Sunday, 2 April 2017

انٽرويو ڊاڪٽر ظفر عباسي : قرت العين سومرو - Quratul Ain Soomro




سنڌي ليڪک ڊاڪٽر ظفر عباسي سان ڱالھ ٻولھ 
انٽرويو ڪندڙ : قرت العين سومرو

تعارف:  ظفر عباسي ڊاڪٽر هئڻ سان گڏ شاعر ، ڪهاڻيڪار ، ناول نگار ، ڪالم نگار پڻ آھي
 پورو نالو ظفر الدين عباسي ( ڪلهوڙو ) آهي جڏهن ته ظفر عباسي سندس ادبي نالو آهي ، عباسي 2 اپريل 1964ع ۾ آباد تعلقو ڪنڊيارو ۾ جنم ورتو جتان هن ابتدائي تعليم پڻ حاصل ڪئي۔ ان کان پوء 83 ۾  lmc ۾ داخلا ورتي جتان mbbs جي ڊگري حاصل ڪئي
ڊاڪٽر ظفر عباسي محقق ، صحافي ۽ پبلشر طور  به  سڄاتو وڃي ٿو ۽ هڪ ايڊٽر طور پڻ ڪم ڪري چڪو آھي، ادبي ڪرير جي شروعات هن 1978ع کان ڪئي، 2007ع تائين هن جا 10 ڪتاب ڇپيا جنهن ۾ ڪهاڻين جي مجموعن سان گڏ شاعري ۽ تحقيق جا ڪتاب شامل آهن

سوال : اوھان جو بچپن ڪٿي گذريو، ۽ ابتدائي تعليم جو احوال تفصيلن ٻڌايو ؟

ج : مون جو بچپن ڪنڊياري ۾ گذريو، ڪنڊياري جي گهٽين ۾ ئي راند روند ڪئي ۽ پوء محنت مزدوري ڪري اڳتي وڌياسين ، پرائمري کان انٽر تائين جي تعليم گورمينٽ پرائمري سڪول ڪنڊيارو، هائي اسڪول ڪنڊيارو  ۽ گورمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان حاصل ڪئي، ان دور ۾ 6 7 8 ۾ ڪلاس هوندا هئا اي بي ۽ سي سيڪشن انهن ۾ فرسٽ پوزيشن ايندو ھئس ، انٽر کانپوء 1983ع ۾ وڌيڪ پڙھائي آيس ڄامشوري  ھليو  جتي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾  mbbs ۾ داخلا ورتي۔ 

سوال : ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟

ج: ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق نه هو ، ادبي ماڻھو هئس انڪري ادب سان ئي شوق ھو پر والدين ۽ استادن جي خواھش ھئي ته ڊاڪٽر ٿيان انهن جي خواهش اڱيان سمجهوتو ڪيو ۽ هاڻي مون کي لڱندو آھي ته اهو بهتر فيصلو هو

سوال : ادب ۾ دلچسپي ڪئين ٿي ۽ لکڻ جي طرف رجحان  ڪئين  ٿيو ؟  

ج : منهنجو والد صاحب لوڪ ڪهاڻين جا ڪتاب پڙھي بڌائيندو هو  سڀ ڀاتي ٻڌندا هئاسين اتان کان منهنجي ادب ۾دلچسپي ٿي ، ان طرف رجهان ٿيو ته ڪهاڻيون ٻڌجن پوء ڪهاڻيون پڙهڻ جو شوق ٿيو پڙهڻ کان پوء آھسته آهسته لکڻ  جو شوق ٿيو پوء ائين نثري ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون۔

سوال : پهرين لکڻي ڪڏهن  ڇپي؟ 

ج : 8 درجي کان ادب جي پاسي لاڙو ٿيو ته پڙهائي ۾ ٿورو گهٽ ٿيم ، 1979ع ۾ مئٽرڪ ڪلاس ۾ هيم ته منهنجو  پهريون ڪهاڻين جو مجموعو  ٰ گهرا گهرا گهاوٰ  جي نالي سان شايع ٿيو۔
انٽر ۾ ھيم ته ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ٰ تارا تارا هيٽھٰ  جي نالي سان ڇپيو۔ وري 1982ع ۾ ٽيون ڪهاڻين جو مجموعو ڇپيو جنهن جو اعنوان  هو ٰ  سوال چھرا جواب چھرا ٰ  

سوال : شروعات توهان نثر کان ڪئي ۽ جئين ته گهڻي وقت تائين توهان ادب جي ان ئي صنف تي لکيو پوء شاعري ڪرڻ تي ڪهڙي شيء توهان کي اتساھ ڏنو؟ 

ج : شاعري سان منهنجي شروع کان نه پوندي هئي پر جڏهن پبليڪيشن ادارو کوليو ته پوء مجبوري پيدا ٿي ، ماڻھو جڏھن شاعري لکي موڪليندا هئا ته لکندا ھئا غزل پر غزل هوندو نه   هو ، يا لکندا هئا نظم پر هوندو نه هو، پوء مون کي ٿيو ته اها خبر ڪئين پئي ته هي غزل يا نظم واقعي آھي 
يا نه پوء پهرين رھنمائي مون پنهنجي استاد کان ورتيته مونکي شاعري جي صنفن سان تعرف ڪرايو جيڪي شاعري جون مروي صنفون هيون انهن کان اگاهي استاد سکيا خان ۽ ٻين استادن ڏني پر صنفون گهڻيون هيون تنهنڪري ضرورت محسوس ٿي ته هڪ اهڙو ڪتاب هجي جنهن ۾ ان سڀن صنفن جي ڄاڻ هجي۔
ان ضرورت کي محسوس ڪندي مون هڪ ننڍڙو ڪتاب لکيو ٰ ٰشاعري جون صنفونٰ ٰ  پوء اهو فوٽو اسٽيٽ ڪرائي اتي ڪنڊياري ۾ جيڪي دوست شاعري ڪرڻ چاھيندا ھئا انهن کي ڏيندا ھئاسين ۽ مان به ان مان ئي سکندو ھئس ،مون شاعري لکڻ جي شروعات اداري کولڻ کان پوء ڪئي

سوال : پبليڪشن اداري کولڻ جو خيال ڪيئن آيو ؟

ج : 1979ع ۾ جڏهن منهنجو پهريون ڪتاب ڇپيو ته خيال آيو رگو پنهنجو ڪتاب نه ڇپجي ٻين کي به موقعو ڏجي ، پوء ساهتي پبليڪيشن جي نالي سان اداري جي شروعات ڪئي جنهن ۾ مون جو استاد سکيا خان چنا هو جنهن جي سربراهي ۾ مون پبليڪيشن جي شروعات ڪئي جنهن مختلف دوستن ۽ ليکڪن جا ڪتابن جا مجموعه ڪهاڻيون ۽ شاعري ڇپجڻ لاء ايندا هئا

سوال : اداري بند ڪرڻ جا ڪهڙا سبب هئا؟؟

ج : جيئن ته پبليڪيشن ادارو مون پڙهائي جي دوران ئي کوليو هو ، ان وقت ذهن ۾ اهو به هيو ته ڊاڪٽر ٿيڻو آهي جنهن  ڪري اداري  تي ايتري توجهه نه پيو ڏئي سگهان ان زماني ۾ ڪتاب کپائڻ جو ۽ رسائي جو ڪو نيٽ ورڪ نه هو جنهن جي ڪري سال ۾ سرف هڪڙو ڪتاب ڏئي سگهندا هئاسين 1979ع کان 1983ع تائين ادارو هليو پر جڏهن ڪنڊيارو ڇڏي ڄامشورو ڊاڪٽري جي پڙهائي لاء آيس ته اداري کي جاري نه رکي سگهيس

سوال : اسان جي معاشري ۾ هڪ ڊاڪٽر ۽ هڪ اديب جو ڪهڙو ڪردار آهي 

ج : ڊاڪٽر ۽ اديب ٻنهي جو ڪردار مسيحائي آهي ، پر اسان جي بد قسمتي اها آهي ته اهي ٻئي پنهنجو ڪردار وساري ويا آهن نه اديب ٿو پنهنجو اصل ڪردار ادا ڪري نه وري ڊاڪٽر، اديب پنهنجي نالي ۽ واه واه ۾ پورو  آ ته  ڊاڪٽر پنهنجي پئسي ميڙڻ ۾ پورو آ مسيحائي شعبو ڄڻ اسان کان کسجي ويو آ ۽ اهو وڏو سانحوآهي 

سوال : اوهان  ڊاڪٽر بهترين آهيو يا اديب  ؟

ج: اديب واري حيثيت سان ته فيصلو پڙهندڙ ڪندا مون کي خوشي اها آهي ته جيڪي ڪتاب منهنجا ڇپيا انهن مان ڪجهه ڪتاب اهڙا آهن جيڪي 2000 ڇپيا جيڪي اڄ به مارڪيٽ ۾ ملن نه پيا ان مان لڱي ٿو ته پڙهندڙ منهنجي لکڻ کي پسند ڪيو تڏهن مو مون جا ڪتاب مڪمل کپي ويا باقي گهڻي کان گهڻي ڪوشش منهنجي اها ئي هوندي آته شاعر ۽ اديب سان گڎ بهترين ڊاڪٽر هجان۔

سوال : پنهنجي سروس بابت ٻڌايو ؟

ج : هن وقت مان ميمڻ چيرٽي اسپتال لاطيف آباد ۾ پرائيويٽ ڊيوٽي ڪري رهيو آهيان او پي ڊي ۾ ۽ ان کان علاوه پنهنجي ڪلينڪ آھي  

سوال : ڊاڪٽري  واري شعبي ۾ هوندي توهان کي ڪهڙين مشڪلن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو 

ج : هڪ مريض جي ايڪاناميڪل صورتحال ڪڏهن ڪڏهن  ڪو اهڙو مريض اچي ويندو آ جنهن جي مرض جو علاج ان جي وس کان ٻاهر هوندو آ ته ان شيء کي فيس ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آ ، ٻيو مڊيڪل جي ڄاڻ پوري هوندي ۽ مڊيڪل جي ايتري ترقي کان پوء به ڪجه تڪليفون اهڙيون هونديون آهن جن جو علاج اسان وٽ فوري طور تي ناهي هوندو ته اها گاله به ڌاڍي تڪليف ده لگندي آهي

سوال : پڙھندڙن لاء ڪو پيغام ؟

ج : پڙهندڙن لاء پيغام اهو ئي آھي ته جيڪو به جنهن به شعبي ۾ وڃڻ چاھي ٿو ته هو ان شعبي سان انتهائي پر خلوص ٿي ۽ سچائي سان پنهنجون سموريون ڪوششون ان لاء استعمال ڪري ۽ ان ۾ ئي مهارت حاصل ڪري اها ان صلاحيت ٿيندي ۽ ان جي صلاحيت جو هٿيار جڏجن هن وٽ ھوندو ته هن لاء شعبو  انتهائي آسان ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو۔

Qurat-ul-ain Soomro
Bs part : 3 
2k15/mc/119

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi, at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh

Thursday, 23 March 2017

سنڌ ۾ لائبررين جو قيام : شيرزمان کوسو - Sher Zaman Khoso


شيرزمان کوسو
آرٽيڪل
BS Part 3
2K15/MC/82  
سنڌ ۾ لائبررين جو قيام
ڪنهن به قوم جي ترقي جو دارومدار ان جي تعليم تي آهي، جيڪڏهن اسان ترقي يافته ۽ ترقي پذير قومن جي ڀيٽ ڪنداسين ته اسان کي ٻنهي ملڪن جي تعليم ۾ هڪ وڏو فرق نظر ايندو. ترقي يافته ملڪ تعليم تي گهڻو ڌيان ڏئي ڪيترائي تعليمي ادارا قائم ڪندي انهن ۾ ٻيون  سوين سهولتون فراهم ڪندا آهن، جن ۾ لائبرري تمام اهم آهي. پنهنجي قوم کي تعليم ڏيڻ ته هر ملڪ جو اهم رجحان رهيو آهي پر ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اتي لائبررين جو قيام تمام اهم آهي. ڇو ته ڪنهن به قوم جون لائبرريون ان قوم جي تاريخ، ثقافت، قيمتي نسخن، ٻولي ۽  سموري ورثي جون محافظ گاه آهن.
هن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ جي ترقي جو دارو مدار تعليم تي آهي، جڏهن ته معياري تعليم جي ضمانت لائبرري آهي. هن وقت سنڌ ۾ ڪيترائي ڳوٺ تعليم کان وانجهيل آهن ته ٻي طرف جتي ٿوري گھڻي تعليم آهي، اتي جا شاگرد لائبرري جي سهولت کان محروم آهن. هڪ پاسي لائبرريون ته موجود آهن، پر اهي بلڪل ناڪاره بڻيل آهن. حڪومت جي گهٽ توجه سبب سنڌ ۾  موجود لائبررين جي انتظاميه به بي حسي جي ور چڙهيل آهي. هن وقت سنڌ جي ڪاليجن ۾ لائبررين 17 گريڊ جون ڪيتريون ئي سيٽون خالي پيل آهن ۽ انهن ۾ پروفيشنل لائبررن جي نه هئڻ ڪري اهي لائبريرون غير فعال ۽ بي لاڀ بڻيل آهن. اتان جا شاگرد ڪتابن جي مطالعي کان محروم آهن. انهن لائبررين ۾ هميشه ڪتابن جي کوٽ رهي آهي. جڏهن ڪتابن جي گهٽتائي بابت اتي جي انتظاميه کان پڇيو وڃي ٿو ته اهي فنڊ نه ملڻ جو سبب ڄاڻائين ٿا ۽ جڏهن شاگردن کان انتظاميه بابت سوال ڪيا وڃن ٿا ته اهي حڪومت سان گڏوگڏ انتظاميه کي قصور وار ٺهرائين ٿا. جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سرڪار لائبررين جي قيام ۾ ڪڏهن به دلچسپي ناهي ورتي.
تعليمي ايمرجنسي سنڌ جي تعليم کي معياري بڻائڻ لاءِ هڪ بهترين قدم آهي. سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي کان پوءِ بايومئٽرڪ ئي اهڙو عمل آهي، جنهن تي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ عمل ٿي رهيو آهي، پر تعليمي ايمرجنسي ۾ لائبررين طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي اسان جي سول سوسائٽي جي ليکڪن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ ٻين سڄڻ ڌرين احتجاجن ۽ ڌرڻن ذريعي حڪومت کان لائبررين جي ڪڏهن گهر ڪئي آهي. جنهن مان اها ثابتي ملي ٿي ته اسان جي معاشري جو سنجيده طبقو به لائبررين جي حوالي سان خاموش آهي. تعليمي ايمرجنسي ۾ لائبرري کي سنڌ جي هر ڪاليج جو حق مڃيو وڃي ۽ ان جي فراهمي لاءِ جلد کان جلد عملي قدم کنيا وڃن.   
 سنڌ جي ننڊن شهرن ۾ لائبررين جو ڪو وجود ئي ناهي، جنهن جا اثر معاشري جي ڪيترن ئي فردن تي پون ٿا، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر غريب شاگرد ٿئي ٿو. ڪتابن جي خريداري هيٺين طبقي جي شاگردن جي وس جي ڳاله ناهي.  آخر اهي شاگرد پنهنجي علمي ضرورتن جي پورائي ڪٿان ڪن؟ لائبرري جي نه هجڻ تي معاشرو ڏينهون ڏينهن ذهني مريض بڻجندو وڃي. هڪ ڪاليج لاءِ هڪڙي لائبرري ته پري جي ڳالهه آهي پر چار کان پنج ڪاليجن کي گڏائي به هڪڙي لائبرري جي سهولت نه ٿي ڏني وڃي. جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو هزارين شاگرد ڪتابن جي مطالعي کان محروم ٿيو وڃن.
ضرورت هن عمل جي آهي ته تعليمي ايمرجنسي ۾ لائبررين کي اهم جاءِ ڏني وڃي. پهرين ته جتي لائبرريون موجود آهن اتي ان لائبررين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ان کان بعد جتي به ڪاليجن ۾ لائبرري جي سهولت ناهي، اتي انهن جو قيام عمل آندو وڃي ته جيئن سنڌ جي نوجوانن کي ادب، تاريخ، فن، ثقافت، ٻولي ۽ قوم جي هر پهلو بابت ڄاڻ ملي سگهي ۽ شاگردن سان گڏ نوجوان طبقو لائبررين ۾ ويهي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ غير اهم سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي بدران معاشري جي سڌاري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. يا ائين نه ٿي جو اسان جي معاشري جا فرد پنهنجي علمي، ادبي، ثقافتي، تاريخي ۽ تهذيبي حيثيت وساري ڇڏين. ان لاءِ سرڪار اڪيديمڪ لائبررين کي قيام ۾ آڻي، جڏهن ته سول سوسائٽي پنهنجي وس آهر پبلڪ لائبررين جي قيام لاءِ عملي قدم کڻي.

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi, at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh


سنڌ جا نوجوان ۽ سي ايس ايس : ياسر سوڍر - Yasir Sodhar


سنڌ جا نوجوان ۽ سي ايس ايس
آرٽيڪل
ان ۾ ڪا شڪ جي ڳالهه نه آهي ته سنڌ جي تعليم ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام پٺ تي پيل آهي غربت، حڪومت جي لاپرواهي ۽ استادن جو سياسي ۽ رشوت جي بنيادن تي غيرقانوني ڀرتيون سنڌ جي تعليم جي تباهي جو اهم سبب آهن. خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ جا علائقا متاثر آهن جتي پهريائين تعليم جي کوٽ آهي ۽ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. انهن جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ انتهائي مشڪل هوندو آهي. ان هوندي به سنڌ جا نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت تعليم پرائين ٿا ۽ سخت محنت ڪري پنهنجو، پنهنجي والدين جي ۽ علائقي جو نالو روشن ڪري مان مٿانهون ڪن ٿا اسان جي معاشري جي هڪ روايت آهي ته جڏهن ڪو شاگرد ڪامياب ٿيندو آهي ۽ ڪنهن مقام تي پهچندو آهي ته اتان جا علائقي واسين انهن مان متاثر ٿي پنهنجي اولاد کي به پڙهائڻ ۾ ڌيان وڌائين ٿا ته جيئن هو پڙهي ڪامياب ٿيو آهي ائين ئي سندن اولاد به پڙهي ۽ ڪنهن مقام تي پهچي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪالهه سنڌ جا نوجوان سي ايس ايس لاءِ جاکوڙي رهيا آهن ۽ هر ممڪن وس ۽ محنت آهر امتحان ۾ ويهن ٿا انهن مان ڪجهه ڪامياب ٿين ٿا ۽ ڪي وري اميد جي ڪرڻن ۾ بيهي پنهنجي قسمت ۽ محنت تي يقين رکي وري نئين سر ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن هو سي ايس ايس جي امتحان ۾ ڪامياب ٿي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪري سگهن.
سي ايس ايس جا امتحان جن کي چٽاڀيٽي جا امتحان به سڏيو ويندو آهي، هي امتحان سڀني تعليمي امتحانن کان با لا اثر حيثيت رکن ٿا ۽ هن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ۽ جذبي جي ضرورت هوندي آهي، جيڪو هن ۾ڪاميابي ماڻي ٿو ته ان کي آفيسر شاهي جو مقام ملي ٿو وڃي، اهو ئي سبب آهي ته هر شاگرد جي خواهش هنن امتحانن ۾ ڪامياب ٿيڻ هوندي آهي. ملڪ جي ٻين صون جيان سنڌ ۾ به سي ايس ايس جو رجحان وڌنڌو پيو وڃي، هر سال وڌنڌو رهي ٿو هر سال شاگرد هن امتحان ۾ حصو وٺن ٿا پر ڪي ڪامياب ٿين ٿا. ته ڪي وري نئين اميدن سان ڪوششون جاري رکن ٿا. هر سال هي انگ تبديل ٿيندو رهي ٿو ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌيڪ رهيو آهي، سال 2009 ۾ سنڌ مان 98 اميدوار ڪامياب ٿيا جن مان 69 جو تعلق ٻهراڙي ۽ 29 جو تعلق سنڌ جي شهري علائقن سان هو._2010 جي سي ايس ايس امتحانن۾ 34 شاگرد ڪامياب ٿيا. جن مان 21 جو تعلق ٻهراڙي واري علائقن ۽ 13 جو تعلق شهري علائقن سان هو. سي ايس ايس جان امتحان سال 2011 لاءِ سنڌ جي ڪامياب ٿيل 97 اميدوارن مان 55 جو تعلق ٻهراڙي ۽ 42 جو تعلق شهرن سان هو_ سال 2013 جي امتحانن ۾ ڪامياب ٿيل شاگردن جو انگ گڻتي جوڳو آهي جنهن ۾ فقط اميدوار 22 ڪامياب ٿيا._2015 وارن امتحانن ۾ پوري پاڪستان جي 12176 شاگردن حصو ورتو جنهن مان 379 اميدوار پاس ٿي ڪامياب ٿيا، 379 مان 237 اميدوارن جو تعلق پنجاب ، 62 اميدوارن جو تعلق سنڌ،47 جو تعلق خيبرپختونخواهه،7 گلگت۽ 6 جو تعلق بلوچستان سان هو . شهري علائقن کان ٻهراڙي وارن علائقن جي ڪاميابي جو انگ هر سال وڌيڪ هوندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ جي آبادي 70 سيڪڙو ٻهراڙي ۽ 30 سيڪڙو شهري علائقن تي ٻڌل آهي هنن انگن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هاڻ سنڌ جا نوجوان اڳتي اچي رهيا آهن پر ڪجهه اهڙا شاگرد آهن جيڪي هنن امتحانن کي تمام گهڻو سنجيده وٺندا آهن ۽ سوچيندا آهن ته هنن ۾ ڪامياب ٿيڻ انتهائي مشڪل آهي سي ايس ايس جي امتحانن ۾ گذريل ڪجهه عرصي ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيو ويون آهن جن ۾ عمر جي حد جيڪا پهرين 24 سالن کان 28 سال هئي .جيڪا  هاڻي وڌائي 30 سال ڪئي وئي آهي. هي هڪ خوشي جهڙي ڳالهه آهي، پر امتحان ۾ ويهڻ جا موقعا صرف 3 ڀيرا فراهم ڪيا ويندا آهن. جيڪو سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن جي  محنتي شاگردن جي لاءِ مشڪل آهي، سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي علائقا آهن جتي تعليم جو رجحان تمام گهٽ آهي ۽ اتان جي خواهشمند اميدوارن لاءِ ڏکيو آهي.ته هو ٽن موقعن ۾ ڪامياب ٿين،ٿيڻ ائين کپي جو هر شاگرد لاءِ 5 موقعا فراهم ڪيا وڃن جيئن هو ان قابل بڻجي وڃن ۽ پنهنجي محنت جاري رکي سگهن ٻي وڏي تبديلي اها آهي ته 2018 کان سي ايس ايس جا پرچا قومي ٻولي اردو ۾ ورتا ويندا هي هڪ خوش آئند ڳالهه آهي ته اسان جي  قومي ٻولي اردو جيڪا انگريزي جي اثر هيٺ هلندي هئي سا هاڻي  هن قدم کڻڻ سان اردو کي فروغ حاصل ٿيندو ۽ هميشه زنده رهندي ۽ اميدوار پڻ هن کي وڏي چاهه سان سکندا چاهي هو ملڪ جي ڪهڙي به علائقي سان واسطو رکندو هجي.

سي ايس ايس ۾ هڪ ٻي تبديلي سامهون آئي آهي ته هڪ ڏينهن تي ٻه پرچا ورتا ويندا، جيڪا اسان جي نوجوانن لاءِ هڪ ڏکيائي پيدا ڪري سگهي ٿي ته  هڪ ڏينهن تي ٻه پرچا  ڪيئن حل ٿي سگهندا، اميدوارن تي هڪ نفسياتي دٻاءُ پوندو، جڏهن هڪ پرچو ڏيندا ته انهن کي ٻي پرچي جي سوچ ستائيندي ان سان ڪنهن حد تائين اميدوارن جي دماغ ۽ پرچن تي اثر ٿي سگهن ٿا. اهو ٿيڻ نه کپي ته هڪ پرچو صبح جو ۽ٻيو شام جو  ٿئي.اڄ ڪلهه  اسان جي سنڌ جا پڙهيا لکيا نوجوان وڏي آواز سان دانهون ۽ رڙيون ٿا ڪن ته سنڌ ۾ بيروزگاري آهي اها ته مڃيل ڳالهه آهي پر جڏهن اسين هڪ نظر آفيسر شاهي جي طبقن تي وجهون ته ان جون ڪيتريون ئي جايون هر سال خالي پيون وڃن پر اسان جا نوجوان ان طرف ڌيان ئي ڪونه ٿا ڏين سي ايس ايس جهڙيون اعليٰ ۽ اهم نوڪريون ڇڏي اسان جا نوجوان بس اهي نوڪريون ٿا ڳولين جنهن ۾ سندن پيٽ گذر ٿئي جنهن ۾ سپاهي ، ماستر ۽ ڪلارڪ وغيره اچي وڃن ٿيو. اسان جو پڙهيل لکيل طبقو بک ۽ بدحالي جون دانهون ڪندي به سنڌ جي حڪمراني لاءِ تيار نه آهن هر سال ٻين صوبن جا آفيسر سنڌ جي مختلف شعبن تي مقرر ڪيا پيا وڃن جن ۾ سي ايس ايس آفيسرن جووڏو تعداد آهي ان هوندي به سنڌ جون ڪيتريون ئي جايون خالي پيل آهن جن کي ننڍي سطع  جا عملدار بنا 
ڪنهن ڄاڻ جي هلائي رهيا آهن. 


This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi, at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh


آرٽيڪل ، سنڌي ٻولي کي ٿيندڙ نقصان

آرٽيڪل
عبدالسبحان جمالي
بي ايس پارٽ 3
2k15/MC/05
سنڌي ٻولي کي ٿيندڙ نقصان
دنيا ۾ هر انسان توڙي جانور پکي توڙي پکڻ يعني هر جاندار جي پنهنجي ٻولي هوندي آهي انهي ٻولي يا  آواز سان هو هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا آهن ۽ سمجهن ٿا سڻائين ٿا. ائين انسانن کي به پنهنهجي ٻولي آهي اهو رنگ نسل يا ماڻهن جي رهڻي تي ناهي پر ٻولي قديم زماني کان قومن کي ورثي ۾ مليل آهي.وقت سان گڏوگڏ هر شئي جي ارتقا جي طرف وڃي پئي پوءِ اها رهڻي ڪهڻي ٻولي هجي هر ڳاله وقت سان گڏ نئون رخ وٺندي رهندي آهي ۽ ائين ريتون رسمون بدلجنديون رهيون آهن نواڻ انسان ذات کي هونئي به هميشه کان پسند رهي آهي جيڪا وقت جي ضرورت به آهي پوءِ به ڪجھ شئين کي سانڍڻوپوندو آهي جن ۾ ٻين سڀني کان ٻولي اول آهي جيڪا اسان ڪنهن حد تائين نه سانڍي سگھيان سين.
 اسان جي ڪوتاهين جي ڪري اسان جنهن شئي کي اصلي حالت ۾ نه سنڀالي سگھيا آهيون اها ٻولي آهي. انهي جا ڪيترائي سبب آهن مثلن عام ماڻهن جو پنهنجي ٻولي لاءِ رويو ان کي ڌڪ هڻي رهيا آهن ڌارين ٻولين جا ڪيترائي لفظ اسان جي سنڌي ۾ ائين استعمال ٿين پيا جيئن اهي هجن ئي اصل سنڌي جا پر هن دور ۾ هڪ ٻولي ٻي ٻولي تي اثر انداز ٿيڻ فطري آهي انهي جڳ مقصد اهو نه آهي ته اسان جي ٻولي ۾ اهي لفظ نه آهن ته اسان جي ٻولي ۾ اهي لفظ هوندي به اسان اهي استعمال نه ڪيو ۽ ٻين ٻولين جا لفظ ڪتب آڻيون.هن جديد دور ۾ اسان وٽ هر نيون شئيون دريافت ٿين ٿيون پر ائين ناهي ته انهن کي ڌارين جي ٻولي ۾ ئي سڏيو وڃي هالانڪ انهن جا نالا اسان جي سنڌي ۾ هوندي به نٿا استعمال ڪيو اهو هٿ سان ٿا پنهنجي ٻولي وساريون ٿا.
اسان جي نوجوان طبقو ماڊرن ٿيڻ جي شوق ۾ پنهنجي ٻولي کي عجيب صورتحال جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي، جيئن سنڌي ۾ لفظ موڪل آهي پر هاڻي (ڇٽي) چئبو آهي،ائين برسات بارش (مينهن)، ڇوٽو(ننڍو)، گڙيا (گڏي) ،اگر (جيڪڏهن) انار (ڏاڙهون) پودينو (ڦو دنو) دوپٽو( رئو يا گندي) لڙائي (ويڙھ) خون(رت) انڊو (آنو) دهي (ڏهي) چيز(شئي) منهن (وات) دوباره (ٻيهر) انڌيرو (اونده) ۽ ڀيڙ (رش) جيئن ٻيا الائي ڪيترائي اهڙا لفظ اسان روزمره پنهنجي ٻولي ملائي استعمال ڪري رهيا آهيون اهي لفظ هاڻي پنهنجي سڃاڻپ وڃائيندا پيا وڃن ۽ ٻيا الائي ڪيترائي اهڙا لفظ جيڪي آخري پساھ کڻن پيا.
ٻولي سان جيڪا جٺ صرف اها ناهي پر ٻيا الائي ڪيترائي جملا به پنهنجا وجود وڃائي ويٺا مثلن ڪيان ٿو  (ڪريان ٿو) کايان ٿو  (کاوان ٿو) ڍڪان ٿو ( ڍڪيان ٿو) ڪرو ( ڪيو) ۽ ٻيا کوڙ لفظ آهن جيڪي اڄ جو نوجوان  ڳالهائي ٿو ۽ انهن کي ئي صحيح سمجهي ٿو.

اهي سڀ فڪر گھٽ ناهن پر جڏهن اسان پنهنجي نئي ٽهي ڏانهن ڏسون ٿا ته انهن جي لا پنهنجي ٻولي سمجهڻ ،لکڻ يا پڙهڻ اتري ڏکي جيئن ڪنهن اڻ پڙهيل لا ڪتاب پڙهڻ ٻولي ۾ جيڪا ملاوٽ انگريزي ڳالهائي پيدا ڪئي وئي آهي اهو رنگ وري صفا ڌار آهي، پر ان ۾ ايترو ضروري آهي جو ٻين ٻولين يعني انگريزي لفظ جي سڃاڻپ ڪرڻ اسان کي آهي جي شروعات  جي ڳالھ ڪجي ته مختلف نظرين جي مطابق سنڌي مختلف ٻولين کان ٿيندي هاڻي وارو سنڌي جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي .ڪن نظرين مطابق سنڌي ڪنهن به ٻولي سان ناهي نڪتي ۽ موهن جي دڙي جي ٻولي مان آهي جيڪا قديم سنڌي ،وچين سنڌي ، موجوده دور واري سنڌي جي شڪل ۾ اسان موجود آهي پهريان سڀ نظريا پنهنجي جاءِ تي ۽ وقت سان گڏ ٿيل اثر به الڳ پر هاڻي جيڪو سنڌي ٻولي کي خطرو ٻين ٻولين کان آهي اهو ايترو جلدي ختم ٿيندي نظر نه پيو اچي .دنيا ۾ جتي به ٻولي کي خراب ٿيڻ جو خطرو محسوس ٿيو آهي انهن ان تي گھڻي حد تائين قابو ڪري ورتو آهي .ائين ئي هتي به سنڌي ڳالهيندڙن کي ان ذميواريوي کي محسوس ڪرڻ گھرجي ته جئين جيڪا سنڌي هن وقت اسان وٽ موجود آهي ان کي اڳتي بگاڙڻ کان بچائي سگھجي ۽ جيڪي لفظ اسان جي ٻولي ۾ موجود آهن انهن کي گھرجي ۽ حڪومت کي گھرجي ته ان لاءِ اثرائتا قدم کڻي بهتر اپاءِ وٺجن ته جئين هي قديم ٻولي کي ٻين ٻولين جي ورچڙهڻ کان بچايو وڃي.

سنڌ ۾ صاف پاڻي پيئڻ جي کوٽ: رومانه مهيسر - Roomana Mahesar

. Observe paragraphs. No figure fact, too general. No specific reference
آرٽيڪل

سنڌ ۾ صاف پاڻي پيئڻ جي کوٽ


جيئن ته پاڻي انسان جي بنيادي ضرورتن مان هڪ وڏي ضرورت آهي ۽ جنهن کان سواءِ زندگي ناممڪن آهي. اسان هيڏي ايڊوانس دور ۾ جتي ماڻهن ٻين سيارن تي وڃي بصيره ڪيا آهن ۽ سائنس زندگي کي ايتري جديد ڪري ڇڏيو آهي، جو هر شيءَ آڱرن جي اشارن تي ملي پئي اتي اسان جي سٻا جهڙي سنڌ جا ماڻهو صاف پاڻي لاءِ به سڪي رهيا آهن ۽ گندي پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن. اسان اهو پاڻي پي رهيا آهيون. جيڪو گٽرن ۽ گندن نالن مان نڪري پيئڻ جي پاڻيءَ سان ملي ٿو ۽ اسان تائين پهچي ٿو ۽ اهو گندگي سان ڀريل پاڻي جڏهن اسان ۽ اسان جا معصوم ٻار پيئون ٿا ته ايتري ته مهلاڪ ۽ ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ٿا وڃون، جن جو علاج به ممڪن ناهي پر ان جي باوجود به اسان جي وقت جي حڪمران جي ڪن تي جون تڪ نه ٿي سرڪي ۽ شرڪي به ڇو جيڪي ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ صاف شفاف پاڻي ۽ جمي بوتلن جو مزو وٺندا هجن. انهن کي اسان عوام جي تڪليف سان ڪهڙو مطلب آهي، ٻيو ته ٺهيو  پر اسان جا وڏا شهر جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ سکر جيڪي سنڌ جا وڏا شهر سڏيا وڃن ٿا، اتي جا ماڻهو پاڻي جي آس ۾ ائين ويٺل ڏٺا آهن جيئن ٿر جا ماروئڙا بارش جي انتظار ۾ هوندا آهن. ٿر جيڪو قدرتي معدنيات سان مالامال آهي ۽ ملڪ ۾ اسان پنهنجي معيشت کي ٿر جي ڪوئلي سان مضبوط ڪيون بيٺا آهيون. اتان جا ماڻهو پاڻي جي لاءِ زمين ته نه پر آسمان ڏانهن نهاريندا آهن ته ڪڏهن ته اتي الله تعاليٰ جي رحمت وسي ۽ هو پنهنجي ٻچن ۽ جانورن کي سراب ڪن. اتي جڏهن الله تعاليٰ پنهنجي رحمت وسائي ٿو ته ماڻهو اهو پاڻي جمح ڪن ٿا ۽ پنهنجي ٻين عام ڏينهن ۾ استعمال ڪن ٿا. پاڻي نه صرف پيئڻ لاءِ ضروري آهي پر اسان جا فصل به پاڻي جا محتاج آهن. جيستائين زمين کي پاڻي نه ملندو، تيستائين فصلن جو ٿيئڻ به ممڪن ڪونهي. يعني اسان جي کاڌ خوراڪ به پاڻي کانسواءِ ممڪن ناهي. هن دور ۾ ماڻهو نئين شين کي ايجاد ڪرڻ ۽ نيون نيون ٽيڪنالوجيز تي تجربا ڪرڻ ۾ مصروف آهن. اتي اسان پاڻي جي کوٽ جي پريشانين مان ئي نه نڪري سگهيا آهيون.

ميرپورخاص ڇا وري “خاص” بڻبو؟ راول بنگلااڻي - Rawal Banglani

Make it reporting based
Provide photo
انبن جو شهر 
ڇا ميرپور وري “خاص” بڻبو؟

      تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته هزارين سال پراڻي تهذيب ۽ تمدن رکندڙ وادي مهراڻ دنيا جي سڌريل معاشرن مان هڪ مثالي معاشرو هو . موهن جي دڙِي  جي تاريخ مان چٽو ظاهر آهي ته اڄ کان هزارين سال اڳ به سنڌ جا ماڻهون پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي حوالي سان سڌريل ۽ شاهوڪار هئا ڇاڪاڻ ته ڦٽل شهر موهن جي دڙي جا آثار ۽ اتان هٿ آيل تاريخي شيون ٻڌائين ٿيون ته هي شهر باقاعدا منصوبه بندي تحت ويڪرن رستن ، پاڻي جي نيڪالي جي نالين ۽ ٻين زندگي جي ضرورتن سان واڳيل هڪ مثالي شهر هو .ان بعد جي تاريخ جي آئيني مان چٽو نظر اچي ٿو ته مختلف خاندانن جي دور حڪومت جهڙوڪ سما ، سومرا ، ڪلهوڙا، ٽالپر انگريزن جي دور حڪومت سميت سنڌ جا شهر توڙي واهڻ ۽ وسنديون باقاعدا منصوبه بندي تحت جوڙيل يا آباد ڪيل نظر اچن ٿيون. بلڪل اهڙي طرح تاريخي شهر ميرپورخاص جيڪو ماڻڪاڻي ٽالپرن سن 1801ع ۾ ڪي ٽي مير ٺارو خان ٽالپر مان لڏي اچي آباد ڪيو هو باقاعدا منصوبه بندي تحت آباد ڪيل هڪ مثالي شهر رهيو آهي .انب جو شهر ۽ ٿر جي ريگستاني علائقي جو گيٽ وي سڏجندڙ ۽ چٽوڙي ۽ ڪاهو جو دڙو جهڙا تاريخي ماڳ مڪان رکندڙ شهر موجوده حالتن جي حوالي سان ڏينهون ڏينهن پنهنجي موجوده ۽ تاريخي حيثيت وڃائيندي نظر اچي ٿو توڙي جو پنهنجي جعغرافيائي حيثيت ۽ معاشي خوشحالي جي حوالي سان هي شهر ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندو رهيو آهي ۽ آس پاس جي شهرن توڙي ڳوٺن جا ماڻهو هن شهر ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کي ترجيع ڏيندا رهيا آهن پر جيئن ته شهر جي ويڪرن رستن ۽ منصوبه بندي تحت ٺهيل پراڻيون آباديون جيئن هيرآباد ، ڀانسنگهه آباد ، ٿامس آباد، غريب آباد، کڏ پلاٽ وغيره جهڙيون ڪالونيون آبادي جي حوالي سان اڳ ۾ ئي ڳتيل هيون تنهن ڪري وڌندڙ آبادي ۽ هتي رهائش جو شوق رکندڙ ماڻهن جي تعداد کي نظر ۾ رکندي شهر جي آس پاس نئيون ڪالونيون آباد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. جنهن جي آغاز ۾ سيٽلائيٽ ٽائون ، گلشن حيدر ، علي ٽالپر ٽائون جهڙيون ڪالونيون ضروريات زندگي جي سهوليتين ۽ باقاعده پلاننگ سان جڙيون هيون مگر هتان جي ڪاروباري ذهن رکندڙ ماڻهن هن خوبصورت شهر جي ڪشش کي پنهنجي لالچ ۾ بدلاءِ ڇڏيو ۽ ويجهي ماضي توڙي اڄ ڏينهن تائين راتو رات امير ٿيڻ وارن لالچي ماڻهن شهر جي اتر کان ڏکڻ توڙي اولهه کان اوڀر تائين ويندي ذري گهٽ جمڙائو واهه جي ڪپ تائين تڪڙيون تڪڙيون مختلف نالن سان ڪالونيون ڪٽڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو . جن تي نظر وجهبي ته انهن ڪالونين ۾ ضروريات زندگي جون سهوليتون صرف ٽائون پلاننگ کان منظور ٿيل نظر اچن ٿيون باقي عملي طور انهن ڪالونين ۾ نه ئي تفريح 

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi, at Department of Media and Communication Studies, University of Sindh


آرٽيڪل , سينٽرل لائبريري سنڌ ينيورسٽي - Subhan Jamali




سينٽرل لائبريري سنڌ ينيورسٽي

ڪنهن به قوم جي شعور جي پرک ان جي ملڪ جي لائبريرين مان لڱائي سگهجي ٿي، لائبريريون نه  سرف زهني نشونما ڪن ٿيون بلڪ ماضي جا شاندار ورق به اٿلائن ٿيون،  اشياء جي وڏي ۾ وڏي ينيورسٽي، ينيورسٽي آف سنڌ ۾ موجود سينٽرل لائبريري به پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔ سنڌ ينيورسٽي جيڪا مادر علم سان به سڄاتي وڃي  ٿي، جنهن جي بنياد ڄامشوري جي پٿريلي زمين تي رکڻ کان پوء ھتي تعليم پرائڻ لاء ايندڙ شاگردن جي ضرورت کي ڏسندي هڪ جامع لائبريري جي ضرورت محسوس ڪئي وئي
سينٽرل لائبريري جو بنياد سنڌ ينيورسٽي ڄامشورو ۾ 1970ع ۾ رکيو  ويو جيڪو ( ايڇ آر ايڇ )  شاھ ڪريم رکيو ھو۔ سينٽرل لائبريري ڄامشورو پنج سالن جي عرصي ۾ 1975ع ۾ جڙي راس ٿي، لائبريري جو پهريون لائبريرين محمد علي قاضي ھو، 

ريڪٽينگل شڪل واري لائبريري ھڪ ڪتاب جي صورت جي علامت آھي جنهن جا 4طبقا آهن

لائبريري جي آخري طبقي تي لائبريري سائنس جو شعبو آھي جنهن جو باني پڻ ھن لائبريري جو پهريون لائبريرين محمد علي قاضي ھو
ھيء لائبريري ينيورسٽي جي وچ مرڪز تي اڏيل آهي جنهن جي هڪ طرف سوشل سائنسز جي فيڪلٽي آھي ۽ ٻي طرف نيچرل سائنسز جي فيڪلٽي آهي 
تقريباً 80ٖ 000  ڪتاب لائبريري جي اوريئنٽل سيڪشن ۾ موجود آهن ان کان علاوه پروفيسر اي ايل شيخ ٖ  پروفيسر مسٽر عبدلعزيز ميمڻ ٖ  ڊاڪٽر حڪيم شمس الدين ٖ  ڊاڪٽر نبي بخش قاضي ٖ  عثمانيه ينيورسٽي دلهي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا گڏ ڪيل مجموعه ھن لائبريري کي تحفي طور ڏنا ويا آهن 
ان کان سواء لائبريري ۾ ڪتابن جا ٻيا به ناياب مجموعه موجود آهن جن ۾ تقريباً 711 ھٿ جا لکيل ڪتاب  آھن  جيڪي 600 کان 800  سال پراڻا آهن لائبريري ۾ موجود 19 صدي جي لکيل ڪتابن جي تعداد 25000 آهي جيڪي مشرڪي ۽ مغربي ٻنهي ٻولين ۾ آهن۔ 

سينٽرل لائبريري جو 51 سمينار لائبريريون آهن جيڪي ينيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ آھن جن ۾ موجود ڪتابن جي تعداد 305095 يعني 3.5 لک آهي ھن لائبريري ۾ ھر قسم جو مواد موجود آهي جنهن ڪري طالب علم ان مان مستفيد ٿين ٿا 

۽ پنهنجي مرضي ۽ گهرج مطابق ڪتاب حاصل ڪن ٿا جنهن سان شاگردن جو وقت به بچي ٿو ۽ پئسن جي به بچت ٿئي ٿي
شاگردن کان سواء تحقيق ڪندڙ اسڪالرن کي به لائبريرين مان ضرورت مطابق مواد ملي وڃي ٿو مطلب ته ھي لائبريري نه سرف شاگردن لاء اهميت رکي ٿي پر سنڌ جي اسڪالرن لاء به مواد حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻيل آهي