Tuesday 31 January 2017

انٽرويو سليم چنا: سنجها سيد Sanjha Syed

Initial three questions should be made introduction and not part of interview
In media "Sir" is not written.
For feature, profile and interview foto is must
Send file with proper file name and subject line.
 اٺٽيهن سالن کان لکندڙ سنڌ جي اڻ ٿڪ ليکڪ سليم چنا سان ڳالهه ٻولهه


انٽرويو ڪندڙ: سنجها سيد

2K15-MC-77


سوال: سر توهان جو جنم ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيو؟
جواب: بنيادي طور تي منهنجو تعلق پاٽ شريف ضلعي دادو جي چنا ذات سان آهي منهنجو جنم 1956-9-17 تي حيدرآباد جي صدر واري علائقي جي گهر نمبر 485 ۾ ٿيو.

سوال: سر توهان پنهنجي ابتدائي تعليم ڪِٿان حاصل ڪئي؟
جواب: مون کي جولاءِ 1959ع ۾ نامياري تعليم دان پروفيسر اضيه خميساڻي حمايت الاسلام انگلش ميڊيم اسڪول تلڪ چاڙهي ۾ داخل ڪرايو. ٽن چئن سالن کان پوءِ منهنجي والد صاحب مون کي ميان علي بخش پرائمري اسڪول ۾ پهرئين سنڌيءِ ۾ داخل ڪرايو مون قرآن شريف جي تعليم پرائمري تعليم دؤران حاصل ڪئي. مسلم سائنس ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر پڙهيس ان کان پوءِ بي اي آرٽس ۾ 1979ع ۾ ڪئي ۽ ايم اي سنڌي ۾ 2003 ۾ ڪئي.

سوال: سر توهان پنهنجي Career جو آغاز ڪڏهن ۽ ڪِٿان کان ڪيو؟
جواب: 1975 July 14 ۾ مرڪزي اردو بورڊ جي لائبريرري منظور چيمبرس گاڏي کاتو ۾ سائين نياز محايوني وٽ نوڪري جي آسري ۾ ٻه مهينا بنا پگهار جي ڪلرڪي ڪيم ان کان پوءِ 9 مهينا اخبارن ۽ ڪتابن جي اسٽالن تي سيلز مين جي صورت ۾ رهيس. 1976-1-6 ۾ حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ مختلف اسپتالن ۾ پرائيويٽ ڊسپينسر ٿي رهيس ۽ چئن ڊاڪٽرن وٽ ڪمپائونڊري به ڪيم. ڊرپ ڊرينج اينڊ ريڪليمشن انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ۾ جولاءِ 1977ع کان مارچ 1979ع تائين ليبارٽري اسسٽنٽ طور رهيس. اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان حيدرآباد زون ۾ مارچ 1979ع مئي کان مئي 1984 تائين ڪيشئر ۽ ڪلارڪ رهيس ۽ پوءِ 1984 may 27 ۾ ڪسٽم ۾ انسپيڪٽر طور ڪم ڪيم. ۽ 2016 تي سپريڊينٽ جي پوسٽ تان retired ٿيو آهيان. اهو سڄو آهي منهنجو Job Career.

سوال: سر شاعر به آهيو توهان ته شاعري جي باري ۾ ڇا چوندا توهان؟
جواب: مونکي لفظ ۽ سُرن هميشه ئي Hunt ڪيو آهي، ته اِن ڪري مون ڪوشش ڪئي ته آئون شاعر ٿيا ۽ مون شاعري به ڪئي. منهنجو پهريون ڪتاب ڪهاڻين جو جنهن جو نالو ”سج منهنجي هٿن ۾“ آهي.

سوال: سر توهان جو ڪو پسنديده ڪتاب توهان جي پنهنجي مجموعي مان جيڪو توهان کي گهڻو وڻندو هجي؟
جواب: منهنجي پنهنجي ڪتابن مان مونکي منهنجو پهريون ڪتاب ”سج منهنجي هٿن ۾“ جيڪو ڪتاب آهي اهو پسند آهي ۽ دوستن کي به وڻيو آهي ان کان پوءِ مون ڪهاڻين ۾ هڪ نئي جدت آندي آهي جيڪو يورپ ۾ ته پهرين هو هتي به هاڻي شروع ٿي آهي پر مون ان ۾ تمام گهڻيون ڪهاڻيون لکيون آهن ”ون لائن اسٽوري“ ان ون لائن اسٽوري ۾ منهنجا 3 ڪتاب آيل آهن منع ٽئي ڪتاب سڄا ون لائن اسٽوري تي آهن. ۽ آئون سمجهان ٿو ته يورپ ۾ به اهڙو ڪو ڪتاب نه ڇپيو آهي جيڪو مڪمل ڪتاب ون لائن اسٽوري تي هجي منهنجي پهرين ڪتاب جو نالو ”سِٽ سِٽ قصو ڪٿا ڪهاڻي نئي پراڻي آکاڻي“ آهي ۽ منهنجي ٻئي ڪتاب جو نالو ”سِٽ سِٽ ڪهاڻي سليم چنا ٻڌائي ٿو آکاڻي“ ۽ منهنجي ٽئي ڪتاب جو نالو ”هڪ هِڪ سٽيون هڪ سئَو ڪهاڻيون آهي. منهنجا اهي ٽيئي ڪتاب 2013 ۾ ڇپيا.

سوال: سر جيئن ته توهان ٻڌايو منهنجا ٽي ڪتاب ”ون لائين اسٽوري“ تي آهن ته انهي ڪهاڻين جو گهڻو Focus ڪهڙي موضوع تي رکيو ويو آهي؟
جواب: انهن ۾ مون تمام گهڻا سماجي مسئلا، تاريخي ڳالهيون ۽ رومانس جون ڳالهيون ۽ معاشري ۾ نابرابري جون جيڪي زيادتيون ٿيون آهن انهن کي مون هاءِ لائٽ ڪيو آهي.

سوال: سر توهان لکڻ ڪڏهن شروع ڪيو؟
جواب: سال 1965ع ڌاري پرائمري پڙهڻ دوران ئي لکڻ شروع ڪيو. ڪلاس روم ۾ مانيٽر هجڻ جي ڪري پنهنجا ڪچا ڦِڪا شهر ۽ آکاڻيون لکي استادن جي چوڻ تي ٻڌائيندو هوس. اڳتي هلي ٻين ڪلاسن ۽ ان کانپوءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٻارڙن جي باري واري پروگرام ۾ پڙهندو هوس. پراڻو رڪارڊ ته موجود نه آهي. البته 10 مارچ 1969ع کان وٺي هيستائين جو لکيل مواد موجود آهي.

سوال: سر اهڙو ڪهڙو محرڪ جذبو آهي جنهن توهان کي لکڻ لاءِ اتساهيو؟
جواب: خدا جي فضل ۽ ڪرم سان سڄو خاندان پڙهيل لکيل هئڻ سان گڏ ادبي به هو ته ماحول جي ڪري به ۽ پنهنجي شوق جي ڪري به لکڻ ۾ دلچسپي ٿي.

سوال: سر ڪهڙي موضوع تي لکڻ زياده پسند ڪندا آهيو؟
جواب: جيئن ته توهان جڏهن به ڪا Short Story يا ڪو ڊرامو ڏسندا آهيو ته توهان اُن ۾ ڏسندا آهيو ته اُن ۾ ڪو رومانس جو عنصر آهي يا نه پوءِ توهان ڏسندا آهيو ته اِن کي روماه ڪندڙ آ يا مرد آهي يا عورت، تن اُن سان سماجي مسئلا ڪهڙا آهن ۽ معاشري ۾ جيڪي زيادتيون آهن انهن کي اسان هاءِ لائيٽ ڪيو آهي اهي منهنجا پسنديده موضوع آهن ۽ انهن تي منهنجا شاعري جا، آکاڻين جا ۽ ناولز جا ڪتاب لکيل آهن.

سوال: سر گهڻين ٻولين ۾ ڪتاب لکيا آهن توهان؟
جواب: مان سنڌي، انگريزي سرائيڪي، پنجابي ۽ اردو شاعري به ڪئي آهي باقي ڪهاڻين ۽ ناولز جا ڪتاب منهنجا سنڌي ۾ آهن.

سوال: سر ٽوٽل گهڻا ڪتاب لکيا آهن توهان؟
جواب: منهنجا ٽوٽل ڪتاب 28 اچي چڪا آهن ۽ اڃا به 30 ڪتابن جو مواد مون وٽ rough حالت ۾ پيل آهي ڇو ته آئون ڊائري به لکندو آهيان اهي ڊائري جي صورت ۾ پيل آهن 1500 سؤ کان مٿي بيت به پيل آهن جيڪي هاڻي ڇپبا اُن سان گڏوگڏ جيون خاڪا به لکيل آهن جيڪي هاڻي ڇپبا.

سوال: سر شاعري ۾ ڪنهن کي Ideal رکيو آهي ڪنهن جي شاعري مان زياده متاثر آهيو؟
جواب: پهرين ته شاهه سائين جو نالو وٺبو شاهه سائين پوري ڪائنات آهي منهنجو پسنديده شاعر شيخ اياز آهي آئون ان مان تمام گهڻو متاثر آهيان.

سوال: سر جيئن ته توهان ناول به لکيا آهن ته سڀ کان بهتر ناول ڪهڙو آهي توهان جي نظر ۾؟
جواب: مون چار ناول لڳاتار لکيا آهن منهنجو پهريون ناول ”سحر“ 2007 ۾ ڇپيو، منهنجو ٻيو ناول ”برسات“ 2008 ۾ ڇپيو، منهنجو ٽيون ناول ”گم ٿيل ماڻهو“ 2009 ۾ ڇپيو ۽ ”کيت خواب جهڙا“ ناول 2009 ۾ ڇپيا اهو منهنجو چوٿون ناول آهي. هاڻي مان توهان کي ٻڌايان ته مون هنن ۾ جيڪو ”گم ٿيل ماڻهو“ ناول لکيل آهي اهو موضوع جي حساب سان اِلاهي منفرد آهي، منفرد اِنهي ڪري آهي، جو هڪ ته مون ان ۾ پنهنجو Dictation  جيڪو آهي اهو آتم ڪٿا ئي رکيو آهي. معنيٰ آئون پاڻ پنهنجي آتم ڪٿا سان گڏوگڏ دنيا ۾ ٿيل جنگين عالمي جنگيون جنهن ۾ جيڪي نقصان ٿيا آهن يا انهن جنگين ٿيڻ جا جيڪي ڪارڻ آهن ۽ انهي جنگين سان ملڪ تي ڪهڙا اثرات ٿيا آهن سماج تي ڪهڙا اثرات پيا آهن تاريخ ۾ ڇا وهيو واپريو آهي مون اُن ناول ۾ ”گُم ٿيل ماڻهو“ ۾ ذڪر ڪيو آهي، اِن ڪري مان سمجهان ٿو ته منهنجو اِهو تاريخي ۽ آتم ڪٿا ئي ناول اِنتهائي اهميت جوڳو آهي.

سوال: سر لِکڻ لاءِ ڪو خاص وقت رکيل آهي يا ڪنهن به وانداڪائي جي وقت ۾ لکي وٺندا آهيو؟
جواب: لکڻ لاءِ مون کي ڪو به وقت مليو رات ملي، صبح جو وقت مليو شام جو وقت مليو، معنيٰ ڪو به وقت مليو آفيس ۾ مليو گهر ۾ مليو مانءَ لکي وٺندو آهيان جڏهن به ڪو خيال ذهن ۾ پڪو ٿيو ته ان کي شاعري جو روپ هجي ڪهاڻي جو روپ هجي يا آتم ڪٿا جو روپ هجي ته اهو آئون ڪري وٺندو آهيان.

سوال: سر ڪڏهن ڪو ايوارڊ وغيره مليو؟
جواب: ها مونکي ايوارڊ چار پنج مليا آهن، مون کي لرنرز ڪلب سينٽر آف ناليج حيدرآباد پاران 1979 ۾ ايوارڊ مليو، سنڌي ادبي سنگت شاخ بل جي پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ مليو. سوز هالائي ايوارڊ تخليقي ادب تي مليو. سنڌ ايوارڊ 2013 ۾ مرڪزي صدر جي حيثيت ۾ مليو. سنڌ راڻي ايوارڊ جاکوڙي اديب جو 2013 ۾ مليو ۽ ٻيا به اهڙا ڪافي ايوارڊ آهن جيڪي مون کي مليا.

سوال: سر توهان جي زندگي جي ڪاميابي جنهن کي ياد ڪرڻ سان خوشي ٿيندي هجي؟
جواب: ها زندگي جي ڪاميابي مان اِن کي ٿو سمجهان جو مان لکڻ چاهيو ۽ لکيم ۽ اِها ئي منهنجي زندگي جي ڪاميابي آهي.

سوال: سر هاڻي توهان Retired آهيو ته توهان جون Retirement کان پوءِ ڇا مصروفيات آهن؟
جواب: Retirement کان پوءِ به آئون پنهنجي لِکڻ پڙهڻ واري ڪم کي کڻيو اچان ۽ هينئر به منهنجا 42 پروفائيل لکيل آهن الگ الگ شخصتين تي جنهن جا مان First proof ڏسي چڪو آهيان، 1970 کان وٺي 1980 تائين جيڪي منهنجون حيدرآباد ۾ جيڪي سياسي ادبي ملاقاتون رهيون آهن اهي به اُن ۾ Compose ٿيل آهن پر اڃا مارڪيٽ ۾ ناهِن آيون.


                                        مهرباني سر.

No comments:

Post a Comment