Tuesday 31 January 2017

پروفائيل غلام نبي وساڻ ,سہیل

Intro should be interesting. Profile is also reporting based. Some quotes of people from this field, how people know him etc. Read some good profiles. links given on Roshni web site and on ur FB group. Do not insert pix in the file. File name is incorrect. Write ur name in the text file in Sindhi also

SUHAIL MANZOOR B.S Part III      2K15-MC-85
پروفائيل׃־
غلام نبي وساڻ (ايلڪٽورنڪس جو مستري)
غلام نبي وساڻ شهدادپور جو هڪ بهترين ايلڪٽورنيڪس جو مستري آهي. هن جو ڪم ايلڪٽورنيڪس ڊوائس جي ريپئر ڪرڻ آهي، هي ٽيپ ڊيگ امپليفاير ڪارون ٽيڪٽرن چنگچين ۽ ٻين گاڏين جي سائونڊو سيسٽم جي ائرينگ پڻ ڪندا آهن. غلام نبي وساڻ 1 ڊسمبر1969ع  ۾ ڪريم ڏينو وساڻنالي هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو.سندس ولِد جو نالو مبارڪ وساڻ آھي. پاڻ پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائي، اُن کان پوءِ ميٽرڪ جو امتحان شهدادپور بوائيز اسڪول مان پاس ڪيائي ۽ اينٽرميڊيٽ حيدرآباد مان ڪيائي.
 1982ع ۾ِ سندس جو والِد شهدادپور ۾ لڏي آيو. اُن کان پوءِ پاڻ پنهنجي تعليم سان گڏوگڏ هنر سيکڻ جي چاھ ھجڻ جي ڪري، پاڻ سائوڊ سيسٽم جي دڪان تي ان جي ريپيرنيگ جو ڪم پنهنجي استاد غلام حسين بروھي کان سيکيو. 1983ع ۾ جڏهن پاڻ ان هنر سيکڻ لاءِ ويا ان وَقت سندن عمر 14 سال هئي. سندس دلچسپي اُن ڪم ۾ ايتري هئي جو پاڻ اُهو ڪم جلدي سيکي ويا. پوءِ پاڻ اُهو ڪم پنهنجي اُستاد سان گڏ ڪندا رهيا. نون سالن کان پوءِ 1991ع ۾ سندس اُستاد اُهو ڪم ڇڏي شهدادپور مان لڏي ويا. پوءِ پاڻ اُهو ڪم جاري رکيو ۽ 1992ع ۾ پاڻ ساڳي هنڌ پنهنجو دڪان کوليائون
    هنن1992ع ۾ جڏهن پنهنجو دڪان کوليو ٿوري ئي وقت ۾ ماڻهن سندس ڪم ڏيسي سندنڪم جا ديوانا ٿي ويا. ڇاڪاڻ تـ پاڻ هميشه پنهنجو ڪم دل سان ۽ لگن سان ڪندا آهن. هر ماڻهون پاڻ وٽ اچي پنهنجي ٽيپ، ڊيگ يا لائوڊ اسپيڪر ٺاهرائڻ لاءِ هن وٽ ايندا آهن، اُن جي خاص وجـ هي بـ ھئي جو جاپاني ڊوائس جو ڪم هن کان علاوه شهدادپور جو ڪو ٻيو مستري نـ ڄاڻيدو هو.
ھنن پنهنجي ڪم ۾ اتري ترقي ڪئي جونـ صرف شهدادپور جا  ماڻھون بلڪي پاڻ وٽ پري پري جي علائقن مان ماڻهون اچڻ لڳا. سندس ڪم ۾ دلچسپي ۽ صفائي ڪري ماڻهون هن وٽ پري پري کان اچن ٿا اُن ۾ حيدرآباد، نواب شاھ، سانگڙ، هالا ۽ ٻين ننڊن شهرن جا ماڻهون بـ شامل آهن. حيدرآباد جي هڪ شخص چيو تـ منهنجي ڪار جو سائوڊ سيسٽم ۾ ڪا بـ خرابي ٿيندي آهي تـ مان اُهو تيسين تائين نـ ٺاهرائند آهيان جيسين تائين منهنجو شهدادپور نـ اچڻ ٿي.هالا جي ماڻهن جو پِڻ اِهو چوڻ آهي.
  غلام نبي جن جي دلچسپي هميشه پنهنجي ڪم ۾ رهي، ٽيپ، ڊيگ، سائونڊ سيسٽم کان علاوه پاڻ ڪارن ۽ موٽرسائنڪل جا پِڻ شوڪين آهن. موٽرسائينڪل تمام گھڻو شوڪ هئڻ ڪري پاڻ هميشه پنهنجي موٽرسائينڪل  کي تيار رکندو آهي ۽ موٽرسائينڪل ۾ ڪا خرابي ٿيندي آهي تـ ان کي پاڻ ٺاهيندو آهي. اُن کان علاوه کيس ريسلينگ ڏيسڻ جا بـ شوڪن آهن، جوئن سينا سندن پسنديدا ريسلر آهي. فيلمون ڏيسڻ جا شوڪن تـ نـ آهن پر کيس پي ڪي، تاري زمين پي ۽ ٿري اِڊييٽ فيلم پسند آهي. ۽ گانا ٻُڌڻ جا تمام گھڻا شوڪين آهن.
   ھنن وٽ ڪيترن ِئي شاگردن ڪم سيکيو آهي. جين مان ڪجھ شاگردن پنهنجو دڪان کوليو آهي ۽ ھڪ شاگرد اڄ بـ هن وٽ ڪم ڪري رهيو آهي. ۽ ھڪ اُن وٽ سيکي رهيو آھي.
   سندس ڪم ۾ ٽِيپ، ڊيگ، ام پي ٿري، امپليفائير، لائوڊ اسپيڪر ووفر ۽ اُنھن جي ڪارن، ونُن، ٽيڪٽرن، چنگچين ۽ ٻيڻ گاڏين ۾ فيٽينگ ۽ وائيرنگ پڻ ڪرڻ آهي. گرمي جي موسم ۾ گاڏين وارو ڪم گرمي جي ڪري تمام مشڪل ٿي ويندو آهي اُن ھوندي بـ هي پنھنجي ڪم کي پورو ڪندو آھي، پاڻ ھميشه چوندا آهن تـ سردي ھُجي يا گرمي انسان کي پوريھت ۽ محنت کان ڪڏهن بـ نـ ڀڄڻ گھرجي.
                       غلام نبي وساڻ پنهنجي ڪم کي جاري رکيو آهي ۽ سندس اِها ڪوشش آھي تـ پاڻ پنهنجي ڪم ۾  وقت سان گڏوگڏ تبديليون آڻي ماڻھن لاءِ بھترين ڪري سگھن ۽ ڪير بـ کانس مايوس ٿي نـ وڃي.      

No comments:

Post a Comment