Wednesday 22 February 2017

موبائيل ٽيڪنالاجي سبب سماج تي پوندڙ ناڪاري اثر

فيچر
ناصر عباس لسڪاڻي
رول نمبر 2k15/MC/67
ڪلاس بي ايس سال ٽيون

موبائيل ٽيڪنالاجي سبب سماج تي پوندڙ ناڪاري اثر

        ٽيڪنالاجي جي اچڻ سان ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اسين هاڻ پنهنجن پيارن سان رابطو ڪري سگهنداسين، نظرن کان ڏور ويٺلن سان آساني سان ڳالهائي سگهنداسين، انهي ڏورانهن ويڇن کي ختم ڪرڻ لاءِ هينئر تائين تمام گهڻيون ايجادون ٿي چڪيون آهن، جيئن ٽيليفون، ڪمپيوٽر، موبائيل فون وغيره پر اڄڪلهه انهن سڀني کان گهڻو استعمال موبائيل فون جو ڪيو ويندو آهي، جنهن کي اسان ايئن سمجهون ته خط جو ته بلڪل رجهان ئي گهٽائي ڇڏيو آهي.
پر شايد ڪنهن کي خبر نه هئي ته اها ئي رحمت مستقبل ۾ اسان لاءِ زحمت جو سبب بڻجي ويندي.
 معاشري جي هر ننڍي توڙي وڏي وٽ هينئر هٿن ۾ موبائيل نظر ايندو، چئبو ته سماج جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو موبائيل فون ذريعي ٻين ماڻهن سان ڳنڍيو پيو آهي، موبائيل فون جو استعمال اڄڪلهه جا نوجوان مڙئي گهڻي انداز ۾ ڪندا آهن، جنهن ڪري موبائيل فون تي ٿيندڙ دوستي وارو رجهان ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون موبائيل تي هڪٻئي سان رابطو ڪري پهريان ته مئسيجن تائين محدود رهي ڳالهيون ڪن ٿا ۽ پو وري ان مئسيج واري دوستي کي ڪال پئڪيج تي ڳالهائڻ واري دوستي ۾ بدلجندي گهڻو تائيم نٿو لڳي. هاڻ اها ڪال پئڪيج تي ڳالهائڻ واري دوستي وري پيار ۾ بدليو وڃي، جنهن سبب موبائيل دوستي جي ڪري سماج ۾ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي، بدمعاش ماڻهو معصوم ڇوڪرين کي پنهنجي ڳالهين ۾ ڦاسائي پهريان محبت جا اقرار ۽ پوءِ شادي جا واعدا ڪن ٿا، ۽ آخر ۾ ڇوڪري جي زندگي برباد ڪري وري ٻي ڇوڪري ٺاهڻ ۾ لڳي ويندا آهن.

ڪئين اهڙا مثال ملن ٿا جن ۾ ڇوڪرا موبائيل تي ٿيندڙ دوستي بعد ڇوڪرين سان شادي ته ڪن ٿا پوءِ شادي جي ڪجهه ئي مهينن اندر ڇوڪرا ڇوڪرين تي تي شق ڪرڻ شروع ڪندا آهن، شادي کان پوءِ ڪجهه مهينن تائين خوش رهيا ۽ اڳتي هلي اها ڳالهه طلاق تائين وڃي پهچندي آهي، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جنهن عورت پنهنجو گهر ۽ مٽ مائٽ ڇڏي ايڏي وڏي قرباني ڏني ان عورت کي گهران بيدخل ڪري ڪڍڻ ۾ دير ئي نه ڪندا آهن، جنهن سان ٿيندو ايئن آهي جو اهي ڇوڪريون پنهنجن والدين جي در جا دروازا ته پهريان ئي پنهنجي لاءِ بند ڪري اينديون آهن ۽ شادي جي ڪجهه ئي مهينن اندر سندن ور به گهران ڪڍيو ڇڏين، پوءِ انهن بي سهارا عورتن لاءِ فقط دارالامان ئي سهارو هوندو آهي جتي اهي ڇوڪريون پنهنجي بقايا زندگي جا ڏينهن گهاري پنهنجي ڪيل غلطي تي پڇتائينديون آهن ۽ پنهنجن پيارن مائٽن کي ياد ڪري کين صرف لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪنديو آهن.  

No comments:

Post a Comment