي پريشر گهٽ هئڻ ڪري ماڻهن جي هائي گهوڙا مچي ويندي آهي، هر هنڌ
احتجاجن باوجود به ڪو کڙ تيل ناهي نڪرندو ۽ ساڳي ماني ساڳ سان وارو ڪم ٿي ويندو
آهي، ڪنهن ماڻهو چيو ته پاڪستان ۾ هر شئي جو توڙ پهريان ايندو آهي ۽ اها شئي بعد ۾ ايجاد ٿيندي آهي، ان چوڻي کي صحيح
ثابت ڪرڻ لاءِ حجام پنهنجن ڪوششن ۾ رڌل آهن، ڇو ته وهنجڻ لاءِ پريشان ماڻهن لاءِ انهن گرم پاڻي جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهن کي
سهولتون ڏيڻ لاءِ حجام ڪاٺين تي باهه ٻاري گيزر ذريعي پاڻي گرم ڪرڻ جو بندوبست ڪري
رکندا آهن، اڪثر اهي حمام اسان کي حجامن جي دڪانن تي ڏسڻ ۾ ايندا آهن، سياري جي
مند ۾ گئس جو پريشر نه هئڻ سبب ماڻهو پاڻي به گرم ناهن ڪري سگهندا، حجامن جي دڪانن
تي اهي وهنجڻ جون جايون ملنديون.
حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ تي واقع ايگريڪلچرل ڪامپليڪس ،جتي
لڳ ڀڳ 30 کان 35 حجامن جا دڪان آهن ۽ اڪثر دڪانن تي حمام پڻ موجود آهن، ايگريڪلچرل
ڪامپليڪس جتي رهندڙن جي اڪثريت بيچلر نوجوانن جي آهي جيڪي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهن
ٿا، اهي گئس جي لوڊشيڊنگ يا پاڻي جي اڻهوند ڪري
اڪثر صبح جي وقت ان حمامن جو رخ ڪندا آهن ۽ اتان وهنجي تيار ٿي ڪري
يونيورسٽي ويندا آهن، خاص ڪري ڊسمبر ۽ جنوري مهيني دوران نوجوانن جي رش لڳل هوندي
آهي، نوجوانن جو ان بابت چوڻ هو ته گهرن ۾ ته چانهه ٺاهڻ جيتري به گئس ناهي وهنجڻ
لاءِ پاڻي ڪيئن گرم ڪيون؟ ان لاءِ هتي وهنجي تيار ٿيندا آهيون، خرچ ته ٻيڻو ٿي
پوندو آهي پر ڇا ڪجي؟ دڪان مالڪ استاد خالد چيو ته اسان اهو ڪم 20 سالن کان ڪندا
پيا اچون ۽ نه صرف سياري پر گرمي ۾ به ماڻهو هتي وهنجڻ لاءِ اچن ٿا، پر سياري ۾ ته
ماڻهو فون ڪري چوندا آهن استاد! جاءِ رکجان، اسان ٿوري دير ۾ اچون ٿا، هن وڌيڪ چيو
ته گئس جو پريشر گهٽ هئڻ ڪري نه رڳو بيچلر ڇوڪرا پر آفيسن وارا ماڻهو پڻ هتي وهنجڻ
لاءِ اچن ٿا، هن ٻڌايو ته اسان وٽ لوهه
سان ٺهيل گيزر هوندا آهن جنهن کي هيٺان
ڪاٺين جي باهه ٻاري پاڻي گرم ڪيو ويندو آهي، ان کان علاوه ايندڙ ماڻهن لاءِ وهنجڻ
سان گڏ تيل ۽ ڪريم جي سهولت به موجود آهي، وهنجڻ جي رقم 30 کان 35 رپيا مقرر ٿيل
آهي پر ڪجهه منافعي خور دڪاندار سيزن شروع ٿيندي ئي اگهه 50 رپين تائين وڌائي
ڇڏيندا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان ٻن ٽن مهينن ۾ سٺي ڪمائي ٿي ويندي آهي، مطلب ته حڪومت گئس جو بحران پيدا
ڪري اسان حمامن وارن لاءِ روزگار جا وسيلا مهيا ڪيا آهن.
آڳاٽي دور ۾ سنڌ اندر حجامڪو ڪم
ته منگي برادري پاران ڪيو ويندو هو پر ٻين ڌنڌن جي کوٽ ۽ حجامڪو ڪم جي وڌندڙ گهرج
آهر ٻيون برادريون به هن ڌنڌي ۾ جنبي ويون آهن جڏهن ته هن وقت اهو ڪم ڪندڙ پنجابي ۽ سرائيڪي آهن، جيڪي صادق
آباد ۽ رحيم يار خان جي علائقي مان اچن ٿا، جيڪي حجامڪو ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ حمام تان
به سٺو ناڻو ڪمائي ٿا وٺن ان کان علاوه سيزن ۾ رش هئڻ سبب ٻيڻا پئسا ڪمائين ٿا.
No comments:
Post a Comment