شيرزمان کوسو
آرٽيڪل
BS Part 3
2K15/MC/82
سنڌ ۾ لائبررين جو قيام
ڪنهن به قوم جي ترقي جو دارومدار ان جي تعليم تي
آهي، جيڪڏهن اسان ترقي يافته ۽ ترقي پذير قومن جي ڀيٽ ڪنداسين ته اسان کي ٻنهي
ملڪن جي تعليم ۾ هڪ وڏو فرق نظر ايندو. ترقي يافته ملڪ تعليم تي گهڻو ڌيان ڏئي
ڪيترائي تعليمي ادارا قائم ڪندي انهن ۾ ٻيون
سوين سهولتون فراهم ڪندا آهن، جن ۾ لائبرري تمام اهم آهي. پنهنجي قوم کي تعليم
ڏيڻ ته هر ملڪ جو اهم رجحان رهيو آهي پر ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اتي لائبررين جو
قيام تمام اهم آهي. ڇو ته ڪنهن به قوم جون لائبرريون ان قوم جي تاريخ، ثقافت، قيمتي
نسخن، ٻولي ۽ سموري ورثي جون محافظ گاه
آهن.
هن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ جي ترقي جو دارو مدار
تعليم تي آهي، جڏهن ته معياري تعليم جي ضمانت لائبرري آهي. هن وقت سنڌ ۾ ڪيترائي
ڳوٺ تعليم کان وانجهيل آهن ته ٻي طرف جتي ٿوري گھڻي تعليم آهي، اتي جا شاگرد
لائبرري جي سهولت کان محروم آهن. هڪ پاسي لائبرريون ته موجود آهن، پر اهي بلڪل
ناڪاره بڻيل آهن. حڪومت جي گهٽ توجه سبب سنڌ ۾ موجود لائبررين جي انتظاميه به بي حسي جي ور
چڙهيل آهي. هن وقت سنڌ جي ڪاليجن ۾ لائبررين 17 گريڊ جون ڪيتريون ئي سيٽون خالي
پيل آهن ۽ انهن ۾ پروفيشنل لائبررن جي نه هئڻ ڪري اهي لائبريرون غير فعال ۽ بي لاڀ
بڻيل آهن. اتان جا شاگرد ڪتابن جي مطالعي کان محروم آهن. انهن لائبررين ۾ هميشه
ڪتابن جي کوٽ رهي آهي. جڏهن ڪتابن جي گهٽتائي بابت اتي جي انتظاميه کان پڇيو وڃي
ٿو ته اهي فنڊ نه ملڻ جو سبب ڄاڻائين ٿا ۽ جڏهن شاگردن کان انتظاميه بابت سوال ڪيا
وڃن ٿا ته اهي حڪومت سان گڏوگڏ انتظاميه کي قصور وار ٺهرائين ٿا. جنهن مان صاف
ظاهر ٿئي ٿو ته سرڪار لائبررين جي قيام ۾ ڪڏهن به دلچسپي ناهي ورتي.
تعليمي ايمرجنسي سنڌ جي تعليم کي معياري بڻائڻ
لاءِ هڪ بهترين قدم آهي. سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي کان پوءِ بايومئٽرڪ ئي اهڙو عمل
آهي، جنهن تي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ عمل ٿي رهيو آهي، پر تعليمي ايمرجنسي ۾
لائبررين طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي اسان جي سول سوسائٽي جي ليکڪن،
اديبن، شاعرن، صحافين ۽ ٻين سڄڻ ڌرين احتجاجن ۽ ڌرڻن ذريعي حڪومت کان لائبررين جي
ڪڏهن گهر ڪئي آهي. جنهن مان اها ثابتي ملي ٿي ته اسان جي معاشري جو سنجيده طبقو به
لائبررين جي حوالي سان خاموش آهي. تعليمي ايمرجنسي ۾ لائبرري کي سنڌ جي هر ڪاليج
جو حق مڃيو وڃي ۽ ان جي فراهمي لاءِ جلد کان جلد عملي قدم کنيا وڃن.
سنڌ جي
ننڊن شهرن ۾ لائبررين جو ڪو وجود ئي ناهي، جنهن جا اثر معاشري جي ڪيترن ئي فردن تي
پون ٿا، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر غريب شاگرد ٿئي ٿو. ڪتابن جي خريداري هيٺين طبقي
جي شاگردن جي وس جي ڳاله ناهي. آخر اهي
شاگرد پنهنجي علمي ضرورتن جي پورائي ڪٿان ڪن؟ لائبرري جي نه هجڻ تي معاشرو ڏينهون
ڏينهن ذهني مريض بڻجندو وڃي. هڪ ڪاليج لاءِ هڪڙي لائبرري ته پري جي ڳالهه آهي پر
چار کان پنج ڪاليجن کي گڏائي به هڪڙي لائبرري جي سهولت نه ٿي ڏني وڃي. جنهن جو
نتيجو اهو نڪري ٿو جو هزارين شاگرد ڪتابن جي مطالعي کان محروم ٿيو وڃن.
ضرورت هن عمل جي آهي ته تعليمي ايمرجنسي ۾
لائبررين کي اهم جاءِ ڏني وڃي. پهرين ته جتي لائبرريون موجود آهن اتي ان لائبررين
کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ان کان بعد جتي به ڪاليجن ۾ لائبرري جي سهولت
ناهي، اتي انهن جو قيام عمل آندو وڃي ته جيئن سنڌ جي نوجوانن کي ادب، تاريخ، فن،
ثقافت، ٻولي ۽ قوم جي هر پهلو بابت ڄاڻ ملي سگهي ۽ شاگردن سان گڏ نوجوان طبقو لائبررين
۾ ويهي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ غير اهم سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي بدران معاشري جي
سڌاري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. يا ائين نه ٿي جو اسان جي معاشري جا فرد پنهنجي
علمي، ادبي، ثقافتي، تاريخي ۽ تهذيبي حيثيت وساري ڇڏين. ان لاءِ سرڪار اڪيديمڪ
لائبررين کي قيام ۾ آڻي، جڏهن ته سول سوسائٽي پنهنجي وس آهر پبلڪ لائبررين جي قيام
لاءِ عملي قدم کڻي.
This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi, at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh
No comments:
Post a Comment