Thursday 23 March 2017

آرٽيڪل ، سنڌي ٻولي کي ٿيندڙ نقصان

آرٽيڪل
عبدالسبحان جمالي
بي ايس پارٽ 3
2k15/MC/05
سنڌي ٻولي کي ٿيندڙ نقصان
دنيا ۾ هر انسان توڙي جانور پکي توڙي پکڻ يعني هر جاندار جي پنهنجي ٻولي هوندي آهي انهي ٻولي يا  آواز سان هو هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا آهن ۽ سمجهن ٿا سڻائين ٿا. ائين انسانن کي به پنهنهجي ٻولي آهي اهو رنگ نسل يا ماڻهن جي رهڻي تي ناهي پر ٻولي قديم زماني کان قومن کي ورثي ۾ مليل آهي.وقت سان گڏوگڏ هر شئي جي ارتقا جي طرف وڃي پئي پوءِ اها رهڻي ڪهڻي ٻولي هجي هر ڳاله وقت سان گڏ نئون رخ وٺندي رهندي آهي ۽ ائين ريتون رسمون بدلجنديون رهيون آهن نواڻ انسان ذات کي هونئي به هميشه کان پسند رهي آهي جيڪا وقت جي ضرورت به آهي پوءِ به ڪجھ شئين کي سانڍڻوپوندو آهي جن ۾ ٻين سڀني کان ٻولي اول آهي جيڪا اسان ڪنهن حد تائين نه سانڍي سگھيان سين.
 اسان جي ڪوتاهين جي ڪري اسان جنهن شئي کي اصلي حالت ۾ نه سنڀالي سگھيا آهيون اها ٻولي آهي. انهي جا ڪيترائي سبب آهن مثلن عام ماڻهن جو پنهنجي ٻولي لاءِ رويو ان کي ڌڪ هڻي رهيا آهن ڌارين ٻولين جا ڪيترائي لفظ اسان جي سنڌي ۾ ائين استعمال ٿين پيا جيئن اهي هجن ئي اصل سنڌي جا پر هن دور ۾ هڪ ٻولي ٻي ٻولي تي اثر انداز ٿيڻ فطري آهي انهي جڳ مقصد اهو نه آهي ته اسان جي ٻولي ۾ اهي لفظ نه آهن ته اسان جي ٻولي ۾ اهي لفظ هوندي به اسان اهي استعمال نه ڪيو ۽ ٻين ٻولين جا لفظ ڪتب آڻيون.هن جديد دور ۾ اسان وٽ هر نيون شئيون دريافت ٿين ٿيون پر ائين ناهي ته انهن کي ڌارين جي ٻولي ۾ ئي سڏيو وڃي هالانڪ انهن جا نالا اسان جي سنڌي ۾ هوندي به نٿا استعمال ڪيو اهو هٿ سان ٿا پنهنجي ٻولي وساريون ٿا.
اسان جي نوجوان طبقو ماڊرن ٿيڻ جي شوق ۾ پنهنجي ٻولي کي عجيب صورتحال جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي، جيئن سنڌي ۾ لفظ موڪل آهي پر هاڻي (ڇٽي) چئبو آهي،ائين برسات بارش (مينهن)، ڇوٽو(ننڍو)، گڙيا (گڏي) ،اگر (جيڪڏهن) انار (ڏاڙهون) پودينو (ڦو دنو) دوپٽو( رئو يا گندي) لڙائي (ويڙھ) خون(رت) انڊو (آنو) دهي (ڏهي) چيز(شئي) منهن (وات) دوباره (ٻيهر) انڌيرو (اونده) ۽ ڀيڙ (رش) جيئن ٻيا الائي ڪيترائي اهڙا لفظ اسان روزمره پنهنجي ٻولي ملائي استعمال ڪري رهيا آهيون اهي لفظ هاڻي پنهنجي سڃاڻپ وڃائيندا پيا وڃن ۽ ٻيا الائي ڪيترائي اهڙا لفظ جيڪي آخري پساھ کڻن پيا.
ٻولي سان جيڪا جٺ صرف اها ناهي پر ٻيا الائي ڪيترائي جملا به پنهنجا وجود وڃائي ويٺا مثلن ڪيان ٿو  (ڪريان ٿو) کايان ٿو  (کاوان ٿو) ڍڪان ٿو ( ڍڪيان ٿو) ڪرو ( ڪيو) ۽ ٻيا کوڙ لفظ آهن جيڪي اڄ جو نوجوان  ڳالهائي ٿو ۽ انهن کي ئي صحيح سمجهي ٿو.

اهي سڀ فڪر گھٽ ناهن پر جڏهن اسان پنهنجي نئي ٽهي ڏانهن ڏسون ٿا ته انهن جي لا پنهنجي ٻولي سمجهڻ ،لکڻ يا پڙهڻ اتري ڏکي جيئن ڪنهن اڻ پڙهيل لا ڪتاب پڙهڻ ٻولي ۾ جيڪا ملاوٽ انگريزي ڳالهائي پيدا ڪئي وئي آهي اهو رنگ وري صفا ڌار آهي، پر ان ۾ ايترو ضروري آهي جو ٻين ٻولين يعني انگريزي لفظ جي سڃاڻپ ڪرڻ اسان کي آهي جي شروعات  جي ڳالھ ڪجي ته مختلف نظرين جي مطابق سنڌي مختلف ٻولين کان ٿيندي هاڻي وارو سنڌي جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي .ڪن نظرين مطابق سنڌي ڪنهن به ٻولي سان ناهي نڪتي ۽ موهن جي دڙي جي ٻولي مان آهي جيڪا قديم سنڌي ،وچين سنڌي ، موجوده دور واري سنڌي جي شڪل ۾ اسان موجود آهي پهريان سڀ نظريا پنهنجي جاءِ تي ۽ وقت سان گڏ ٿيل اثر به الڳ پر هاڻي جيڪو سنڌي ٻولي کي خطرو ٻين ٻولين کان آهي اهو ايترو جلدي ختم ٿيندي نظر نه پيو اچي .دنيا ۾ جتي به ٻولي کي خراب ٿيڻ جو خطرو محسوس ٿيو آهي انهن ان تي گھڻي حد تائين قابو ڪري ورتو آهي .ائين ئي هتي به سنڌي ڳالهيندڙن کي ان ذميواريوي کي محسوس ڪرڻ گھرجي ته جئين جيڪا سنڌي هن وقت اسان وٽ موجود آهي ان کي اڳتي بگاڙڻ کان بچائي سگھجي ۽ جيڪي لفظ اسان جي ٻولي ۾ موجود آهن انهن کي گھرجي ۽ حڪومت کي گھرجي ته ان لاءِ اثرائتا قدم کڻي بهتر اپاءِ وٺجن ته جئين هي قديم ٻولي کي ٻين ٻولين جي ورچڙهڻ کان بچايو وڃي.

No comments:

Post a Comment